پنهنجي پاران
هن ڪتاب ۾ 2008ع جي عام چونڊن دوران لکيل سنڌ جي ذري گهٽ سڀني ضلعن جا اهي پروفائيل به شامل نه آهن، جيڪي مون ڊاڪيومينٽرين جي صورت ۾ انهن ضلعن جي نالي پوڻ کان وٺي سندن جاگرافي، تاريخ ۽ رهڻي ڪهڻي بابت اديبن، شاگردن، شاعرن، ڳائڻن، سگهڙن، سالڪن، سخي مڙسن، صوفين، مولوين، مولودين، ذاڪرن، ڌاڙيلن، سياستدانن، شاگرد اڳواڻن کان ويندي ملهن، مشڪرن جي حياتي ۽ مشهوريءَ جي سببن بابت لکيا هئا. ان جو سبب اهو هو ته علي بابا جا لفظ مون کي سدائين ” گمراهه“ ڪندا رهيا ته ” اسان جو ڪم رڳو لکڻ آهي، سهيڙڻ ۽ ڇپرائڻ وري ٻين جو ڪم آهي“.
لکڻ جي شروعات مون 1986ع ۾ ڪئي. ان وقت جي مشهور رسالي ” نئون نياپو“ ۾ جڏهن پهرين لکڻي يعني خط ڇپيو هو ته مان ايترو خوش ٿيو هوس، جيترو اڄ هن ڪتاب جي ڇپجڻ تي ٿي رهيو آهيان. مون زندگيءَ جي پهرين باقاعدهه تحرير 1988ع يا 1989ع ۾ شهيد نذير عباسيءَ جي شهادت تي ، روزاني عوامي آواز ۾ لکي هئي. سنڌ جي سياسي ماڻهن ۾ منهنجي سڃاڻپ ان کان اڳي ان وقت ٿي، جڏهن 1986ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي ٻئي مرحلي کانپوءِ سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ پکيڙيل ۽ پکڙائيل بدامني ۽ وري بدامني کي روڪڻ جي بهاني شروع ڪيل فوج ۽ پوليس جي آپريشن ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙيا پئي ويا. ان وقت منهنجو لکيل ۽ ڳائيل ” منهن، ڇپرن ، لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون- فوج پوليس چوي، ڌاڙيل پيا ڳوليون“ منهنجي سڃاڻپ جو سبب بڻيو هو.
اخبارن ۾نوڪري ڪرڻ ذريعي لکڻ جي شروعات مون روزاني ڪاوش کان ڪئي، جنهن ۾ طنزيا تبصرن جو ڪالم ” سچ وڏو ڏوهاري آهي“ نهايت گهڻو مشهور ٿيو. ان ڪالم جي تک ۽ تيزي سبب مون سان ڪيترا ماڻهو ملڻ ۽ مون کي ڏسڻ ايندا هئا. پير پاڳاري ( شاه مردان شاهه) کان ڄام صادق تائين، ڌاڙيل نظرو ناريجي کان ڌاڙيل پرو ڪلهوڙي تائين ڪيترا ماڻهو مون کي داد ۽ دعوتون ٻئي ڏيندا هئا. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ مولابخش چانڊئي جو استاد ۽ اڳواڻ مرحوم اسماعيل اڍيجو ۽ جڳديش ملاڻي تقريبن هر روز فون ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن قائم علي شاهه لاءِ تبصرو ڪرڻ جي فرمائش ۽ ڪڏهن ڪو تبصرو تجويز به ڪندا هئا ته ” هيئن لک“. ڌاڙيل نظرو ناريجو وري ممتاز ڀٽي تي تبصرو ڪرڻ لاءِ فرمائش ڪري چوندو هو ته ” ممتاز صاحب لاءِ هيئن لک“ وغيره.
ڪاوش کان پوءِ سنڌ جي ليجنڊ صحافي علي محمد شيخ جي بقول ته ” اسان اخبارون ڪڍندا وياسين ۽ اخبارون اسان کي ڪڍنديون ويون“. 1995ع ۾ مون، عنبرين هيسباڻي ۽ مهيش ڪمار هڪ نئين اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. بعد ۾ ان ۾ (ڀائو ) محمد خان سولنگي، رشيد راڄڙ، عبدالرحمان سمون (لالو)، ارشاد گلاباڻي، صادقين، امداد چانڊيو ۽ غلام رسول سهتو کي به شامل ڪيو ويو. ان اخبار جو پهريون نالو ”اخبار“ هو، جيڪو بعد ۾ ”سنڌ“رکيو ويو. ان پروجيڪٽ مان امداد چانڊئي جي فيصلي ڪن ووٽ ذريعي مون کي، عنبرين ۽ ڀائو محمد خان کي نيڪالي ڏئي باقي دوستن وڃي اخبار ڪڍي.
