ڇا پ پ به پنهنجي قائد وانگي 51 سالن جي عمر ۾ ماري ويندي؟
جيتوڻيڪ هاڻي اها ڪا عجب جي ڳالهه نه رهي آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ حڪومت کي توڙي پيپلز پارٽي کي دبئيءَ مان ويهي هلائي رهي آهي، ۽ سراسري طرح هفتي ۾ هڪ ڏينهن اهڙو ضرور هجي ٿو جڏهن سنڌ جا هڪ يا ٻه وزير ضرور دبئي وڃن ٿا ۽ اتان تازيون هدايتون وٺي واپس اچن ٿا. سنڌ جي وزيرن ۽ وڏي وزير جي انهن دبئي ياترائن جو خرچ ڪيترو آهي ۽ اهو خرچ ڪٿان اچي ٿو؟ ان جي به پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن ۽ اڳواڻن کي وضاحت ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي عوام جي عام راءِ اها آهي ته اهو خرچ به سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي قومي خزاني مان وڃي ٿو. تنهنڪري ان سوال جي چٽائي ضرور آهي. جيڪڏهن اهو خرچ سنڌ جي صوبائي بجيٽ مان وڃي ٿو ته اهو نه وڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌ جي عوام جو ڪو به ڏوهه نه آهي جنهن ۾ پ پ قيادت ٻاهرين ملڪن ۾ ويهي حڪومتون ۽ پارٽيون هلائي رهي آهي. ڪجهه پ پ اڳواڻ اهو چوندا رهن ٿا ته سندن قيادت کي صوبي ۾ سيڪيورٽي جو خطرو آهي ان لاءِ هي جواب عرض آهي ته اها سنڌ حڪومت جيڪا اگر پنهنجي قيادت کي ئي سڪيورٽي فراهم نه ڪري سگهي ته ان حڪومت کي حڪمراني ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي؟
خبر نه آهي ته پ پ قيادت توڙي وزيرن کي اها ڳالهه ڪيئن سمجهه ۾ آئي آهي ته سنڌ ۾ خاص طرح ۽ ملڪ ۾ عام طرح سندن مقبوليت ۾ گهٽتائي آئي آهي. پر مقبوليت جي گهٽتائي کان وڌيڪ اهم سوال هي آهي ته پ پ اڳواڻن جي اندازي مطابق سندن مقبوليت ڪيتري گهٽ ٿي آهي؟ اها ڳالهه سنڌ جي عام پ پ جي ووٽر کان وٺي قومپرست اڳواڻن تائين ۽ ويندي عمران خان جهڙن مقبول ٿيندڙ اڳواڻن تائين، سڀڪو چئي رهيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي زرداري صاحب جي قيادت سنڀالڻ کانپوءِ جيڪو نقصان پيو آهي اهو نقصان هن پارٽيءَکي ضياءَ الحق جي دور ۾ به نه پيو هو. اهڙي صورتحال ۾ پ پ اڳواڻن وٽ خبر نه آهي ته پ پ کي پيل نقصان ۽ مقبوليت جي گهٽتائيءَ واري گراف جو نقشو ڇا آهي؟ ڪجهه پ پ اڳواڻ ان راءِ جا آهن ته جيڪڏهن سنڌ ۾ آزاد چونڊون ٿين ته پيپلز پارٽي 20 کان 25 سيڪڙو سيٽون هارائيندي. ٻين جو خيال آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي ايندڙ چونڊن ۾ امڪاني طرح 30 کان 40 سيڪڙو نقصان ٿيندو. ٽين جو خيال آهي ته پيپلز پارٽي کي ايندڙ اليڪشن ۾ اڌ تي اڌ يعني 50 سيڪڙو نقصان ٿيندو. جڏهن ته پ پ جي مخالفن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ غير جانبدار چونڊون ٿيون ته پيپلز پارٽي موجوده سيٽن جي ڀيٽ ۾ 25 کان 30 سيڪڙو سيٽون مس کٽي سگهندي.
