تبديلين جو مهينو - آگسٽ
جيتوڻيڪ تاريخ جي ڪتابن ۾ 962ع واري زلزلي جو به ذڪر آهي، جنهن سنڌ جي اروڙ واري علائقن جا ٽڪر به ٽاڪي ڇڏيا هئا ۽ درياهن جا وهڪرا به مٽائي ڇڏيا هئا. ساڳيءَ ريت تاريخ جا ورق 1819ع واري ان زلزلي جي به نشاندهي ڪن ٿا جن سنڌ جي سرزمين سان ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کي ڳنڍيندڙ سنڌونديءَ جي ڪونئرو واري ڦاٽ کي به لٽي ڇڏيو. گڏو گڏ تاريخ ۾ ٻين به ڪيترن ئي زلزلن، زميني تبديلين، واچوڙن، مينهن، طوفانن، وبائن، بيمارين ۽ اهڙن ٻاهرين حملن جو ذڪر آهي، جنهن جا سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي نهايت نه مٽجندڙ نشان آهن پر 7 آگسٽ 2010ع واري مهاٻوڏ جي تباهين جا نشان، مٿي ڄاڻايل سڀني مصيبتن کان وڌيڪ ڳرا ۽ ڀوائتا آهن ۽ هن مهاٻوڏ ذريعي آيل تباهيءَ جا گهاءَ نه ڄاڻ ڪيترن سالن ۽ ڏهاڪن تائين اسان کي گهائيندا ۽ ماريندا رهندا.
7 آگسٽ 2010ع تي سنڌو درياهه ۾ آيل ٻوڏ جي بچاءَ واري ٽوڙي بند ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ ۾ تباهيءَ جا ڄڻ ڪيترائي بند ٽٽي پيا هئا. جنهن کانپوءِ پڪن پختن علائقن جا هزارين ڳوٺ ۽ شهر ڄڻ درياهه جي پيٽ ۾ اچي ويا ۽ سوين سالن جي پيار ۽ پورهئي سان جوڙيل ڪيترا جاڳندڙ جرڪندڙ تاريخي شهر توڙي ڳوٺ ٻڏي تباهه ٿي ويا. ٽوڙي جي بند ٽٽڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪو نقصان ٿيو ان لاءِ هڪڙا ته سرڪاري انگ اکر يا اندازا آهن ته سنڌ ۾ ان ٻوڏ کان پوءِ 23 ضلعن مان 17 ضلعا متاثر ٿيا، جن مان اٺ ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا يعني 74% (سيڪڙو) سنڌ متاثر ٿي. جنهن مان 35 سيڪڙو ته ڄڻ مڪمل تباهه ٿي. 16 لک خاندانن جا هڪ ڪروڙ ڀاتي دربدر ٿيا. ساڍن اٺ سؤ ارب رپين جو نقصان ٿيو. پر ٽوڙي واري بند ٽٽڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪا زبردست تباهي آئي آهي، ان سنڌ جي معيشت، معاشرت ۽متاثر ٿيل ماڻهن جي ذهنن ۽ روحن تي جيڪي اثر ڇڏيا آهن ۽ کين جيڪي نقصان پهچايا آهن، انهن جو ازالو شايد ڪڏهن به نه ٿي سگهندو.
سرڪاري کاتن ۽ عملدارن ته مهاٻوڏ ۾ ٿيل نقصان جو ظاهري ڪاٿو لڳايو آهي. مثال طور ٻڏي ويل فصلن جي نقصان جو ڪاٿو ته لڳايو ويو آهي پر کاري ۽ ٻاڙي ٿي ويل جرن جي پاڻيءَ جي نقصان جو ڪاٿو ڪيئن لڳائبو؟ ساڳيءَ ريت لڙهيل گهرن ۽ تباهه ٿيل رستن جي نقصان جو ڪاٿو ته لڳايو ويو پر ماڻهن جي برباد ٿيل خوابن ۽ لڙهي ويل همٿن جي نقصان جو اندازو ڪيئن لڳائبو؟ اهي ڳوٺ ۽ پاڙا جيڪي مڪمل طرح ميسارجي ۽ مٽجي ويا ۽ انهن جا ڌڻي، ٽٽل ٻيڙيءَ جي تختن جيان ترندا، لڙهندا الائي ڪيڏانهن ڪيڏانهن هليا ويا، انهن جي لڙهي ويل ڳوٺن ۽ بچي ويل انسانن جي بحالي ڪيئن ٿيندي؟ ان جو اندازو ڪرڻ نهايت مشڪل آهي.
