يونيورسٽيون اسان جو مستقبل آهن
سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن الزام هنيو آهي ته 31 جنوري (2012ع) تي سنڌ جي گورنر هائوس ۾ ساڻن ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ سندن جيڪي مطالبا مڃيا ويا هئا ۽ جهڙيءَ ريت کين يقين ڏياريو ويو هو ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏاڪي به ڏاڪي سنئين واٽ تي آندو ويندو- ائين نه ٿيو آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سي نذير مغل کي ٽن مهينن جي عارضي موڪل ۽ پوءِ مستقل موڪل تي موڪلڻ بجاءِ کيس واپس ورائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن، ملازمن ۽ شاگردن جي گهڻائيءَ گورنر هائوس ۾ ٿيل معاهدي تان ڦري وڃڻ تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، يونيورسٽيءَ لاءِ ٻيهر تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن، ملازمن ۽ شاگردن ان وچ ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير جي ٽپي اچڻ تي به حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته استادن جي تحريڪ ۽ يونيورسٽيءَ جي هڪ مهيني جي بندش دوران، پراسرار نموني خاموش ويٺل وزيرتعليم پير مظهرالحق کي اوچتو اهو خيال ڪيئن آيو ته استادن جو وي سيءَ کي هٽائڻ وار مطالبو غيرقانوني آهي؟
سنڌ جي اعليٰ تعليم ڏانهن پيپلزپارٽي جي سرڪار جو لاتعلقي وارو روئيو نه رڳو افسوسناڪ پر خطرناڪ به آهي. ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ هائرايجوڪيشن صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ آهي. پر ارڙهين ترميم منظور ڪرائڻ جي ڪاميابيءَ تي شادمانا مالهائيندڙ پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار اڃا تائين سنڌ ۾ ارڙهين ترميم تي عمل نه ڪرايو آهي ۽ سنڌ جون سڀئي سرڪاري يونيورسٽيون گورنر جي ڪنٽرول ۾ آهن. پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ سرڪار هونئن ته سمورن کاتن ۾ پنهنجي اتحادين کي حصو پتي ڏئي سرڪار هلائي رهي آهي پر خبرناهي ته کانئس اها ڳالهه ڇو وسري وئي آهي ته ان ونڊ ورهاست واري مال غنيمت ۾ سنڌ جون يونيورسٽيون به آهن. ڪاش جيڪڏهن ائين به ٿئي ها ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي ٻهراڙين يا ننڍن شهرن ۾ قائم، سنڌ جي يونيورسٽين جي ٿوري مالڪي ٿئي ها پر ڪراچي کان سواءِ باقي سنڌ جي سمورن علائقن ۾ قائم سرڪاري يونيورسٽين کي بيواهه عورتن وانگي سرڪار جي سالياني گرانٽ ذريعي ساهه تڳائڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي ۽ پوءِ سنڌ جي گورنر هائوس جا هيٺين سطح جا ڪامورا، انهن بيواهه عورتن جهڙن ادارن جا فيصلا ڪن ٿا.
هينئر جڏهن 6 فيبروريءَ تي سنڌ يونيورسٽي ٻيهر کلندي، تڏهن علامه آءِ آءِ قاضي جهڙي مفڪر ۽ عظيم انسان جي هٿن سان آباد ڪيل هن يونيورسٽيءَ ۾ اندروني ويڙهه جو خطرو ٻڌايو پيو وڃي. استادن ۽ ملازمن اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي تحريڪ جاري رکندا، وائيس چانسلر صاحب جي ويجهن آفيسرن شاگردن کي اپيلون ڪيون آهن ته تحريڪ هلائيندڙ استادن ۽ ملازمن جو گهيراءُ ڪيو وڃي. پ پ جي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ هلندڙ هٿياربند شاگرد تنظيمن وري ڪجهه استادن تي تعليمي ماحول خراب ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، تنهن ڪري خطرو آهي ته سنڌ يونيورسٽي کي مصر جو اهو فٽبال گرائونڊ بنايو ويندو، جنهن ۾ هڪڙي ٽيم جا همدرد ٻي ٽيم تي حملي آور ٿيندا ۽ نتيجي ۾ مادر علمي ۾ موجود استاد، شاگرد ۽ ملازم هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهندا.
