سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن وڌائڻ وارو مطالبو
سنڌ اسيمبلي هڪ چونڊيل ايوان آهي، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ووٽن ذريعي اهو اختيار ڏين ٿا ته اهي ميمبر اسيمبليءَ ۾ پهچي سندن ڀلائي ۽ بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪن ۽ اهڙا قانون ٺاهين، جيڪي ووٽرن جي ذاتي ۽ اجتماعي زندگي ۾ ڪا خوشي ۽ خوشحالي آڻين. ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبليءَ سميت سمورا چونڊيل ايوان ۽ ادارا عوام جي ووٽ ذريعي وجود ۾ اچن ٿا تنهن ڪري اهي ايوان، عوامي راءِ جي ترجمان هئڻ سبب مقدس ۽ مانوارا ٿين ٿا. پر ڇا انهن ايوانن ۾ ويٺل نمائندا، پنهنجي ووٽرن سان ڪيل واعدا نڀائين ٿا؟ يا ڇا انهن ايوانن ۾ ويٺل نمائندن کي پنهنجي فرض ۽ عوام جي قرض جو پورو احساس آهي؟؟
سنڌ اسيمبليءَ سميت سمورن چونڊيل ايوانن جا سڀ ميمبر يقينن هڪ جهڙا نه آهن پڪ سان هڪڙا ميمبر اهڙا به آهن، جن جون دليون کليل ۽ جگر ڪشادا آهن. انهن ميمبرن جي گهرن، اوطاقن ۽ دفترن جا دروازا سدائين کليل آهن. انهن جا موبائيل نمبر به لڳندا آهن ۽ سندن ڪو به ووٽر ساڻن ڳالهائي به سگهي ٿو. اهڙا ميمبر سدائين هجومن ۾ گهيريل هجن ٿا ۽ سندن چهرا ۽ اکيون سدائين ٻهڪندي ۽ ماڻهن کي مرڪن جي ڀليڪار چوندي نظر اينديون آهن. اهي عوامي نمائندا ماڻهن جا حقيقي نمائندا آهن ۽ علائقي جي عوام کي اهڙن نمائندن تي فخر هوندو آهي پر بدقستميءَ سان انهن نمائندن جو تعداد گهڻو نه آهي.
سنڌ اسيمبلي جي اهڙن معزز ميمبرن کان معذرت ڪندي جيڪڏهن سچ ڳالهائجي ۽ کانئن پڇجي ته اوهان اليڪشن ڪميشن وٽ پنهنجي ملڪيت جا جيڪي تفصيل جمع ڪرايو ٿا ڇا اهي سچا آهن ۽ ايمانداريءَ سان بيان ڪيل آهن؟ ڇا توهان وٽ واقعي به چڙهڻ ۽ سفر ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪارون يا گاڏيون نه آهن؟ اوهان ايترا غريب آهيو جو توهان اڌارين، ونگارو يا ڏوهل گاڏين تي چڙهو ٿا؟ عوام ته سدائين توهان کي گاڏين جي هجوم ۽ جلوسن ۾ ڏسي ٿو، پوءِ توهان جي گاڏين پٺيان ”هٽو هٽو“ جا هوڪا ڏيندڙ، ڀوائتين شڪلين وارا اهي هٿيار بند ڪير آهن ۽ اهي ڪنهن جي گاڏين ۾ چڙهيل آهن؟ ڪٿي ائين ته ناهي ته توهان جي شان ۽ شخصيت مٿان ڪنهن ماڻهو جو پاڇو به نه سهندڙ اُهي ”غريب گارڊ“ توهان لاءِ اهي گاڏيون به پنهنجي گهران ڪاهي آيا آهن؟ رڳو ايترو ئي نه پر توهان جي گهرن ۽ بنگلن ۾، تڪن، ترن ۽ ڳوٺن ۾، سرڪاري دفترن ۾ توهان جا جيڪي سيڪريٽري، ڪمدار ۽ ڪاراوا گاڏين ۾ هلن ٿا، يا توهان جي شوقن ۽ شڪارن خاطر پاليل پکي ۽ جانور، ڪتا ۽ ڪڪڙ جن گاڏين ۾ ڍوئجن ٿا، اهي سڀ گاڏيون توهان جون نه پر اڌاريون آهن.
سنڌ اسيمبليءَ جا بنا گاڏين وارا ميمبرو....! جيڪڏهن توهان کي پنهنجي ڪابه گاڏي نه آهي ته اوهان کي هيتريون گاڏيون ڪنهن تحفي ۾ ڏنيون آهن؟ پوءِ توهان کي انهن تحفيدارن جو تفصيل به بيان ڪرڻ گهرجي ته جيئن توهان جي تڪ جو ڪو غريب ۽ ويچارو ووٽر، وقت اچڻ تي اوهان جي انهيءَ مهربان کان پنهنجي بيماري لاءِ به ڪا مدد طلب ڪري سگهي. ڇا سنڌ اسيمبليءَ جا بنا گاڏين وارا ميمبر اهو سمجهن ٿا ته عوام سندن ڳالهين کي سچ ٿو سمجهي ۽ عوام مٿن مڪمل طرح اعتبار ڪري ٿو ته هو ايترائي غريب آهن ۽ وٽن چڙهڻ لاءِ ذاتي گاڏي به نه آهي؟!
