تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

سنڌ کي پکين وارو داڻو نه پر انسانن واري امداد گهرجي

سال 2010ع جي آگسٽ مهيني ۾ آيل سنڌو درياهه جي تاريخي ٻوڏ ملڪ ۾ مجموعي طرح ۽ سنڌ ۾ خاص طرح جيڪا تباهي آندي آهي ان لاءِ گڏيل قومن جي اداري پڻ چيو آهي ته ان ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۽ نقصانن جو اندازو لڳائڻ ممڪن ئي نه آهي.
جيستائين سنڌ ۾ ٺٽي جا بند نه ٽٽا هئا ۽ جيستائين حمل ڍنڍ ۽ منڇر جي بندن مٿان پاڻي نه اٿليو هو، تيستائين سنڌ سرڪار چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ستر لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ هاڻي جڏهن حمل، منڇر ۽ ٺٽي ۾ سنڌو دريا جا ساڄا ۽ کاٻا ڪنارا ٻڏي چڪا آهن، تيستائين سنڌ ۾ دربدر ٿيل ماڻهن جو انگ هڪ ڪروڙ تي پڄي چڪو آهي. 1998ع جي آدم شماري مطابق جيڪڏهن سنڌ ۾ ڇهن ماڻهن تي هڪ گهراڻو تسليم ڪيو وڃي ته به تازي ٻوڏ سبب سنڌ ۾ سورهن لکن کان وڌيڪ خاندان دربدر يا بي گهر ٿيا آهن، ان حساب سان سنڌ ۾ رڳو سورهن لکن کانوڌيڪ خاندان بي گهر نه ٿيا آهن پر سورهن لک گهر به تباهه ٿيا آهن.
اها ڳالهه ته سرڪار پاڻ به مڃي ٿي ته سنڌ ۾ ڏهن لکن کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا آهن. ساڳيءَ ريت سنڌ ۾ هڪ لک اوطاقون ۽ هڪ لک دڪان، هوٽلون ۽ مانڊڻيون به تباهه ٿيون آهن. ٻڏي تباهه ٿيل مسجدن، مسافرخانن، سرڪاري اسڪولن، اسپتالن، ٽپال گهرن ۽ ٿاڻن جو تعداد ان کان سواءِ آهي. سرڪار پاڻ ڄاڻايو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 17 ضلعا متاثر ٿيا آهن ۽ انهن مان اٺ ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن جنهن جو مطلب هي آهي ته سنڌ 74 سيڪڙو متاثر ٿي آهي جنهن مان 35 سيڪڙو ڄڻ مڪمل طرح تباهه ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ اهي 16 لک گهراڻا جيڪي مڪمل طرح تباهه ٿيا آهن، انهن ۾ هڪ اندازي موجب هڪ لک گهراڻا خوشحال گهراڻا آهن باقي 15 لک گهراڻا اهي آهن،جيڪي ڏيهاڙي يا مهيني جي ايتري ڪمائي ڪندا هئا، جنهن مان هو مشڪل سان پنهنجو گذر سفر ڪري سگهندا هئا ۽ تازي ٻوڏ کان پوءِ انهن 15 لک گهراڻن جو گهر، زمين، جايون، دڪان، سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي ۽ هاڻي هو رستن تي کلئي آسمان هيٺان يا ڪيمپن ۾ رهڻ تي مجبور آهن سنڌ ۾ دربدر ٿيل انهن 15 لک خاندانن جي بحالي ڪيئن ٿيندي ۽ اها سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ۾ امدادي ڪم يا ڀلائي جو ڪم ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ وڏي للڪار آهي.
سنڌ ۾ هن وقت تائين ٻوڏ ستايلن جي جيڪا امداد ٿي آهي، اها گهربل امداد جو پنج سيڪڙو به مَس آهي، حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ هن وقت تائين ماڻهن کي مليل امداد، ڪنهن مريض کي مليل فوري طبي مدد يا فرسٽ ايڊ جهڙي آهي. جڏهن ته علاج مڪمل طرح اڃا اڳتي ٿيڻو آهي. هن وقت تائين ٻوڏ ستايل ماڻهن کي ڪيمپن ۾ ائين ۽ ايتري امداد ڏني وئي آهي، جيئن ڪراچيءَ جي سنڌ سيڪريٽريٽ واري ڪبوتر چونڪ تي، پکين سان پيار ڪندڙ ماڻهو کين اڇلائي داڻو ڏيندا آهن. سڄي سنڌ جي ٻوڏ ستايل ماڻهن ۾ سمورين ڌرين - حڪومت، ڀلائي وارن ادارن ۽ سخي دل ماڻهن به اهڙي طرح راشن ورهايو آهي.
