جڳ کي جيتيندڙ -جڳجيت سنگهه
جڳجيت سنگهه هندستان جي ٿر واري علائقي راجستان جي هڪ پنجابي سک گهراڻي ۾ جنم ورتو، ۽ اسڪول ۾ هندي ۽ اردو ڳالهائيندڙن سان وڏو ٿيو. راجستان جون سرحدون سنڌ ذريعي پاڪستان سان لڳن ٿيون. تنهنڪري راجستان ۾ ڪن سنڌين سان به هن جو اٿڻ ويهڻ ٿيو. بعد ۾ هو بمبئيءَ ويو ۽ لڳ ڀڳ زندگيءَ جا پنجاهه سال اتي رهيو. هن جي شادي بنگال جي هڪ نامور ڪلاڪارا چترا سان ٿي. زندگيءَ جي ايترن گهڻن رنگن ۾ رڱجڻ سبب ئي هن کي اهو اعزاز حاصل آهي جو هو ستن کان وڌيڪ زبانن ۾ ڳائيندو هو جن ۾ پنجابي، اردو، هندي، سنڌي، بنگالي، گجراتي ۽ نيپالي خاص طرح شامل آهن. جيتوڻيڪ هفت زبان گائيڪي پنهنجي لحاظ کان هڪ ڪمال هئي پر هن کي ان کان به وڏو ڪمال سندس زال چترا سان گڏجي ڳائڻ کانپوءِ نصيب ٿيو. جڳجيت ۽ چترا جي جوڙي جڏهن غزل ڳائڻ ويهندي هئي تڏهن ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ موسيقي، ڪمان جي ٻن ڇيڙن ۾ قيد ٿي، ردم جي بند ۾ ٻڌجي وئي آهي.
جيتوڻيڪ جڳجيت جو تعلق هندستاني موسيقيءَ تي صدين کان راڄ ڪندڙ گواليار، ڪرانا يا پٽيالا جهڙن گهراڻن سان نه هو، پر پوءِ به هن جي غزل جي گائيڪيءَ تي ڇاپ ڪنهن ٿانوَ تي پڪي ٿيل ڪنهن ڪنڀار جي اُڪار جهڙي هئي. هن موسيقيءَ جي دنيا ۾ جڏهن پير پاتو ته نور جهان، ملڪا پکراج، بيگم اختر، طلعت محمود ۽ مهدي حسن جهڙا شاهڪار فنڪار غزل جي گائيڪيءَ جا بادشاهه بڻيل هئا. غزل جي بادشاهن جي درٻار ۾ هو هڪ راجستاني ڀٽ وانگي سينَ هڻي داخل ٿيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ان جاءِ تي پهتو جو وڏا وڏا فنڪار هن کي احترام مان اڳيان جاءِ ڏيڻ لڳا.
جڳجيت پهريون ڀيرو چترا سان گڏجي 1969ع ۾ ڳايو ۽ ٻن سالن کانپوءِ هن سان شادي به ڪئي. جڳجيت جو عروج حقيقت ۾ تڏهن ئي ٿيو جڏهن چترا هن سان ڳائڻ ۾ به جوڙيوالي ڪئي. 1976ع ۾ هن جو پهريون البم جاري ٿيو ۽ هن کي سڀ کان وڌيڪ مقبوليت انهن ئي گيتن ڏني جن ۾ هن قدرتي محسوس ٿيندڙ جوڙي گڏجي ڳايو. جڳجيت سنگهه هندستان جي ڪيترين ئي مشهور فلمن لاءِ پڻ ڳاتو جن ۾ ارٿ، ساٿ ساٿ ۽ پريم گيت گهڻيون مشهور آهن. ۽ هن مرزا غالب، فراق گورکپوري ۽ قتيل شفائي کان وٺي هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائيءَ تائين ڪيترن ئي شاعرن جي شاعريءَ کي پنهنجي گيتن جي مالا ۾ پويو هو. جڳجيت سنگهه پاڪستان جي غزل جي بادشاهه سمجهيو ويندڙ ڪلاڪار مهدي حسن سان گڏجي ڳائڻ پئي چاهيو. پر هن جي اها خواهش مهدي حسن جي بيمار هئڻ سبب پوري ٿي نه سگهي. ساڳيءَ ريت پاڪستان جي غزل جي اڀريل نالي غلام علي خان کي به زندگي جو ڏاڍو ذوق رهيو ته هو جڳجيت سان گڏجي ڳائي. پر گذريل مهيني جي 23 سيپٽمبر جي تاريخ تي جڏهن پاڪستان ڄائو غلام علي جڳجيت سنگهه سان گڏ ڳائڻ لاءِ بمبئيءَ پهتو ته محفل شروع ٿيڻ کان اڳ ئي جڳجيت جي دماغ جي رڳ ڦڙڪي ۽ ڦاٽي پئي جنهن کانپوءِ غزل گو غلام علي جي اها خواهش به پوري نه ٿي سگهي. مهدي حسن ۽ غلام علي سان نه ڳائي سگهندڙ جڳجيت سنگهه رڳو پنهنجي وني چترا ۽ برصغير جي ڪوئل لتا منگيشڪر سان گڏ ڳائي سگهيو.
