سنڌي ٽوپين جو شهر- ڪنڌڪوٽ
خبرناهي ته اها ٽوپي، جنهن کي اسين اڄ سنڌي ٽوپي چئون ٿا، ان جي شروعات ڪٿان کان ٿي ۽ ڪيئن ٿي؟ ڇو ته موهن جي دڙي جي آثارن ۽ مورتن مان ڪٿي به سنڌي ٽوپي نه ملي آهي. پر لڳي ٿو ته موهن جي دڙي کان پوءِ اجرڪ مان ئي سنڌي ٽوپي ٺاهي وئي آهي جنهن جا نمونا آهستي آهستي بدلجي ويا آهن ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ ٽوپيءَ ۾ گلن، شيشن ۽ چلڪيدار ڌاڳن جو استعمال وڌيو آهي. ٻي صورت ۾ ٽوپي، اجرڪ جي ئي هڪڙي اوڌ يا ان مان ٺاهيل ڪا شيءِ عرف ”باءِ پراڊڪٽ“ لڳي ٿي.
ڪنڌڪوٽ ۾ ماڻهو جيئن ٽوپيون پائين ٿا ۽ جيتري گهڻي تعداد ۾ پائين ٿا، ان کان وڌيڪ سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ نه ٿا پائين. جيئن عام زندگيءَ ۾ ڪپڙو پائڻ لازم شيءِ آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت ڪنڌڪوٽ ۾ ذري گهٽ هر ماڻهو ٽوپي پائي ٿو. ها ائين ضرور آهي ته ڪي ڪي ماڻهو مختلف سببن جي ڪري ٽوپي نه به پائين ٿا پر انهن ماڻهن وٽ به پنهنجي گهر ۾ پنهنجي هڪ عدد ٽوپي پيل ضرور آهي، جيڪا هو ڪنهن خاص موقعي ۽ ڪنهن مهل تي پائين ضرور ٿا. جيئن عام طور تي ڪي ماڻهو، ڪي دوست هڪ ٻئي کي گڏ وٺي هلڻ لاءِ هيئن چوندا آهن ته، ”پاءِ بوٽ ته هلون“ ان لاءِ ڪنڌڪوٽ جا ماڻهو ”پاءِ ٽوپي ته هلون“ جو جملو چوندا آهن.
ڪنڌڪوٽ شهر جي آباديءَ ۾ موچارو تعداد هندن جو آهي ۽ واپار جي وڏين بازارن تي به هندو ڇانئيل آهن. ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جي شهرن جي ڪاروبار تي ڇانيل هندو، پنهنجي ٻروچ گراهڪن سان گهڻي ڀاڱي ٻروچڪي ڳالهائين ٿا ۽ هندو سيٺيا نه رڳو ٻروچڪي ڳالهائين ٿا پر ڪيترا هندو سيٺ، لٽو ڪپڙو ۽ ڏاڙهي مڇن جي ڪٽ به ٻروچن جهڙي رکائين ٿا. تنهن ڪري ڪنهن ٻاهران ايندڙ ماڻهوءَ کي گهٽ پتو پوندو ته هي دڪان هلائيندڙ ۽ ٻروچڪي ڳالهائيندڙ همراهه مسلمان آهي يا هندو يا ڪا شهري ذات آهي يا ٻروچ.
ڪنڌڪوٽ شهر ۾ هندو توڙي مسلمان سڀ سنڌي ٽوپيون عام جام پائين ٿا. نه رڳو ايترو پر ماڻهو شهر جو هجي يا ٻهراڙيءَ جو، ٽوپي سڀني لاءِ هڪ جيتري ضروري آهي. جنهن جي جهڙي ۽ جيتري حيثيت آهي اهو ان انداز جي ٽوپي پائيندو. ڪو دڪاندار هجي يا گراهڪ، ڊرائيور هجي يا مسافر، ڀت ڀاڄي وڪڻندڙ هجي يا گاڏي هلائڻ وارو، ڊکڻ هجي يا لوهر، وار ڪوڙائيندڙ هجي يا ڪوڙيندڙ، مزدور هجي يا رازو، ڊاڪٽر هجي يا مريض مطلب ته شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هوندو، جيڪو هن علائقي ۾ ٽوپي نه پائيندو هوندو.
ڪنڌڪوٽ جي بازار ۾ شايد ئي ڪو اهڙو دڪاندار هجي، جنهن جي مٿي تي سنڌي ٽوپي نه رکيل هجي. نه رڳو ايترو پر ڪنڌڪوٽ جي آفيسن، اسپتالن، اسڪولن ۽ اجتماع جي ٻين جاين تي هر ٽن ماڻهن مان ٻن ماڻهن کي ٽوپي پاتل نظر ايندي.
ڪنڌڪوٽ جي علائقي جا ماڻهو ٽوپيون ڇو ٿا پائين، ان بابت ماڻهن جا مختلف ويچار آهن. هڪڙن جو خيال آهي ته قديم سنڌي ۽ ٻروچ قبيلا پراڻي زماني کان مٿو اگهاڙو ڪري هلڻ کي عيب سمجهندا هئا، تنهن ڪري هو مٿي تي ٽوپي ضرور پائيندا آهن. ٻين جو خيال آهي ته ٽوپي پائڻ سان ماڻهوءَ جي سونهن سوائي ٿئي ٿي تنهن ڪري ماڻهو ٽوپي پائين ٿا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو وري ان کي پنهنجي پنهنجي قبيلي يا خاندان جي ثقافت يا روايت قرار ڏين ٿا.
ڪنڌڪوٽ جي دڪاندارن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٽوپي اونهاري ۾ وڌيڪ وڪامي ٿي جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ماڻهو ٽوپيءَ کي مٿي ڍڪڻ يا گرميءَ کي جهلڻ لاءِ به استعمال ڪن ٿا. سڄي سنڌ جي ماڻهن کي شايد خبر نه هجي پر اها ڳالهه رڳو ڪنڌڪوٽ وارن ماڻهن کي ئي خبر آهي ته سنڌي ٽوپيءَ ۾ به ڪيترائي قسم آهن ۽ اهي قسم شهرن ۽ قبيلن جي نالن سان سڃاتا وڃن ٿا. مثال طور، ٺل، گهوٽڪي، بخشاپور، سعيدآباد ۽ نواب شاهه جون الڳ الڳ ٽوپيون آهن ۽ انهن تي انهن ئي شهرن جا نالا رکيل آهن.
جڏهن ته ٻين ٽوپين ۾ قبيلن واريون ٽوپيون شامل آهن جن ۾ مهرن جي ٽوپي، بنگوارن جي ٽوپي، نونارين جي ٽوپي، بگٽين جي ٽوپي، ڊومڪين جي ٽوپي، کوسن جي ٽوپي، سومرن جي ٽوپي وغيره جا نالا شامل آهن.
ٽوپي سنڌ ۾ ڪٿي به ٺهندي هجي، پر اها ڦري گري ڪنڌڪوٽ جي بازار ۾ ضرور ايندي، ڇاڪاڻ ته هيءُ شهر ٽوپين جي وڏي ۾ وڏي منڊي يا مرڪز آهي.
ڪنڌڪوٽ جون ٽوپيون ڏيهان ڏيهه ڪهي وڃن ٿيون ۽ اهي چين، ايران، افغانستان، هندستان، سعودي عرب، دبئي، قطر، اومان ۽ مصر جا ڪنارا پڇائين ٿيون. ٻن سون کان شروع ٿيندڙ سنڌي ٽوپي هزارن جي قيمت تي دنگ ڪري ٿي.
(جنوري 2011ع ۾ نشر ٿيل)