اسان جو خيال آهي ته زمانو بدلجي چڪو آهي ۽ عوام هاڻي ايترو بيوقوف نه رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو غريب پنهنجي ايم پي اي کي يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي مُنهن تي سچ چوڻ جي جرئت نه ٿو ڪري يا هو لحاظ ۽ مروت سبب خاموش ٿو رهي ته ان جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته هو حقيقت کي نه ٿو سمجهي. اسان سنڌ اسيمبلي جي انهن ڪروڙ پتي ”ڪنگلن“ کي گذارش ڪنداسين ته هو پاڻ ۾ سچ ڳالهائڻ جي جرئت پيدا ڪن ۽ غلط بياني جي عادت ڇڏي، عوام سان سچ ڳالهائڻ جي شروعات ڪن. ائين نه ٿئي جو سڀاڻي توهان جي تڪ جو عوام، توهان جي ڳالهه کي غلط چئي، توهان جي پاران سچ ڳالهائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي.
جيستائين سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن وڌائڻ جي ڳالهه آهي تڏهن سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جو گذارو پگهارن تي آهي؟ هڪ محتاط اندازي موجب، سنڌ اسيمبليءَ جا ڏهه سيڪڙو به اهڙا ميمبر نه آهن، جن جو گذارو سندن پگهار تي هجي ۽ کين هر مهيني، ٻين پگهاردار ملازمن وانگي پگهار جو انتظار به هجي. ڪراچيءَ جي ڪجهه تڪن کان سواءِ باقي سڄي سنڌ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ تڪ مختلف خاندان جي قبضي ۾ آهن. جيئن اڳ ۾ اباڻا قبرستان ٻڌبا هئا ائين هاڻي اباڻا تڪ به سڏجن ٿا. هڪ محتاط جائزي مطابق سنڌ جا 50 سيڪڙو يعني اڌو اڌ تڪ اهڙا آهن جتي سنڌي وڏيرن جو گذريل مُني صديءَ کان قبضو آهي، 1936ع کان اڄ تائين وڏيرن جي ٽين پيڙهي انهن تڪن تي قابض آهي ۽ ٿوري ٿوري وقفي سان مسلسل چونڊون کٽندي ۽ حڪومت ۾ رهندي آئي آهي. باقي رهيل وڏيرا بعد ۾ سياست ۾ آيا ۽ هينئر سنڌ جا نوي سيڪڙو تڪ زميندارن ۽ وڏيرن جي قبضي ۾ آهن. قائم علي شاهه، خورشيد شاهه، منظور وساڻ، سيف الله ڌاريجي، اياز سومري، منور عباسي، ڊاڪٽر ستار راڄپر، غلام قادر چانڊئي، ڊاڪٽر سڪندر منڌري ۽ صادق ميمڻ کان سواءِ باقي سنڌ اسيمبلي جي 90 سيڪڙو ميمبرن وٽ هزارين ايڪڙ زمينن جو قبضو ۽ وڏيون ملڪيتون آهن، ڪروڙن جا ڪاروبار آهن ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ نوڪر آهن، پاڻ کي مير چورائيندڙ يا سردار سڏائيندڙ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جو ايوان ميرن ۽ سردارن کان سواءِ سيدن، رئيسن ۽ ڄامن سان به ڀريو پيو آهي ۽ هاڻي ان تي عام اتفاق آهي ته ايم پي اي جي سيٽ کٽڻ لاءِ چونڊ وڙهڻ تي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ خرچ اچي ٿو.
پوءِ اهڙن ميمبرن جي گهڻائي، جيڪي ڪروڙ خرچ ڪري اسيمبليءَ ۾ پهچن، جن وٽ هڪ درجن کان وڌيڪ نوڪر هجن ۽ مهيني ۾ سندن خرچ جو ڪاٿو ٻن لکن کان 12 لکن تائين هجي، ان کي سنڌ اسيمبليءَ جي مجموعي سراسري پگهار 35 هزار مان وڌائي جيڪڏهن ستر هزار به ڏجي ته ڪهڙو فرق پوندو؟ جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پگهار ٻيڻي به ڪئي وڃي ته اها 90 سيڪڙو وڏيرن ۽ ميمبرن جي نوڪرن جو خرچ به نه لاهيندي. تنهن ڪري اسيمبلي ميمبرن جي پگهار وڌائڻ جو ڪوبه تڪ يا دليل نه ٿو ٺهي.
بلڪ ائين ٿيڻ گهرجي ته سنڌ اسيمبليءَ جا اهي ميمبر جن وٽ هڪ درجن کان وڌيڪ نوڪر آهن هڪ هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين آهي هڪ مهيني جو سندن ذاتي خرچ پنج لک روپين کان وڌيڪ آهي، انهن کي رضاڪارانا طور اسيمبليءَ مان پگهار نه وٺڻ گهرجي ۽ کين پنهنجي پگهار ايڌي، سيلاني، سنڌ مدرسي يا سول اسپتال جي يورولاجي شعبي ۾ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي.
باقي سنڌ اسيمبليءَ جي اندر جيڪي اهڙا ميمبر آهن، جيڪي اسيمبليءَ جو سڄو مدو خاموش گذارن ٿا ۽ هڪ لفظ به نه ڳالهائين ٿا ۽ ”جهڙا آيا جڳ ۾- تهڙا ويا موٽي“ جي سٽ وانگي، ڳالهائڻ جي لحاظ کان پنج ئي سال ”ڪنوارو“ گذارين ٿا، انهن کي ته اسيمبليءَ اندر ڪرسي سيڙائڻ جو ڪرايو ادا ڪرڻ گهرجي.
(آگسٽ 2012ع ۾ نشر ٿيل)