جڳجيت سنگهه ۽ چترا جو اڪيلو پٽ وويڪ جڏهن 1990 ۾ ڦوهه جوانيءَ ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ مري ويو تڏهن پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ چترا کان ڳائڻ به وڇڙي ويو. جڳجيت ۽ چترا جي چاهيندڙن جو خيال آهي ته جڳجيت جي زال چترا پنهنجي پٽ جي وڇوڙي ۾ ايترو رني هئي جو سندس سرن ۽ آوازن جا پنڌ ۽ پيچرا ئي تبديل ٿي ويا هئا. درد جي ڪٿائن کي فن طور ڳائيندڙ چترا پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ جڏهن جيئري ئي جهري پئي ۽ هن جي فن ۾ نظر ايندڙ درد جڏهن هن جي ذاتي ۽ دائمي درد ۾ تبديل ٿيو تڏهن ان المئي ڄڻ هن جي فن کي فنا ڪري ڇڏيو ۽ پٽ جي لاڏاڻي کانپوءِ چترا ڪڏهن به ٻيهر اسٽيج تي ڳائيندي نظر نه آئي. چترا جي فنڪار طور الڳ ٿيڻ کانپوءِ جڳجيت لتا منگيشڪر سان گڏجي ڳايو.
راجستان جي وارياسن پٽن ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ جڳجيت سنگهه زندگيءَ جو گهڻو عرصو غربت سان جهيڙيندي گذاريو هو. جنهنڪري هن کي غريبن سان بي پناهه محبت پڻ هئي. فنڪارن ۽ ڪلارڪارن جي سمونڊ جهڙي شهر بمبئي ۾ جڏهن هو سِپَ وانگي سري سري داخل ٿيو، تڏهن هن کي کائڻ، رهڻ ۽ اچڻ وڃڻ لاءِ به پيسن جي اڻهوند هوندي هئي ۽ پوءِ کاري جي ڪناري تي آباد بمبئي جي شهر ۾، سيني ۾ سُرن جا سوين موتي سهيڙيندڙ هي سِپَ جهڙو سهڻو فنڪار پاڻيءَ جا ٻه قطرا پي بک تي سمهي پوندو هو. هڪ وقت کانپوءِ بچايل ماني هو جڏهن ٻئي وقت لاءِ سانڍي رکندو هو ته هن جي غريباڻي ڪمري ۾ رهندڙ ڪوئا هن جي اها ماني به کائي ويندا هئا. هن هڪ ڀيري ٻڌايو هو ته بمبئي کان جالنڌر وڃڻ لاءِ هن وٽ ريل جو ڀاڙو به نه هوندو هو. ۽ هو گهڻو ڪري ريل ۾ بنا ٽڪيٽ سفر ڪندو هو. ۽ سفر دوران ريل گاڏي جي ٽوائلٽ ۾ بيهي وقت گذاريندو هو. ها پر ايترو ضرور آهي ته غربت جا اهي حملا جڳجيت سنگهه جي ذوق کي ڪڏهن به جهڪائي نه سگهيا. راجستان جي جي ريت ۾ ڄاول ۽ هندستان جي غربت جي چڪي جي پيٺل هن ڪلاڪار کي جڏهن بمبئيءَ جي هوا ۽ فلمن جي فضا ميسر ٿي ته ان مان هڪ عظيم ڪلاڪار اڀري پيو. ۽ پوءِ فن جي دنيا ۾ فقير طور داخل ٿيل هي فنڪار غزل جي ڳائيڪيءَ جو