ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي؟
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون، گذريل مهيني سنڌو درياهه جي مهاٻوڏ ڏسڻ کان پوءِ چيو هو ته هن اهڙي ٻوڏ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي آهي. مهاٻوڏ کي حضرت نوح واري طوفان ۽ ٻوڏ سان ڀيٽيندي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مُون چيو ته هيءَ ته اها ٻوڏ ٿي لڳي جنهن جو عيسائين جي پاڪ ڪتاب انجيل ۾ ذڪر آهي. سنڌ جي تاريخ جي ڪتابن ۾ ۽ خاص ڪري ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي لکيل ڪتاب قديم سنڌ ۾ ان ٻوڏ کي مهاپرلئي ڪري لکيو ويو آهي، تنهن ڪري هن ٻوڏ کي مهاٻوڏ سمجهڻ ۽ سڏڻ ۾ اسين حق تي آهيون.
سنڌو درياهه جي تازي ٻوڏ جيتري وڏي آهي، ان نقصان به ايترا ئي وڏا ڪيا آهن ۽ سنڌ جي يادگيري واري لکيل تاريخ ۾ ڪٿي به اهڙو ذڪر نٿو ملي ته سنڌ ۾ ڪڏهن به ڪا اهڙي ٻوڏ آئي يا ڪا ٻي مصيبت آئي هجي، جنهن سنڌ جي هڪ ڪروڙ ماڻهن يعني 33 سيڪڙو آباديءَ کي سڌي طرح ۽ سنڌ جي ٻه ڪروڙ ماڻهن يعني 66 سيڪڙو آباديءَ کي اڻ سڌي طرح متاثر ڪيو هجي. تنهن ڪري هڪ ڪروڙ ماڻهن جي بحاليءَ جو بار موجودهه حڪومت جي مٿي تي رکيل آهي.
دربدر ٿيل سنڌ جا ذري گهٽ اهي هڪ ڪروڙ ماڻهو هن ٻوڏ ۾ پنهنجا گهر، زمينون، مال، ملڪيتون، ڪاروبار ۽ وهنوار اهڙي ريت وڃائي چڪا آهن، جو انهن ماڻهن مان ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي هڪ مهيني جي ٻوڏ ۾ ڪروڙپتي مان ڪنگلا يا امير مان فقير بنجي ويا آهن. مثال طور اهو ماڻهو جنهن کي ڳڙهي خيري ۾ چانورن ڇڙهڻ جا 5 ڪارخانا هئا، 500 ايڪڙن تي بيٺل سارين جو فصل هو، شهرن ۾ مسواڙ تي ڏنل ڏهه گهر ۽ ويهه دڪان هئا. اهو ماڻهو مهيني ۾ ڏهه لک ڪمائيندو ۽ ٻه لک خرچ ڪندو هو پر ان ماڻهوءَ جون اهي زمينون، ڪارخانا، گهر، دڪان مطلب ته سڄو ڪاروبار ختم ٿي ويو، ان کان پوءِ غوثپور، مبارڪپور، دين پور، جاڳڻ، ڳڙهي خيري، قبو سعيد خان، گاجي کهاوڙ، خيرپور ناٿن شاهه، سجاول ۽ جاتي جا اهي دڪاندار جن جي دڪانن ۾ لکن جو پيل سامان لڙهي ويو، اهي پنهنجي زندگيءَ جو وهنوار ڪيئن شروع ڪندا؟ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مٽ مائٽ وٽان، يار دوست وٽان ڪو قرض کڻي پنهنجو دڪانداريءَ جو ڪاروبار شروع به ڪري ته ان لاءِ گراهڪ ڪٿان ايندا؟ گڏهن ۽ ريڙهن تي رڙهندڙ اتر سنڌ جي شهرن جي غريبن جي زندگيءَ جو اهو گاڏو ڪيئن هلندو، جنهن گاڏي کي ريڙهيندڙ گڏهه ئي لڙهي ۽ مري ويا؟! ننڍا شهر ڇڏي، وري اچو ڳوٺن تي. هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب هاريءَ جي ڪل موڙي ان جو ڪچو گهر، هارپي جا ڏهه ايڪڙ، ٻه پنهنجا ٻه آڌاريا ڍور، هڪ ڏاند گاڏي يا گڏهه گاڏو ۽ هڪ چوڪيداري ڪندڙ ڪتو هوندو آهي. ان غريب جو فصل به لڙهي ۽ سڙي ويو، ڪچو گهر به پٽ پئجي ويو، ڪک ڪانا ۽ ڀتيون يا پڃر به پاڻي لوڙهي ويو، ڪتو بک ۾ مري ويو، گڏهه پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو، گندين ۾ رکيل اناج ڇَرَ جي حوالي ٿي ويو. اهو غريب جڏهن ٻچا ۽ مال جا چار ڍور ڪاهي ڳوٺ مان نڪري روڊ تي پهتو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر پهچڻ لاءِ ڪرائي ڪرڻ واسطي هن پنهنجو پاليل مال به اڌ قيمت تي کپايو، روڊ تي هڪ رات گذارڻ دوران رستي تان گذرندڙ گاڏين جي ٿيل حادثي ۾ هن جو پٽ به چيڀاٽجي مري ويو، سندس تازي ڄاول نياڻي وري گيسٽرو ۾ مري وئي.
هاڻي ٻوڏ جو لڏايل، حادثن جو ماريل ۽ گيسٽرو جو شڪار ٿيل اهو هاري جڏهن پنهنجي ڳوٺ موٽندو ته وٽس کائڻ لاءِ اناج به نه هوندو، نه رهڻ لاءِ گهر هوندو، نه آڳر تي ٻڌڻ ڪو ڀلارو ۽ ڀٽارو مال هوندو، نه انهن جي چوڪيداري ڪندڙ پالتو ۽ وفادار ڪتو هوندو. ان هاريءَ جو نه ڪمائيندڙ پٽ هوندو نه ٻاتائي ڳالهائيندڙ ڌيءَ هوندي. گهر جي آڳر تي بيٺل هڪ نم جي وڻ هيٺان، ڊٺل ڇپرن ۽ ڀڳل کٽولن سان هن کي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻي پوندي. هڪ تباهه ٿيل ڳوٺ جي هاريءَ کي گهر به کپي، گهر جا ٿانوَ به کپن، اوڍڻ ۽ وڇائڻ لاءِ رليون به کپن، پالڻ لاءِ جانور کپن، کير مکڻ ۽ لسيءَ لاءِ سُئا ٻڪريون، ڍڳيون ۽ مينهون به گهرجن، زمين ٺاهڻ لاءِ ٽريڪٽر به گهرجن ۽ ايندڙ فصل پوکڻ لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ به گهرجن. ۽ ايندڙ ڇهه مهينا کائڻ لاءِ ان به گهرجي، تيل تماڪ، کنڊ، پتي، دوا، درمل ۽ ڀاڙي ڪرائي لاءِ پئسا به گهرجن. جيڪڏهن اهي سڀ شيون ۽ اسباب انهن ڳوٺاڻن کي مهيا ڪري ڏنا وڃن پوءِ به انهن ٻوڏ جي ماريل لوڪن کي گهر لڙهڻ جو، فصل سڪڻ جو، مال جي اڌ ملهي وڪڻڻ جو، مري ويل دل جي ٽڪرن جو درد سالن جا سال رئاريندو ۽ جهوريندو رهندو.