1998ع ۾ اسان روزاني الک ڪڍي جيڪا پاڪستان جي بنا بقايا واري پهرين ۽ دلچسپ سلسلن سبب مشهور اخبار هئي. پر ان جي ڪاميابيءَ جي اٺن مهينن کانپوءِ، هڪ ٺيڪيدار پارٽنر جي فرمائش تي مالڪن مون کي ڪڍي ڇڏيو. 2013ع ۾ سنڌ ٽي وي ۾ رهڻ دوران جيجل اخبار نڪتي .ان اخبار جو نالو ۽ خاڪو مون تجويز ڪيو هو پر اخبار جي شروع ٿيڻ کان مهينو اڳ مون کي خارج ڪيو ويو.1990 کان 2015 تائين، وچ وارن 25 سالن ۾مون ڪاوش کانسواءِ بختور، تعميرسنڌ، عبرت، سنڌ ٽائمز ۽ برسات نالي سنڌي اخبارن، انگريزي ڊان ۽ اردو امت نالي اخبار ۾ به ڪالم ۽ فيچر لکيا ۽ 96-1995ع دوران ٻه سال ماهوار سنڌي رسالو'سنڌ لائين' به ڪڍيو. سال 2004 ۾ مون کي يونيسڪو ۽ پاڪستان پريس فائونڊيشن جو گڏيل ”جينڊر ان جرنلزم ايوارڊ “ ڏنو ويو هو.
مون جن جن اخبارن ۽ ميڊيائي ادارن ۾ لکيو ان ۾ سڀ کان وڌيڪ آزادي ۽ قدرداني روزاني ڪاوش، تعمير سنڌ ۽ سنڌ ٽي وي ۾ حاصل ٿي. اخباري سيٺين يا ميڊيا مالڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ سمجهدار ۽ ماڻهن جي دردن جو اونو رکندڙ سنڌ ٽي وي جو مالڪ ڊاڪٽر ڪريم راڄپر محسوس ٿيو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن اشتهارن سميت ميڊيائي ضرورتن کان مٿاهون ٿي ڪري، لکڻ لاءِ چوندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه جملا يا پيرا گراف به شامل ڪرائيندو هو ۽ آءُ اهي متفق ٿيڻ جي صورت ۾ ان اسڪرپٽ ۾ شامل به ڪندو هئس.
فخر جو لفظ مون کي پسند نه آهي پر اها ڳالهه نهايت سرهائيءَ جي آهي ته 25 سالن جي لکڻ جي عرصي ۾ پنهنجي قلم کي مون ڪڏهن به قسطو بڻائي ڪنهن کان ڪجهه پنڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ۽ نه قلم کي آڳيٺي ٺاهي، لفظن جي لبادي ۾ ڪنهن جا عيب ۽ اوگهڙ ڍڪڻ جو سعيو ڪيو آهي. نه ئي وري مون ڪڏهن قلم کي ڏئونڪو ۽ ڪاغذ کي دهل سمجهي ڪنهن جي خوشامدي شان ۾ وڄائي ميڊيا ۾ مڱڻهارڪي ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آءُ، غلط يا سهي پر جيئن به سمجهندو يا سوچيندو آهيان ائين لکي سگهندو آهيان.
خشونت سنگهه هڪ هنڌ لکيو آهي ته هن ذوالفقار علي ڀٽي ۽ اندرا گانڌيءَ کان انٽرويو ڪيا هئا. سوال ۽ جواب ٻنهي جا ذري گهٽ ساڳيا هئا، پر ڀٽي جي ٺٺ ٺانگر ۽ اندرا گانڌي جي سادگيءَ مان ائين محسوس ٿيو ته ڀٽو پاڻ وزيراعظم ٿيو هو پر اندرا گانڌي رڳو پاڻ ئي وزيراعظم نه هئي پر وزيراعظم (نهروءَ ) جي ڌيءُ به هئي. ساڳي طرح جڏهن مون کي تصوير سنديلي، مظفر چانڊئي، نور احمد ميمڻ، فياض نائچ، ذوالفقار جيسر، ارباب چانڊئي ، امداد سومري، منصور مغيري، خالق مغيري، سرمد ڪنراڻي، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، شوڪت نوناري، ڌڻي بخش باريچي، خورشيد ٻگهئي، ظفر هڪڙي، الله بخش قريشي، سائين اقبال خواجا،غلام حسين خواجا، جاويد سومري، مختيار چانڊئي، حاڪم ڀٽي، ثنا الله چنڙ، راڻي شير محمد، لالا قادر، ممتاز نهڙئي، کاٽائو جاني، نصير نهڙيئي، ديدار سولنگي، اختيار ڪلهوڙي، حق نواز ميمڻ ۽ حاجن سمنگ جهڙا سوين دوست ۽ مداح فون تي يا پيغام (sms) ذريعي ڪنهن ڊاڪيومينٽري يا رپورٽ جي اسڪرپٽ توڙي خيال جي تعريف ڪندا آهن ته مون کي نهايت گهڻي خوشيءَ ٿيندي آهي، پر مون کي ان کان وڌيڪ خوشي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن ماڻهو مون کي پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ استاد محمد خان سولنگي، چاچي در محمد ڪمال، بابي مائل محمد ابراهيم، مامن انجنيئر محمد يعقوب، عبدالحيي يا مولوي عبدالرزاق جا نالا وٺي پڇندا آهن ته تون فلاڻي جو ڀاءُ، ڀائٽيو، ڀاڻج آهين؟ مون کي چڱي طرح ياد آهي ته 1986ع ۾ جڏهن موري ۾ مون ”منهن، ڇپرن، لوڙهن“ وارو گيت ڳايو هو ته راشد مورائي مون کان پڇيو هو ته مائل صاحب ڇا ٿيئي؟ جڏهن مون کيس ٻڌايو ته مان ان جو پٽ آهيان ته پاڻ ٺهه پهه وراڻيائين ته ڀلي شاعر جو پٽ آهين.