بادشاهه سڏجڻ لڳو. فن جي عروج تي پهچڻ کانپوءِ جڳجيت سنگهه جي جتيءَ تي جڏهن دولت جي سلامي ٿيڻ لڳي ته هو هڪ مالدار شخص بڻجڻ لڳو، پر پوءِ به هن پنهنجي ڏکويل ڏينهن ۽ ڏيهه کي نه وساريو. سنڌ جي ڪنور ڀڳت ۽ مصر جي امِ ڪلثوم وانگي هي به پنهنجي ان ڪمايل پئسن مان غريبن جي اسڪولن، لائبريرين ۽ غريب توڙي يتيم ٻارڙن جي سهائتا لاءِ قائم ڪيل ادارن کي دل کولي امداد ڏيندو هو.
جڳجيت پنهنجي سُرن ۽ سازن سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا جن ۾ ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ شامل آهن. پر هن کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته هو واحد هندستاني فنڪار آهي جيڪو پاڪستان ڏانهن اچڻ ۾ دلچسپي رکندو هو. جڳجيت جا پنجابي، اردو ۽ هندي ۾ ڪيترائي غزل مشهور آهن ۽ هن بمبئي ۾ 2007ع ۾ جاري ٿيل هڪ سنڌي فلم “پيار ڪري ڏس ” لاءِ پڻ ڳايو. هي فلم بمبئي جي هڪ سنڌي “ڪمار نٿاڻيءَ ” جي ڊائريڪٽ ڪيل هئي. جيتوڻيڪ جڳجيت جي هر محفل هڪ يادگار محفل هئي پر 2007ع جي مئي مهيني ۾ جڏهن دهلي ۾ 1857ع جي جنگ آزادي جي 150 هين سالگرهه ملهائي وئي تڏهن آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جو ڪلام “ لگتا نهين هي دل ميرا، اجڙي ديار مين ” جڏهن هن ڳاتو هو تڏهن سڄي محفل جهومي پئي هئي. ان محفل ۾ هندستان جي صدر اي پي جي ابوالڪلام، وزيراعظم من موهن سنگهه، سونيا گانڌيءَ سميت هندستان جا چوٽيءَ جا سياستدان ۽ مهمان ويٺل هئا. هندستاني موسيقيءَ جي پهرين غزل گو جوڙي کي پٽ جي وڇوڙي ڌار ڪري وڌو هو. وويڪ جي موت کانپوءِ چترا ته ڳائڻ ئي ڇڏي وئي، پر پٽ جي وڇوڙي جڳجيت سنگهه کي به جهور ۽ جهيڻو ڪري وڌو. اڪيلي پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ جڳجيت سنگهه گهڻو ڪري صوفي، سنتي ۽ ويدانتي شاعري ڳائيندو هو ۽ سندس هر محفل ۾ سنتن جا دوها، ڀَڄن ۽ گُرٻاڻيون ضرور ٻڌبيون هيون. راجستان ۾ جنم وٺندڙ هن فنڪار جي ديس جو سنڌ جي سرحد ذريعي پاڪستان سان به هڪ پاڙيسري ناتو هو. تنهنڪري هن جي گائيڪي ٻن پاڙيسري تهذيبن وچ ۾ دشمنيون وساري دوستيءَ جو پيغام پڻ بڻجي سگهن ٿيون.
(13 آڪٽوبر 2011ع تي نشر ٿيل)