تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

لاڙ کي ڏڪار کان بچايو

درياهه جي پڇاڙ ۽ سنڌ جي لاڙ وارو علائقو پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار جي ور چڙهي ويو آهي ۽ ڏڪار هن علائقي سان اها ڪار ڪئي آهي، جيڪا سوات سان دهشت گرديءَ ڪئي هئي. دهشتگرديءَ جي باهه سبب، سوات مان لکين ماڻهو لڏي محفوظ جاين ڏانهن هليا ويا ۽ بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽيءَ ۾ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ سبب لکين ماڻهو مٺن پاڻين جي ملڪ ڏانهن وڃڻ تي مجبور ٿيا آهن. اهڙي طرح چئي سگهجي ٿو ته بدين ۽ ٺٽي ۾ اندروني طور مهاجر بڻيل IDPsجو تعداد به لکن ۾ آهي پر حاڪمن ۽ حالتن جي دهشتگرديءَ جو شڪار بڻيل لاڙ جا ماڻهو نه ميڊيا کي متوجهه ڪري سگهيا آهن ۽ نه حاڪمن جو هڏ ڪرڪائي سگهيا آهن. جنهن ڪري لاڙ جي ڏڪار سٽيل ماڻهن جي نه ڪو سياسي پارٽيون مدد ڪن ٿيون ۽ نه حڪومت سنڀال لهي ٿي. نه ئي ور عالمي برادريءَ جو ڌيان ڇڪجي ٿو. نتيجي طور ڏڪار جو وهندڙ گهاڻو، هر روز لاڙ جي هزارين ماڻهن کي پيڙي سندن ساهه نپوڙي رهيو آهي.
اڳي جڏهن سنڌو درياهه ۽ ان جي ڇاڙهن تي ڪي بند ۽ ٻنڌ ٻڌل نه هئا ۽ درياهه سدائين جوان ۽ جالارو ٿي وَهندو هو. تڏهن لاڙ جا پٽ، ساوا ۽ سکيا ستابا هوندا هئا. ان وقت لاڙ جون رڳو زمينون ئي زرخيز نه هيون پر لاڙ جا سامونڊي بندر به موتين جي کاڻ جي ڏِکَ ڏيندا هئا. سڄو پرڏيهي واپار لاڙ جي بندرن معرفت هلندو هو ۽ سڄي دنيا جون سٺيون شيون لاڙ جي انهن سامونڊي بندرن معرفت سنڌ ۾ داخل ٿينديون هيون. سنڌ جي شاديءَ جي سِهرن عرف لاڏن، ڳيچن ۽ لوڪ شاعري ۾ لاڙ جو اهڙو ذڪر بار بار ڪيل آهي، ”منڊي راڻل جي مان لاڙئون آڻايان“ يا ”منهنجو لڙي آيو لاڙ مان، هو جمالو“ وغيرهه وغيرهه.
مهراڻ، پراڻ، پٽيهل، سانگرو ۽ هاڪڙو جي اڪيچار نالن سان مشهور سنڌو جا اهي وهڪرا رڳو لاڙ جي خوشحالي جا ئي خالق نه هئا پر لاڙ جي خماريل موسمن ۾ ٿيندڙ شاعري ۽ موسيقي، مصوري، سنگتراشي ۽ رقاصيءَ جي به آبياري ڪندا هئا. لاڙ جي انهيءَ خماريل موسم جو ئي ڪمال هو جو ڀٽ جو لطيف سدائين لاڙ ڏانهن لڙيل هوندو هو ۽ سندس همعصرن جو وڏو تعداد هنن ئي پرڳڻن ۾ رهندڙ هو. ڀٽائي جا اهي پسنديدهه ماڳ خاص ڪري سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري وارا لاڙ جا ڀاڱا، جنهن ۾ سجاول، بٺورو، گولاڙچي، بدين ۽ ٽنڊو باگو اچي وڃن ٿا اهي اڄڪلهه پاڻيءَ جي کوٽ سبب سخت ڏڪار جو شڪار آهن ۽ ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊمي ۽ ڪڍڻ جون اهي يونين ڪائونسلون جتي بڙ جي ڍوري جو اهو مقام آهي، جتي جي جتن وٽ، ڀٽائي مهينن جا پاند اچي ترسندو هو، اتي ته لاش وهنجارڻ لاءِ به پاڻي نه ٿو ملي.