اهو هڪ سوچڻ جو مقام آهي ته آخرڪار بندش جو اهو بحران رڳو سنڌ جي يونيورسٽين ۽ خاص ڪري ٻهراڙين وارين يونيورسٽين سان ڇو آهي؟ سرڪاري يونيورسٽيون ته ڪراچيءَ ۾ به آهن ۽ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڳوڙ ڪراچيءَ ۾ ٿين ٿا پر پوءِ به ڪراچيءَ جون يونيورسٽيون مهينا ته ڇا پر ڪجهه ڏينهن به بند نه ٿيون رهن. اها تمام سٺي ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ جون يونيورسٽيون سدائين کليل رهن ٿيون پر اسان جي چوڻ جو مطلب آهي ته آخرڪار ائين ڇو آهي ته جڏهن يونيورسٽين جو چانسلر به ساڳيو آهي انتظامي زنجير به هڪڙي آهي پر بندش ۽ بدانتظامي هميشه سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين جي يونيورسٽين ۾ اچي ٿي. اسان پنهنجي ڪيترين ئي رپورٽن ۾ اڳي به ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندا آيا آهيون جنهن ۾ اسان ميڊيا سميت استادن، شاگردن، ملازمن، انتظاميا، والدين، سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي حصي جي فرض ۽ ڪردار جي نشاندهي ڪندا آيا آهيون. بهرحال ان ڏس ۾ سڀ کان وڏو ۽ بنيادي ڪردار وري به سرڪار ۽ يونيورسٽين جي چانسلر جو آهي؟
يونيورسٽي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ لاءِ ويهاريل رينجرز ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ به آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به پر اهو ڪهڙو سبب آهي جو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ رينجرز سرگرم ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ خاموش ويٺل آهي. گڏوگڏ سنڌ جا ماڻهو خاص ڪري باشعور حلقا اهو به ڄاڻڻ چاهين ٿا ته آخر ائين ڇو ٿو ٿئي ته سنڌ يونيورسٽي جهڙو ادارو مهينن جا پاند بند رهي ٿو ۽ قانون توڙي انتظاميا مهينن کان به وڏي ننڊ ۽ سستي ۾ رهن ٿا. ان سلسلي ۾ هڪ اهم سوال سنڌ جي گورنر هائوس بابت به آهي. صوبي جي آئيني سربراهه جي دفتر ۾ ڪيل ڳالهين ۽ ٿيل معاهدن تان ڪير، ڪيئن ۽ ڇو دستبردار ٿئي ٿو؟ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن سان ٿيل معاهدي تان آخرڪار ڇو هٿ کنيو ويو؟ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن جي معاهدي کان اڳ سنڌ گورنر هائوس ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ جي مزدور يونين سان به گذريل سال جولاءِ جي مهيني ۾ هڪ معاهدو ٿيو هو پر ڪي اي ايس سي پورهيتن 3 فيبروري تي هڪ وڏي احتجاجي ريليءَ ۾ اها شڪايت ڪئي ته سنڌ جي گورنر هائوس ۾ ٿيل ان معاهدي تي عمل نه ڪيو ويو آهي. گذريل ڪجهه عرصي کان اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي گورنر هائوس ۾ جيڪي به واعدا يا معاهدا ٿين ٿا انهن تي عمل نه ٿو ٿئي ۽ گورنر هائوس ڪجهه عرصي کان واعدا شڪنيءَ جي مرڪز طور مشهور ٿي رهيو آهي. گورنر هائوس ۾ ٿيل معاهدن جي ڀڃڪڙي ۽ واعدا شڪني جنهن مرڪز جي شهه تي رهي آهي اها ڪنهن عهديدار کان وڌيڪ ان آفيس ۽ عهدي جي توهين آهي. تنهن ڪري پ پ سرڪار ۽ واسطيدار ڌرين کي گورنر هائوس بابت ماڻهن جي اها راءِ به ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