تازي ٻوڏ سنڌ جي هڪ ڪروڙ ماڻهن جو رڳو مال، گهر ۽ ملڪيت نه لوڙهي آهي پر هن ٻوڏ ۾ هنن مان ڪيترن جون خود داريون، همٿون ۽ حوصلا به لڙهي ويا آهن. اهي ماڻهو جيڪي غريبن کي کارائيندا هئا، اهي جڏهن پاڻ غريب ٿي، ڪيمپن ۾ ۽ بندن تي کائڻ لاءِ واجهائيندا رهن، تڏهن انهن ماڻهن پاڻ کي يقينن ان ٻوڏ ۾ لڙهندي ۽ ٻڏندي محسوس ڪيو هوندو. جيڪڏهن اسان جي حڪومت، اسان جا خدائي خدمتگار ۽ اسان جا فلاحي ادارا انهن دربدر ٿيل ماڻهن کي ٻيهر گهرن ۾ آباد ڪرڻ لاءِ کين نئين زندگي جي شروعات ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا ته لکن جي تعداد ۾ ڀٽڪيل ماڻهو برباديءَ جي ٽه واٽي تي بيهي، ڪيڏانهن به وڃي سگهن ٿا. انهن مان ڪي ماڻهو فقير ٿي پنڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا ڪي ماڻهو ٻي واٽ نه ڏسي رهزن ۽ ڏوهاري بنجڻ جو رستو وٺي سگهن ٿا ۽ ڪي ماڻهو جسم فروشيءَ جهڙي غيرانساني ۽ غيراخلاقي جي مجبور رستي جي چونڊ به ڪري سگهن ٿا. اسان جي حڪومت ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ وارن کاتن NDMA ۽ انساني ڀلائي وارن ادارن کي هڪ ڪروڙ ماڻهن جي زندگيءَ جي بچاءَ ۽ بحاليءَ جو ڇپر جهڙو بار ڪلهن تي کڻڻو آهي. حڪومت ۽ ان جي ادارن کي نهايت ايمانداري، اهليت ۽ سچائي سان اهو انساني الميو درست ڪرڻ جي شروعات ڪرڻ گهرجي. حڪومت جي ادارن کي به اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن هنن جون رٿائون درست هونديون، رٿائن تي عمل مان نتيجا نڪرندي نظر ايندا ته سخي ۽ شاهوڪار ماڻهو، ملڪ ۽ ادار اسان کي ايتري امداد ضرور ڏيندا جن سان اسين هن قدرتي آفت مان آساني سان اُڪري سگهون.
پر جيڪڏهن اسان دربدر ٿيل ماڻهن جي بحاليءَ واري ڪم ۾ سچائي، ايمانداري ۽ هوشياري نه ڏيکاري ۽ امداد کائي کپائي هڙپ ڪئي، يا اها امداد بي ايمان، هڙکائو ۽ ڪڌن سرڪاري عملدارن جي حوالي ڪئي ته پوءِ وڌيڪ ڪابه امداد نه ملندي ۽ لکين دربدر ٿيل ماڻهو وڌيڪ دربد ٿيندا. خدا نه ڪري جو جيڪڏهن اهي ماڻهو دربدر ٿيا ته پوءِ اهي هن ملڪ ۽ معاشري ۾ ڪهڙا ڪهڙا ممڻ مچائيندا؟ ۽ ان ممڻ جي مچ ۾ خبر ناهي ته ڪير ڪير مري ۽ ٻري سگهي ٿو؟
ٻوڏ ستايلن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ سندن پهرين واهر ڪرڻ ۾ سنڌ سرڪار نهايت ڦڙتائي جو مظاهرو ڪيو آهي، گڏوگڏ هن ٻوڏ جي تباهيءَ جي پهرين مرحلي ۾ سياستدانن، ڀلائي وارن ادارن، سخي ۽ نيڪ مردن ۽ ڪجهه اين جي اوز به پاڻ ملهايو آهي.
اسان اميد ٿا ڪريون ته اسان اڳتي به اهڙي همت جا سندرا ٻڌي بيهنداسين ۽ عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ هنن ٻوڏ جي ماريل ديس واسين کي اهڙي طرح آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين جو اسان جي همدردي ۽ محبت جو ميڻ، سندن اهنجن ۽ ايذائن جو زهر چوسي ڇڏيندو.
”جي هانءُ نه هارين ڪوهياريل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين
ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.“
(نومبر 2010ع ۾ نشر ٿيل)