پاڪستان ۾ انساني حقن بابت ڇرڪائيندڙ رپورٽ
ملڪ جي نامياري دانشور ڊاڪٽر مهدي حسن جي سربراهيءَ ۾ هلندڙ انساني حقن جي تنظيم پنهنجي ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته 2010 جو سال اقليتن لاءِ هڪ خراب سال رهيو. اقليتن جي حوالي سان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ مجموعي طرح فرقيوار جهيڙن يا حملن ۾ 418 مسلمان مارجي ويا، ۽ 628 زخمي ٿيا، مارجي ويلن توڙي زخم کائيندڙن ۾ وڏو تعداد بريلوي سنين ۽ شيعن جو آهي.
اقليتن بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي نفرت سبب 99 احمدي ماريا ويا جڏهن ته پنجاب جي گوجرا واري علائقي ۾ 2009ع دوران عيسائين تي ٿيل حملن جي جوابدارن خلاف به ڪا جوڳي ڪارروائي نه ٿي. سرحد صوبي جي اورڪزئي ايجنسيءَ واري علائقي ۾ 102 سک خاندانن کي جزئي ڏيڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون جنهن سبب 25 سيڪڙو سک خاندان پنهنجي ابن ڏاڏن جا گهر ۽ علائقا ڇڏي هليا ويا هئا، جيڪي آپريشن کان پوءِ واپس ٿيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بلوچستان ۾ به اقليتن لاءِ سٺيون حالتون نه رهيون ۽ بلوچستان مان 27 هندو خاندان خوف سبب هندستان ڏانهن لڏي هليا ويا. انساني حقن واري تنظيم جي سيڪريٽري آءِ اي رحمان ان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته سياسي پارٽين به انساني حقن جي حالت کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو ڇاڪاڻ ته يا ته اهي دلال آهن يا وري مهرا ۽ گڏا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي. 2010 ۾ 64 ماڻهن تي توهين رسالت جا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ الزام هيٺ آيل ماڻهن مان ڪيترن کي جيل موڪليو ويو. توهين رسالت جي الزام هيٺ آيل ماڻهن مان هڪ مسلمان ۽ ٻن عيسائين کي پوليس جي پهري ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ان کانسواءِ 99 احمدين کي پڻ قتل ڪيو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا ڪجهه اهلڪار ماڻهن جو تحفظ ان ڪري نه ٿا ڪن جو هنن مان ڪي پاڻ به ان نفرت جا حامي آهن. ساڳي ريت ڪيترن هنڌن تي پوليس پاڻ به اقليتي مذهب رکندڙ ماڻهن کي ڏهڪائي ٿي.نتيجي طور طالبان ۽ شدت پسند جنونين جي اثرائتي نموني رستا روڪ نه ٿي ٿئي. آءِ اي رحمان ان معاملي ۾ حڪومت جي سرد مهري ۽ خاموشيءَ جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته توهين رسالت وارن قانونن ۾ تبديليءَ جون جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، سرڪار ان تي به خاموشي اختيار ڪئي ۽ جيڪي ماڻهو ان نفرت ۽ شدت پسند سوچ سبب ماريا ويا، سرڪار انهن سان ٺلهيءَ همدرديءَ جو اظهار به نه ڪيو. اهڙي صورتحال سبب ملڪ ۾ ڏکين ڏينهن جي اچڻ جو خطرو موجود آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لاهور جي هڪ سرڪاري تعليمي اداري ۾ هڪ شاگرد کي مذهب جي ڪري M.Sc۾ داخلا نه ڏني وئي. مذهبي نفرت وڌائڻ ۾ اردو ميڊيا جي ڪردار تي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مک اردو اخبارن ۾ 1468 -اهڙا مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکيا ويا جيڪي مذهبي نفرت جي باهه کي وڌيڪ ڀڙڪائين ٿا.