پر آزاد ذريعن ۽ مبصرن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي تڏا ويڙهه 2013ع واري اليڪشن کان اڳ ۾ ٿي چڪي هئي. پر 2013ع وارين فڪس ميچ وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ کٽرايو ويو. هاڻي جڏهن گلگت بلتستان ۾ چونڊون ٿيون ته اتي به پ پ هارايو آهي. پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جا تمام گهڻا ڪارڪن توڙي اڳواڻ پارٽيءَ کان روئي موڪلائي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي چڪا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ ته پارٽيءَ جو 2013ع واري اليڪشن ۾ جنازو نڪري چڪو آهي. جيتوڻيڪ خيبرپختونخواهه ۾ پ پ جو اهو جنازو 2013ع واري اليڪشن ۾ کڄندي نظر آيو پر خيبرپختونخواهه جي صورتحال تي گهري نظر رکندڙ صحافين جو چوڻ آهي ته 2008 ۾ جڏهن پ پ سرحد ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي حمايت ڪئي تڏهن پ پ اتان ختم ٿيڻ شروع ٿي، ڇاڪاڻ ته اڳوڻي صوبي سرحد يعني هاڻوڪي خيبرپختونخواهه ۾ پ پ کي اهو ئي ووٽ ملندو هو جيڪو اي اين پي يا پٺاڻ قومپرستي جو مخالف ووٽ هو. پر جڏهن 2008ع ۾ پ پ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي نه رڳو صوبائي حڪومت ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي پر پنهنجو سمورو ووٽ بينڪ اي اين پي جي هنج ۾ وجهي ڇڏيو تڏهن کان پ پ جو ووٽر بدزن ٿيڻ شروع ٿيو. ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ پ پ جي خيبرپختونخواهه ۾ بدترين شڪست اهو ثابت ڪيو ته پ پ هاڻي ان صوبي جي پارٽي نه رهي آهي. تازين بلدياتي چونڊن ۾ ڪجهه ضلعن ۽ تعلقن اندر پ پ جي ناظمي تي ڪاميابي اتان جي اڳواڻن جي سياست جو مقامي اثر آهي. جيستائين بلوچستان جو تعلق آهي ته پيپلز پارٽي اتي اسلم رئيساڻي جهڙي اهليت کان وانجهيل ماڻهوءَ کي حڪومت جو سربراهه بڻايو. بلوچستان اندر پارٽيءَ جي موت جي وارنٽ تي صحيح ڪئي هئي. بلوچستان جي مخصوص حالتن ۾ رئيساڻي جي حڪومت ايتري ناڪام ٿي جو 2013ع جي چونڊن کان اڳ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار کي مجبورن پنهنجي ئي بلوچستان حڪومت ختم ڪرڻي پئي. ۽ اڃا 2013ع جون چونڊون نه آيون هيون ته بلوچستان جا رئيساڻي به پ پ کي خدا حافظ چئي نواز ليگ ۾ شامل ٿي ويا.
جيستائين سنڌ جو تعلق آهي ته سنڌ ۾ به پ پ کي 2008ع وارين چونڊن کانپوءِ خطرا لڳي ويا هئا. 2008ع جي چونڊن کانپوءِ پ پ جي سڀ کان وڏي غلطي سيد قائم علي شاهه جي وڏي وزير طور چونڊ هئي. هڪ وڏي عمر واري ماڻهوءَ کي سنڌ جهڙي صوبي جي انتظام جو بار رکي نه رڳو حڪومت لاءِ پر قائم علي شاهه جهڙي شريف مزاج واري ماڻهوءَ لاءِ به امتحان آندو ويو. قائم علي شاهه کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جي ٻي وڏي غلطي پير مظهرالحق کي پارلياماني پارٽي جو سربراهه بنائڻ جي هئي. تعليم جي کاتي جو وزير هئڻ دوران پير مظهرالحق سنڌ ۾ جيڪي هزارين نوڪرين وڪڻڻ وارو داغ پيپلز پارٽي مٿان هنيو اهو اڄ ڏينهن تائين ڌوپجي نه سگهيو آهي. جيتوڻيڪ نوڪريون ته ذري گهٽ سمورن کاتن ۾ وڪيون ويون پر تعليم کاتي ۾ اهو وڪرو وڏي پئماني تي ٿيو جنهن مان اربين روپين جي ڪرپشن ڪمائي وئي. سنڌ ۾ وزيرن جي رڪارڊ ڪرپشن ۽ پنهنجن جي نوازڻ واري پاليسي پ پ کان سندس ڪارڪن توڙي اهي ووٽر پري ڪيا جيڪي ڏهاڪن کان پ پ کي غير مشروط طور ووٽ ڏيندا ۽ چونڊيندا پئي آيا. رهي کهي ڪسر وري 2012ع ۾ تڏهن پوري ڪئي وئي جڏهن سنڌ ۾ رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ معرفت ٻٽو بلدياتي نظام متعارف ڪرايو ويو. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ 2008ع کان ئي پنهنجي اتحادي ڌر ايم ڪيو ايم کي عملي طرح ڪراچي تحفي ۾ ڏئي ڇڏي هئي جنهن تي پڻ سنڌ جو عوام پ پ کان ناراض هو. پر 2012ع ۾ ٻٽي مڪاني نظام پاس ڪرڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو قانوني بنياد رکيو. ٻٽي بلدياتي نظام وارو بل پاس ڪرڻ کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ خلاف سنڌ ۾ آگسٽ جي مهيني ۾ پهرين ۽ ڪامياب هڙتال ٿي. مبصرن جو خيال آهي ته آگسٽ 2012ع ۾ پيپلز پارٽي خلاف ٿيل اها ڪامياب هڙتال سنڌ مان پيپلز پارٽي جي خاتمي جي شروعات هئي. ان هڙتال کان پيپلز پارٽي خود ايترو ڪنبي وئي جو پيپلز پارٽي ٻٽن ڏينهن اندر ان بل تي غور ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اڳتي هلي اهو پاس ڪيل ٻٽي مڪاني نظام وارو قانون واپس ڪيو. ان کان اڳ 2010ع واري مها ٻوڏ جنهن سنڌ جي هڪ ڪروڙ ماڻهن کي دربدر ڪيو ان ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪردگي به عوام کي مايوس ڪيو. 2010ع واري ٻوڏ ۾ پيپلز پارٽي نه رڳو ٻوڏ کي منهن ڏئي نه سگهي پر ٻوڏ جي ٿيل نقصانن جو ازالو به نه ڪري سگهي. نتيجي طور اهي ٻوڏ جا هڪ ڪروڙ متاثر پنجن سالن تائين ڀٽڪندا رهيا.