سنڌ جا ماڻهو، سنڌ جي اعليٰ علمي درسگاهن جي اها افسوس جهڙي حالت ڏسي ڏسي تنگ ٿي پيا آهن ۽ هاڻي هو پنهنجي اعليٰ تعليم جي مرڪزن کي آباد ۽ اڳيان وڌندو ڏسڻ چاهين ٿا تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري پيپلزپارٽي جي سرڪار کان اها گهر ڪن ٿا ته، اڙرهين آئيني ترميم تي عمل ڪندي سنڌ جي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليم جا انتظامي اختيار سنڌ حڪومت ڏانهن منتقل ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي يونيورسٽين کي هلائڻ لاءِ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب صوبي وانگي هڪ انتظامي ادارو قائم ڪيو وڃي. سنڌ جا ماڻهو اها به گهر ڪن ٿا ته سنڌ جي اعليٰ علمي درسگاهن ۾ رٽائر ۽ ڪمائو ۽ پنهنجي ذهني صحت جو مدو پورو ڪرڻ وارن ڪامورن بجاءِ اهل، ايماندار ۽ علم دوست استادن ۽ آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي ۽ يونيورسٽين جي انتظام ۽ ڪاروهنوار کي هلائڻ لاءِ نظام ترتيب ۽ تجويز ڏيڻ واسطي هڪ ڪميشن مقرر ڪيو وڃي. سنڌ جا ماڻهو اها به گهر ڪن ٿا ته سنڌ جي اعليٰ علمي درسگاهن کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن جاهلن ۽ هٿياربند لوفرن کان آزاد ڪرائي سنڌ جي يونيورسٽين کي پرامن ۽ حقيقي مادر علمي بنائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل سڀني باشعور حلقن جي اها گڏيل راءِ آهي ته پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل ڪجهه شاگرد اڳواڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ دهشت پکيڙڻ ۽ هٿيارن جي نمائش جا ذميوار آهن. تنهن ڪري پ پ سرڪار کي انهن دهشت پسند هٿياربندن جي بحيثيت پارٽيءَ جي انهن جي وضاحت ڪرڻ گهرجي ۽ بحيثيت سرڪار جي انهن خلاف قدم کڻڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اعليٰ تعليم ڪنهن به قوم ۽ معاشري جي ترقي لاءِ اڳواڻ پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي جز آهي، تنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن جي ان کسيل حق کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي اعليٰ تعليم کي بڇايل اهي سڀئي جيجو ختم ڪري سنڌ جي يونيورسٽين ۾ هڪ اهڙو تعليمي ماحول پيدا ڪيو وڃي جيڪو هن خطي جي ماڻهن جي ترقي، خوشحالي ۽ مثالي امن دوستي ۽ آسودگيءَ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه اسان کي سمجهڻي پوندي ته سنڌ يونيورسٽيءَ سميت سنڌ جون يونيورسٽيون اسان جي ايندڙ نسلن ۽ ايندڙ زمانن جي ترقيءَ سان سڌي نسبت رکن ٿيون. تنهن ڪري اعليٰ تعليم جي هنن ادارن کي جيڪڏهن اهڙي ريت تباهه ڪيو ويو ته اسان جو مستقبل توڙي اولاد به يقينن تباهه ٿيندو. تنهن ڪري يونيورسٽين ڏانهن پنهنجي راءِ ۽ روش کي تبديل ڪرڻو پوندو.
سنڌ جون يونيورسٽيون ڪنهن وي سي ۽ ڪنهن وزير يا ڪنهن پارٽيءَ ۽ تنظيم جي خوشحالي ۽ خوشنوديءَ لاءِ نه پر سنڌ جي ايندڙ ايامن ۽ نسلن جي اعليٰ انساني آدرشن جي حصول جو ذريعو آهي، تنهن ڪري انهن يونيورسٽين کي قدر ۽ اهميت جي ان اک سان ڏٺو ۽ پرکيو وڃي.
(فيبروري 2012ع ۾ نشر ٿيل)