پڙهڻ، پڙهائڻ،ڳائڻ، ڳارائڻ توڙي ڊائريون ۽ شاعريون لکڻ جو شغل منهنجي خاندان ۾ ٽن پيڙهين کان هلندڙ آهي. مان ماستر آهيان، منهنجو پيءُ به ماستر هو ۽ منهنجي امڙ به ماسترياڻي هئي. منهنجو ڏاڏو ۽ نانو به 1930ع جي ڏهاڪي کان ملان مڪتب اسڪول هلائيندڙ استاد هئا. مان ڊائري ان ڪري لکندو آهيان جو منهنجو پيءُ 1943 کان 2002 ۾ هي دنيا ڇڏڻ تائين روزاني ڊائري لکندو هو. بابي اها عادت شايد پنهنجي پيءُ کان سکي هئي. منهنجي ڏاڏي جون لکيل 1930 کان به اڳ واريون ڊائريون اسان وٽ موجود آهن. منهنجا ماما انجنيئر محمد يعقوب ۽ ماستر عبدالحي ڊائريون لکندڙ هئا ۽ آهن. رڳو مرد ئي نه پر منهنجي ماءُ جا ڀائو محمد خان ڏانهن لکيل جيل ۾ خط، منهنجي وڏي پڦي ”حليما خاتون“ جون لکيل روز مرهه جون ڊائريون ۽ منهنجي ناني ” امان نور خاتون“ جون لکيل ترتيبوار ڊائريون به اسان وٽ محفوظ آهن. مون شاعريءَ جو شغل پنهنجي پيءُ کان سکيو، جيڪو مائل جي تخلص سان شاعري ڪندو هو. ڀائو محمد خان ” معصوم“ ۽ چاچي در محمد ”ڪمال“ جي تخلص سان شاعري ڪئي آهي.منهنجو ٻيو ڀاءُ نور احمد به ائين ئي شاعر آهي، جيئن منهنجو ڏاڏو حاجي محمد عيسيٰ، ماسڙ صوفي عبدالرحمان ”سوزل“ ماسات ماستر امير، پڦاٽ- محمد امين، فقير محمد ڀاڻائي ۽ عبدالطيف- ماروٽ شبير احمد ۽ چاچو قاري محمد اسحاق شاعر هئا ۽ آهن.ٻهراڙيءَ جي ٻولي مون کي چاچي شفيع محمد، چاچي علي نواز ۽ چاچي ولي محمد جاڙين واري، چاچي محمد ايوب پڊعيدن واري کان سواءِ ڳوٺ جي ٻن سگهڙن چاچي غلام ماڇي، لالو ماڇي ۽ ننڍي هوندي جي دوستن قابل ٻاٽ ۽ عالم پيرزادي سيکاري. تنهن ڪري آءُ جيڪو ڪجهه لکندو، ڳائيندو يا ڳالهائيندو آهيان، اهو اڀرو يا سڀرو جيڪو به آهي ، ان ۾ منهنجي امڙ- ابي، پڦين - چاچين، چاچن -مامن، ڀينرن - ڀائرن، پڦاٽن ۽ ماروٽن کان پوءِ وڏڙن جي دوستن، استادن ۽ ٻين انهن سڀني جو حصو آهي، جن منهنجي ڪچڙي وجود کي ٺپي، ٺاهي، ڪڏهن پيار ۽ ڪڏهن مار جي آويءَ ۾ پچائي، دنيا جي دهشت ڀرئي درياهه ۾ وقت جي ويرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ موڪليو.
غوراب غريبن جو، پاڻيءَ ۾ پرتوءِ
سيد ساٿ سندوءِ، پور بندر پڄائيين
منظور سولنگي
ڪوڙي جا ڀاڻ – ڪراچي
( وايا ٺاروشاهه ۽ ٺٽ سولنگي )
ضلعو نوشهروفيروز اپريل 2016