پر سنڌ حڪومت کي، سنڌ ۾ ٻوڏستايلن جي بحاليءَ لاءِ ڪم ڪندڙ فردن ۽ ادارن کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته سنڌ جا هڪ ڪروڙ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهو جهنگ جا پکي نه پر تاريخ ۾ خوشحال رهندڙ سنڌ جا شهري آهن، تنهن ڪري انهن هڪ ڪروڙ ماڻهن کي رڳو هڪ هفتي جي راشن جي ٿيلهي ڏيڻ سان يا هڪ مهيني جي خوراڪ جي ٻوري ڏيڻ سان سندن بحالي جو ڪم ۽ فرض پورو نه ٿيندو. تنهن ڪري سنڌ ۾ ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ لاءِ هڪ پئڪيج جي نه پر ڪيترن ئي پئڪيجن جي ضرورت آهي.
ٻوڏ سٽيل علائقن جي بحاليءَ لاءِ سڀ کان پهريون ۽ وڏو ڪم روڊن، رستن، پلين، ريلن ۽ واهن جي بحالي آهي. ڇاڪاڻ ته ان سان ماڻهن جي اچ وڃ، پاڻي جي رسد ۽ ٻاهران ايندڙ ضرورت جي مال جي رسد ممڪن ٿيندي. انفرااسٽڪچر جي بحالي کان پوءِ تباهه ٿيل شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهرن جي تعمير ۽ مرمت جي ضرورت آهي. گهرن جي تعمير کان پوءِ پوکي راهي لاءِ ۽ چوپائي مال جي خريداريءَ ۽ پالنا لاءِ زرعي ترقياتي بئنڪ ذريعي قرضن جي آسان شرطن جي منظوري ضروري آهي. ان کان پوءِ ننڍن ڪاروبارن لاءِ دڪان، ريڙهي، مانڊڻي ۽ هوٽل ٺهرائڻ ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي خوشحالي بئنڪ يا مائيڪرو فناسنگ بئنڪ ذريعي ننڍا ننڍا قرض ڏيڻ جي ضرورت آهي، پر اهو سڀ ڪجهه ڪير ڪندو ۽ ڪيئن ڪندو؟
ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۾ برباد ٿيل سنڌ جي يتيم ڳوٺن ۽ ڇورن شهرن کي هاڻي ائڊاپٽ ڪرڻ، گود ۾ وٺڻ يا هنج ۾ ڪرڻ جي ضرورت آهي. مثال طور ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ جيڪي فصل تباهه ٿيا آهن ان ۾ وونئڻن جو فصل به شامل آهي. تنهن ڪري ڪپهه ۽ ٻاهرين ملڪن سان ڪپڙي جو واپار ڪندڙ ٽيڪسٽائيل ملن جي مالڪن کي غوثپور ۽ مبارڪپور جهڙن شهرن کي هنج وٺڻ يعني ايڊاپٽ ڪرڻ گهرجي ۽ پوءِ ايپٽما يعني آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن کي غوثپور شهر ۾ نوان گهر تعمير ڪرڻ گهرجن، بازارون بنائڻ گهرجن ۽ اتان جي تباهه ٿيل ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ شهرين ۽ ڪاروباري ماڻهن کي قرض ڏيڻ گهرجن. ساڳيءَ ريت ڳڙهي خيري ۽ خيرپور ناٿن شاهه جهڙن جرڪندڙ شهرن جي بحاليءَ جو ڪم ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جهڙن ادارن کي هٿ ۾ کڻڻ گهرجي. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ڳڙهي خيري ۽ خيرپور ناٿن شاهه کي ائڊاپٽ ڪري يا هنج وٺي ان شهر ۾ ڪي ٻه ٽي هزار گهر ۽ بازارون ٺاهي، اتان جي ماڻهن کي بحاليءَ لاءِ ڪا مدد ۽ قرض ڏئي سگهي ٿي. ڪراچيءَ سميت ملڪ ۾ اهڙا دولت مند ۽ دل جا سخي مڙس به آهن، جيڪي انهن مصيبتن ۾ ڪروڙين رپين جي خيرات ڪڍندا آهن، انهيءَ دل جي سخي انسانن کي جاڳڻ، ميرپور ٻرڙي ۽ دين پور جهڙا شهر ائڊاپٽ ڪرڻ يا هنج ۾ وٺڻ گهرجن ۽ هو انهن شهرن جي بحاليءَ ۽ ماڻهن کي پهتل نقصان جو ازالو ڪري کين زندگيءَ جو وهنوار ٻيهر شروع ڪرڻ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. سڄي دنيا جا فلاحي ادارا ۽ نالي واريون اين جي اوز به اسان جي ڳوٺن کي هنج وٺي انهن ۾ گهر ٺهرائڻ، بازارون اڏرائڻ ۽ ماڻهن کي ڌنڌي ڌاري ۽ ڪاروباري سرگرمي شروع ڪرڻ لاءِ امداد ڏئي سگهن ٿيون.