2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ 2011ع ۾ سنڌ جي اڀرندي ۽ ڏکڻ وارن لاڙ جي ضلعن ۾ زبردست برساتون پيون جنهن سڄي لاڙ کي ٻوڙي ڇڏيو. پيپلز پارٽي جي سنڌ توڙي وفاقي سرڪار انهن برساتن کي به منهن ڏئي نه سگهيون. نتيجي طور ماڻهو مهينن جا پاند برسات جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل رهيا. 2012ع ۾ وري جيڪب آباد ۽ ڪشمور سميت انهن ضلعن سان لڳندڙ بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن جعفرآباد، ڊيرا الهيار ۽ صحبت پور ۾ زبردست برساتون پيون جنهنجي ڪري پڻ علائقي ۾ وڏي تباهي آئي. پر پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار انهن برساتي تباهڪارين کي به منهن نه ڏئي سگهي، نتيجي طور عوام پاڻ لوڙيندو ۽ پ پ جي مقبوليت کي لوڙهيندو رهيو. 2013ع ۾ سنڌ ۾ ارڙيءَ جي وبا منهن ڪڍيو جنهنڪري پڻ سنڌ ۾ هزارين ٻارڙا موت جو شڪار ٿيا. 2014ع ۾ ٿر اندر آيل ڪاري ڏُڪار سبب هزار کان وڌيڪ ٻارڙا پنهنجو ساهه بچائي نه سگهيا پر پيپلز پارٽي جي حڪومت توڙي قيادت ان کي به قدرت جو ڏمر چئي پنهنجي فرض ۽ ڪردار کان ڪن لاٽار ڪندي رهي. اهي سڀ اهي سبب آهن جن جي ڪري پيپلز پارٽي سنڌ مان پنهنجي مقبوليت وڃائي آهي.
هاڻي سنڌ جي ماڻهن جي اها پختي راءِ بڻجي چڪي آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ هاڻي ڪا به اهڙي ٿوم نه رهي آهي جنهن کي نظر ۾ رکي کيس ووٽ ڏجي يا سندس حمايت ڪجي. پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ امن به قائم نه ڪري سگهي ۽ ايم ڪيو ايم کي به ڪنٽرول ۾ نه رکي سگهي. پ پ سنڌ ۾ گذريل ستن سالن دوران ڪو به وڏو ترقياتي پئڪيج ته نه ڏئي سگهي پر سنڌ ۾ ننڍن شهرن جي روڊن ۽ نالين کي به ٺيڪ ڪرائي نه سگهي. ساڳئي ريت گذريل ستن سالن دوران هڪ طرف سنڌ ۾ ڪرپشن عروج تي رهي ته ٻئي طرف بيروزگارن کان نوڪرين جي بهاني پئسا ورتا ويا. گذريل ستن سالن دوران پيپلز پارٽيءَ پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هوءَ نه قدرتي آفتن کي منهن ڏئي سگهي ٿي نه ئي وري سياسي بحرانن سان نبري سگهي ٿي. نه رڳو ايترو پر پيپلز پارٽيءَ پنهنجي ڪارڪردگيءَ مان اهو به ثابت ڪيو آهي ته هن وٽ عوام جي خدمت ۽ ان جي ووٽ جي قدر ڪرڻ واري نه صلاحيت رهي آهي نه اوليت. سنڌ جو عوام پيپلز پارٽيءَ مان هاڻي مڪمل طور بيزار ٿي چڪو آهي تنهنڪري ان کي سنڌ جو عوام هاڻي وسارڻ لڳو آهي جنهن جو اندازو هن مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن ۾ اختلاف چوٽ تي چڙهيل آهن. انهن سمورين ڳالهين کي يقينن پ پ جي قيادت ۽ اڳواڻن به محسوس ڪيو هوندو تنهنڪري هو چئي رهيا آهن ته پيپلز پارٽيءَ جي مقبوليت گهٽجي رهي آهي. آزاد مبصرن جو هاڻي اهو پختو خيال اچي بيٺو آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي طبعي عمر پوري چڪي آهي ۽ 2018ع جي اليڪشن کان اڳ هوءَ 51 سالن جي عمر ۾ ائين ئي ختم ٿي ويندي جيئن سندس قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 51 سالن جي عمر ۾ قتل ڪيو ويو هو.
(سيپٽمبر 2015ع ۾ نشر ٿيل)