انساني حقن جي تنظيم جي ان رپورٽ ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي به انتهائي ڇرڪائيندڙ انگ اکر ڏنا ويا آهن ۽ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال دوران 12580 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ 16977 -اغوائن جا ڪيس رڪارڊ ٿيا جن مان 581 ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال 67 آپگهاتي حملا ٿيا جن ۾ 1159 بي گناهه ماڻهو مارجي ويا جن ۾ 1041 عام شهري هئا.
ڪراچيءَ جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو حوالو ڏيندي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ ڪل 538 ماڻهو ڳولي ڳولي نشانو بنائي يعني ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي ماريا ويا جن ۾ 237 سياسي ڪارڪن ۽ 301 عام شهري هئا. ساڳيءَ ريت لياري جي گينگ وار ۾ به 81 بي گناهه ماڻهو قتل ڪيا ويا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بلوچستان ۾ به 118 بي گناهه ماڻهو ماريا ويا جن ۾ 117 ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي قتل ڪيا ويا ۽ 40 زخمي ڪيا ويا. چونڊي چونڊي مارڻ يعني ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن مان 29 غير بلوچ سيٽلر هئا ۽ 17 ماڻهو اهل تشيع سان تعلق رکندڙ هزارا برادريءَ جا ماڻهو هئا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال 59 گم ٿيل ماڻهن جا لاش هٿ آيا جن کي پراسرار نموني قتل ڪيو ويو هو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال ملڪ جي تعليمي ادارن تي 163 حملا ٿيا جڏهن ته بلوچستان ۾ 2008 جي جنوري مهيني کان 2010 جي آڪٽوبر مهيني تائين 33 مهينن ۾ 22 استاد قتل ڪيا ويا. انساني حقن جي ان رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ بيماري ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ جا به انتهائي دل ڏاريندڙ انگ اکر ٻڌايا ويا آهن.
ٻارن بابت ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال جي ٻوڏ سبب ملڪ ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ ٻارڙا دربدر ٿيا جن ۾ 25 لک ٻارن جي عمر پنجن سالن کان گهٽ هئي. گذريل سال دوران 1154 ٻارن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو، گذريل سال دوران 170 ٻارن خودڪشي ڪئي ۽ 76 ٻارڙن پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي.
رپورٽ ۾ عورتن جي حقن جي لتاڙ جا به افسوس جا ڳوڙها آڻيندڙ انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال 791 عورتن کي ڪاري ڪري ماريو ويو، 2903 عورتن جي لڄن کي لٽيو ويو. رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته عورتن جي لڄالٽ جا سڀ کان وڌيڪ واقعا پنجاب ۾ ٿيا، رپورٽ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته گذريل سال 719 عورتن خودڪشي ڪئي 414 عورتن پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي. هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ هڪ عورت ويم جي بيماريءَ ۾ مري وئي. رپورٽ ۾ ملڪ ۾ بيمار ماڻهن بابت لڱ ڪانڊاريندڙ انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ رڳو رجسٽرڊ سائي جا مريض آهن، ٻيا لکين مريض جيڪي سائي جو مرض کنيو گهمندا ٿا وتن ۽ کين پنهنجي بيماري بابت اڃا ڄاڻ نه آهي، انهن جو تعداد ان کان سواءِ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هر سال سورهن لک ماڻهن کي مليريا ٿئي ٿي ۽ لڳ ڀڳ ساڍا ڏهه لک ٽي بي جا مريض رجسٽرڊ ٿيا آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو شوگر جا مريض آهن ۽ 15 لک ماڻهو اکين جي نور کان محروم يعني نابين آهن ملڪ ۾ هڪ لک جي قريب HIV ايڊز جا مريض آهن ۽ 5000 (پنج هزار) ايڊز جا مريض ان کان سواءِ آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جا 34 سيڪڙو ماڻهو نفسياتي مريض آهن يا نفسياتي مونجهارن جو شڪار آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايل ويو آهي ته گذريل سال 2399 ماڻهن خودڪشي ڪئي جنهن جو سبب بک، بيروزگاري، بيماري ۽ ٻيا سماجي ۽ نفسياتي مسئلا ۽ مونجهارا آهن.
( فيبروري 2011 ۾ نشر ٿيل )