اسين دعوت ڏيون ٿا ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي واپاري چيمبرن کي ته هو ڪجهه ڳوٺن کي هنج وٺي ائڊاپٽ ڪن ۽ انهن جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي کيسي مان ڪجهه خرچ ڪن. اسان دعوت ڏيون ٿا ملڪ جي بار ايسوسيئيشن کي ته اهي ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن جي ڳوٺن ۾ اچن ۽ ڪنهن هڪ يتيم بنايل شهر جي مٿي تي اچي هٿ رکن ۽ ان شهر سان بحاليءَ جو وچن ڪري کيس تعمير ڪرڻ شروع ڪن. اسين دعوت ڏيون ٿا ملڪ جي بار ايسوسيئيشن کي ته هو به اڳتي اچن ۽ زخمي ٿيل ڳوٺن جي ڦٽن تي پها رکن ۽ انهن ڳوٺن جي تباهه ٿيل گهرن جي تعمير ڪرائن ۽ جن ڳوٺاڻن جا ڪندڙ ڪمائيندڙ مڙس مري ويا، انهن جي وارثن جي مالڪي ڪن. اسين دعوت ڏيون ٿا چانورن جي پرڏيهه ۾ واپار ڪندڙ وڻجارن کي ته اهي به اڳتي اچن ۽ چانورن جي ان ديس جي ڪن ڳوٺن جي وارثي جو اعلان ڪن ۽ اتي جي تباهه ٿيل معيشيت ۽ زندگيءَ کي ٽيڪو ڏين.
هن مهاٻوڏ ۾ تباهه ٿيل سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي بحاليءَ جو ڪم رڳو ٻاهرين ماڻهن، واپارين ۽ ڪاروبارين کي آڇڻ نه گهرجي پر اهو ڪم اسان جي آفيسرن، پروفيشنل تنظيمن، قوم پرست، جمهوريت پسند ۽ مذهبي پارٽين کي به ڪرڻ گهرجي.
مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ڊي سي جي رينڪ جي آفيسر جو ڳوٺ تباهه ٿي ويو آهي ته ان آفيسر کي ڊي ايم جي آفيسرس ايسوسيئيشن کي سرگرم ڪري، پنهنجي دوستن کي قائل ڪرڻ گهرجي ته هر آفيسر هڪ لک رپيا ڪڍي ۽ پوءِ انهن پئسن مان ان تباهه ٿيل ڳوٺ کي نئين زندگي ڏجي. اهو ڪم انڪم ٽيڪس آفيسر ايسوسيئيشن، ڪسٽم آفيسرن، پوليس گروپ جي آفيسرن، آڊٽ اينڊ اڪائونٽس گروپ جي آفيسرن کان ويندي، سيڪريٽريٽ گروپ جي آفيسرن کي پڻ ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ ريت پي ايم اي جهڙيون ڊاڪٽرن جون تنظيمون، انجنيئرن جون تنظيمون، سپلا، پ ٽ الف، گسٽا، ماٽا آپڪا جهڙيون تنظيمون جيڪڏهن هڪ هڪ، ٻه ٻه، ٽي ٽي ڳوٺ ائڊاپٽ ڪن، يعني هنج وٺن ته به ٻوڏ جي مصيبت کي ترقيءَ جي امڪان ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن هڪ معتبر نالو رهي آهي، سنڌي ادبي سنگت به آهي، سنڌ سگهڙ تنظيم به آهي، حيدرآباد ڪراچي، سکر ۽ لاڙڪاڻي جا جيم خانا به آهن. مختلف ڪلب آهن، روٽري جون شاخون آهن، مذهبي يا ديني جماعتون آهن، انهن کي به گهرجي ته هو ڪجهه ڳوٺن کي ائڊاپٽ ڪري انهن جي بحاليءَ لاءِ ڪم شروع ڪن.