هونئن ته سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ سنڌو درياهه جي عطا ڪيل خوشحالي سبب لکين ماڻهو سنڌ ڏانهن لڏيندا رهيا آهن پر سنڌو درياهه جي ٻوڏ سبب سنڌ اندڙ جهڙي طرح هڪ ڪروڙ ماڻهو پنهنجي ئي ديس اندر لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا، ان جو ويجهي ماضيءَ ۾ ڪو نشان نٿو ملي. هونئن ته ايشيا کنڊ جي هيءُ ڪنڊ سدائين جوکائتي جُوءِ رهي آهي. پر ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته ان جي 35 سيڪٽرو ايراضي مڪمل طرح ٻڏي وئي هجي ۽ ان جي چوٿون حصو آبادي گهر ٻار ڇڏڻ تي مجبور ٿي هجي.
ٽوڙيءَ جي ٽٽل بند اسان جي هزارين ڳوٺن ۽ شهرن جي بربادي، لکين ايڪڙ زمين جي تباهي، هڪ ڪروڙ ماڻهن جي دربدري کان سواءِ اسان جي سرڪاري ادارن جي اهليت جي لڄ تان به لٽو لاهي وڌو آهي ۽ اهو پڌرو ڪري ڇڏيو آهي ته آبپاشي، روينيو ۽ انتظامي کاتن وٽ ڪم ڪرڻ، مصيبتن کي مُنهن ڏيڻ ۽ بي گهر ماڻهن کي بحال ڪرڻ جي ڪيتري صلاحيت آهي؟ مهاٻوڏ جي تجربي، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي اڪثريت جي پت ۽ ساک به وائکي ڪري وڌي آهي، جيڪي رڪارڊ ۽ اسٽيج تي عوام مٿان ”قربان قربان“ پيا ٿيندا آهن پر ٻوڏ ۾ هنن جهڙي طرح متاثرن جي بحالي جو مال کاڌو، انهيءَ مان اندازو ٿيو ته پاڻ کي سول سوسائٽي جا نمائندا سڏائيندڙ بذات خود ڪيترا uncivilized يا غيرمهذب آهن.
مهاٻوڏ ۾ ڪراچيءَ وارن جي مهمانوازيءَ واري موٽ به پڌري ٿي پئي. جنهن ۾ هنن 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ واري مهمانوازيءَ جي موٽ ۾ آگسٽ 2010ع ۾ ڪراچيءَ اندر عارضي طور آيل سنڌ جي ٻوڏ سٽيلن لاءِ اعتراض ڪري ظاهر ڪئي. 7 آگسٽ 2010ع تي ٽوڙي واري بند ٽٽڻ کان پوءِ تباهي ته گهڻي ٿي پر ان ٻوڏ جي نتيجي ۾ اسان جي حڪومتي ادارن، اين جي اوز ۽ نانءَ ڪٺين سنڌ دوست سڏائيندڙن جي ڀرمن جا به بند ٽوڙي وڌا آهن، ٽوڙي واري ٽٽل بند جي نتيجي ۾ ٿيل نقصانن جي ڪيترن ئي نقصانن جو اندازو لڳايو ويو آهي پر اسان کي مجموعي طرح اهو اندازو به ٿي وڃڻ گهرجي ته اسان قدرتي مصيبتن ۾ نااهلين جي نقصانن جو مقابلو ڪرڻ جي ڪيتري اهليت رکون ٿا؟
( ڊسمبر 2010 ع ۾ نشر ٿيل )