گذريل چئن مهينن کان حيدرآباد جي ڪوٽڙي بئراج مان کاٻي طرف نڪرندڙ واهه بند آهن. جنهن ڪري هن علائقي جا فصل سڙي سڪي تباهه ٿي ويا آهن. فصلن جي سڪڻ کان پوءِ مال متاع به اڀرو ٿي ويو آهي ۽ زمينن ۽ چوپاين جي اڀرائيءَ کان پوءِ هتان جو عوام به سڀرو نه رهيو آهي ۽ هن علائقي ۾ ڏڪار جهڙي حالت پيدا ٿي وئي آهي.
لاڙ جا ماڻهو، ٻنيون، مڇيون، توڙي جانور مطلب ته سموري جيوت درياهه مان ڪئنالن ذريعي ايندڙ پاڻي تي جيئي ٿي. لاڙ جي زمينن جا جر کارا ۽ ڪسارا ٿين ٿا تنهن ڪري هتي نه ٽيوب ويل هلن ٿا نه وري نلڪا مٺو پاڻي ڏين ٿا، ان ڪري درياهه جو مٺو پاڻي ئي سڄي جيوت جي زندگي جي ضمانت آهي. پر جيڪڏهن درياهه جو مٺو پاڻي بند ٿي وڃي ته پهريائين هتي جي جر جو پاڻي ۽ پوءِ سڄي زندگي کاري ۽ ڪساري بنجڻ شروع ٿئي ٿي.
سڄو بدين ضلعو، ٺٽي ضلعي جو اوڀاريون پاسو ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعي جا ڪجهه علائقا گذريل چئن مهينن کان پاڻي نه ملڻ ڪري ڏڪار ۽ سوڪهڙي جو شڪار آهن، جنهن ڪري فصل سڪي رهيا آهن تلاءَ ڍنڍون خشڪ ٿي رهيون آهن. جر جو پاڻي وڌيڪ ٻاڙو ٿي رهيو آهي پکي پکڻ به اُڃارا رهڻ لڳا آهن ۽ جَرتي جيئندڙ مخلوق مڇيون، ڪميون، ڏيڏر، سيسر، سڀ موت جي واٽ وٺي هلڻ لڳا آهن. بدين جي سامونڊي علائقي مان هزارين ماڻهو لڏا کڻي انهن علائقن ڏانهن پڌاري ويا آهن، جتي مال کي ڪو ڪنو يا گندو پاڻي ئي سهي پر ميسر ٿئي ٿو ۽ جتي کين اميد آهي ته هو پاڻ ۽ سندن رزق ڏڪار جا ڪجهه ڏينهن گذاري ويندا. لاڙ جون اهي مينهون جيڪي کير جون باٽليون ڏهائينديون هيون، اهي هاڻي پاڻي جي باٽلي ڏسڻ لاءِ حيران آهن ۽ هتان جي ڪڻڪ، ڪمند ۽ سورج مکيءَ جهڙا جرڪندڙ فصل هاڻي مري ۽ مرجهائجي رهيا آهن.
سوڪهڙي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب مظلوم بنايل لاڙ جو هي ماضيءَ جو شاهوڪار خطو، وقت جي حڪومت، سياسي پارٽين ۽ ميڊيا جي توجهه جو طالب آهي. هتان جا ماڻهو هتان جون زمينون، هتان جا فصل، هتان جا وڻ هتان جون ڍنڍون هتان جا ڍورا، هتان جا جانور، هتان جا پکي هتي جي مڇي، هتان جا جيت جڻيا مطلب ته ڪل جيوت، سرڪار کان نه نوڪريون طلبي ٿي نه عهدا گهري ٿي نه ئي وري ڪي ڊگها ويڪرا مطالبا ڪري ٿي، هتان جي ڪل مخلوق اسان کان صرف پاڻي گهري ٿي.
لاڙ وارو علائقو، کنڊ جو ملڪ يعني شگر اسٽيٽ آهي. هن علائقي جا ماڻهو پئٽرول ۽ گئس جي ذخيرن جي مٿان رهن ٿا ۽ هاڻي هن علائقي مان اعليٰ قسم جو ڪوئلو به مليو آهي. پئٽرول، گئس ۽ ڪوئلي جي کوهن مٿان رهندڙ هي ماڻهو هاڻي هيئن چون ٿا ته ڪاش سندن زمين جا جَر پئٽرول بجاءِ مٺو پاڻي پيدا ڪن ها جيڪو کين پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ تي ته مجبور نه ڪري ها ۽ کين پنهنجي ان ضلعي اندر دربدر ٿيڻ تي مجبور نه ڪري ها. لاڙ جي پڊن مان نڪرندڙ تيل، گئس ۽ ڪوئلي جي جيڪڏهن ڪا نالي ماتر رائلٽي به هتان جي عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪئي وڃي ته هن علائقي مان پاڻي جي کوٽ سدائين لاءِ ختم ٿي سگهي ٿي پر سوال اهو آهي ته،
”آهي ڪو لاڙ جي مالڪي ڪرڻ وارو.“

(جولاءِ 2011ع ۾ نشر ٿيل)