سنڌ ۾ ڪراچيءَ جهڙي اجگر ۽ وڏي شهر ۾ هزارين اهڙا ماڻهو ۽ ادارا آهن، جيڪي جيڪڏهن چاهين ته انهن تباهه ٿيل شهرن ۽ ڳوٺن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا، شهر جي ڊفينس اٿارٽي يا مختلف رهائشي سوسائٽيون ڪي شهر ۽ ڳوٺ ائڊاپٽ ڪري انهن جي بحاليءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. سائيٽ، ڪورنگي، نارٿ ڪراچي سميت ڪراچيءَ ۾ ڇهه وڏا صنعتي زون آهن. انهن صنعتي زونن جون ايسوسيئيشنون ڪجهه تباهه ٿيل شهرن جي مالڪي ڪري انهن کي هنج ۾ وٺڻ جو اعلان ڪن.
پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) مسلم ليگ (ف)، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين چونڊن جي سياست ڪندڙ پارٽين کي ڪجهه ڳوٺ ۽ شهر هنج وٺي انهن جي بحاليءَ جو ڪم پنهنجي هٿ ڪرڻ گهرجي، ساڳيءَ ريت سنڌ جي قوم پرستن جماعتن کي به ڪجهه ڳوٺ گود وٺڻ گهرجن، وڏا صنعتي ادارا اسٽيل مل، پورٽ قاسم اٿارٽي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، مشين ٽول فيڪٽري کي به ڪي ڳوٺ ۽ شهر هنج وٺي انهن جي بحالي جو ڪم شروع ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ ريت تيل جي ڪمپنين، موبائيل فون جي ڪمپنين، مختلف بئنڪن ۽ مالياتي ادارن کي به اها دعوت ڏئي سگهجي ٿي ته اهي ٻه ٻه، ٽي ٽي ڳوٺ پنهنجي ذمي کڻي اتان جي بحالي جو ڪم شروع ڪن. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي بحاليءَ لاءِ عرب رياستن يا اولهه جي ملڪن ۾ رهندڙ وطن واسين کي به اپيل ڪرڻ گهرجي ته هو اجڙيل شهرن جي بحاليءَ لاءِ پنهنجو حصو ادا ڪن ۽ ڳوٺن يا شهرن جي نئين سر تعمير جو ذمو پنهنجو سر کڻن. ساڳيءَ ريت پرڏيهه ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جي تنظيمن سانا ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس کي به پنهنجي اجڙيل ديس جون کسيل بهارون موٽائڻ لاءِ پنهنجي کيسن ۾ هٿ هڻڻ گهرجن. تاريخ جي هن وڏي ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن کي زندگي موٽرائي ڏيڻ لاءِ ميڊيا جي ادارن ۽ اخبارن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهي ميڊيا جا ادارا جيڪي انهن ماڻهن جي نالي ۾ ڪمائين ٿا، انهن کي به ڪي ڳوٺ هنج وٺڻ گهرجن ۽ هڙان وڙان ڏئي انهن ڳوٺن جي زندگي موٽائي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
هر اهو شخص، هر اهو گهر، هر اهو ڪارخانو، هر اهو ادارو، هر اها بازار، هر اهو پئسي، ڪاروبار ۽ ڏيتي ليتي جو مرڪز جيڪو خوشحال آهي، ان تي اهو فرض آهي ته هو تباهه ٿيل سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي بحاليءَ لاءِ ۽ انهن انساني وسندين کان کسيل رونق ۽ زندگي موٽائي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. جيڪڏهن مٿي ڄاڻايل ۽ ذڪر کان وسري ويل سڀ سرنديءَ وارا ماڻهو ۽ ادارا، هٿ هٿ ڪري وٺن ۽ سنڌ جي ڇوري بنايل شهرن ۽ يتيم بڻايل ڳوٺن مٿان ٻاجهه ۽ وارثيءَ جو هٿ رکن ته، هي اجڙيل سنڌ وري ٺهي سگهي ٿي ۽ اسان جي ڏکويل شهرن، ڳوٺن ۽ انهن جي واسين کان ٻوڏ جي تباهيءَ جو ڏک وسري سگهي ٿو.
اچو ته هٿ هٿ ڪيون ۽ پنهنجو پنهنجو تاريخي فرض پورو ڪري وقت جو قرض لاهيون.

( فيبروري 2011ع ۾ نشر ٿيل )