تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

مذهبي جنون هٿان ماريل پنجاب جو گورنر- سلمان تاثير

ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ محفوظ سمجهي ويندڙ شهر اسلام آباد ۾ پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ سندس قتل کي مذهبي جنون جي چادر ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڪجهه انتهاپسند خيال رکندڙ حلقن چيو آهي ته سلمان تاثير کي توهين رسالت جي قانون خلاف ڳالهائڻ تي قتل ڪيو ويو آهي. ڪن وري هن قتل کي جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪن ماڻهن وري سلمان تاثير جي قاتل کي سورمو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ڪجهه وڪيلن ۽ مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن، جهڙيءَ ريت سلمان تاثير جي قتل جي آجيان ڪئي آهي ان مان اندازو ٿئي ٿو ته اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ شدت پسندي ڪيتري نه وڌي وئي آهي ۽ ماڻهن ۾ موت ڪيترو نه مقبول ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ، اسان جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت ۾ موت هڪ اڻٽر ۽ اڻ وڻندڙ حقيقت ته ضرور رهيو آهي پر موت ڪڏهن به خوشي ۽ اتساهه جو ذريعو نه رهيو آهي. اسان جي روايتن ۾ ته ائين به رهيو آهي ته دشمن جي موت تي به ڪڏهن سرهائيءَ جو اظهار نه ڪبو آهي. پنجابيءَ جو اهو مشهور پهاڪو ان جو چٽو اظهار آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته،
”دشمن مري ته خوشي نه ڪريئي. سجڻان ڀي مرجاسن“
سلمان تاثير جو قتل، اسان جي سياست ۾ آيل انتهاپسنديءَ جي ان لهر جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن لهر ۾ اسان جا ڪيترائي للنگهه مڙس لڙهي ويا آهن.
سنڌوماٿريءَ جو اهو ملڪ جنهن ۾ اڄڪلهه گهڻي ڀاڱي پاڪستان قائم آهي، ان سنڌ توڙي هند جي تاريخ، سماج ۽ سڀيتا ته ان ڳالهه جون شاهد آهن ته اسان جو ملڪ ۽ ماڻهو درگذر ڪرڻ، مخالف يا مختلف راءِ جو احترام ڪرڻ ۽ ٻئي کي پنهنجي راءِ رکڻ جو حق ڏيڻ جا حامي رهيا آهن. قديم سنڌ جو معاشرو، پنهنجي انهن گڻن ۽ لڇڻن سبب ڄڻ ته فطري طور آزاد ۽ روشن خيال رهيو آهي ۽ موجودهه دور جي جديد جمهوريت جي اچڻ کان به اڳ جمهوري رهيو آهي.
اهوئي سبب آهي جو هنن تهذيبن ۾ مختلف انساني نسلن، ٻولين ۽ مذهبن جا ماڻهو هزارين سالن کان گڏ رهندا آيا آهن ۽ اهي به اهڙي ريت رهندا آيا آهن ڄڻ هو هڪ ئي پيڙهي، ٻولي ۽ ڌرم سان واسطو رکندڙ هجن.
هندستان ۾ خواجا معين الدين چشتي اجميريءَ جي آسڻ تي جڏهن قواليون ڳائجن ٿيون ته ان جي سرود ۾ هندو ۽ مسلمان گڏجي جهومن ٿا. ساڳي ريت حضرت بختيار ڪاڪي ۽ نظام الدين اولياءَ جي مزارن تي جيڪي مَٽيون ڀرجن ۽ مِٽيون چمجن ٿيون، انهيءَ ۾ هندن توڙي مسلمانن ٻنهي جا هٿ ۽ چپ شامل آهن، انهيءَ صوفي سلسلي جي بزرگ حضرت فريدالدين شڪرگنج جي پاڪستان جي پنجاب جي پاڪ پتڻ واري علائقي ۾ جيڪا درگاهه آهي اتي به مڙني مذهبن جا ماڻهو عقيدت جي هڪ ئي انداز سان اچن ٿا ۽ حاضري ڀرين ٿا. پاڪ پتڻ جي هن بزرگ کي ته سک مذهب جا پوئلڳ پنهنجي پندرهن وڏن ڀڳتن مان هڪ ڳڻين ٿا.
لاهور کي نئون نانءُ ڏيندڙ داتا گنج بخش ۽ لاهور ۾ حضرت ميان مير سيوهاڻيءَ جي درگاهه مسلمانن سان گڏوگڏ هندن ۽ سکن جي عقيدتن ۽ محبتن جو مرڪز به رهي آهي، ان کان سواءِ سنڌ ۽ پنجاب جا سوين بزرگ هتان جي سمورن مذهبن جي ماڻهن لاءِ هڪ جهڙي احترام ۽ عقيدي جو مرڪز رهيا آهن جن ۾ قصور وارو بابا بلي شاهه، هير رانجهي وارو وارث شاهه، ماڌولال وارو شاهه حسين، حق ۽ هوءَ وارو سلطان باهو، سيوهڻ وارو لال شهباز، ڀٽ وارو شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جهوڪ وارو شاهه عنايت شهيد، درازن وارو سچل سرمست، ڪنڊڙيءَ وارو روحل ۽ ٻيا ڪيترائي صوفي بزرگ شامل آهن.
ڀڳت ڪبير، گرونانڪ، فريدالدين شڪرگنج، قلندر لال، اڏيري لال ۽ شاهه عنايت شهيد واري صوفي سلسلي جي صوفين سميت سنڌ ۽ هند جا ڪيترائي صوفي، سنت ۽ شاعر اهڙا آهن جن تي هندن، سکن ۽ مسلمانن جي هڪ جيتري دعويٰ آهي. تنهن ڪري ڏکڻ ايشيا جي سڄي خطي ۾ ۽ ان ۾ وري خاص ڪري سنڌوماٿريءَ جي ملڪ ۾ ڪڏهن به مذهبي منافرت يا جهيڙو رهيو ئي نه آهي. ويهين صديءَ جي سياسي مقصدن لاءِ ڪرايل جهيڙن کان سواءِ باقي سپت سنڌوءَ جي ڌارائن واري هن ديس ۾ ڪڏهن به مذهبي جهيڙو نه رهيو آهي. هتي ته هندن ۽ مسلمانن جي ٻارڙن جا ڪيترائي ساڳيا نالا پڻ رکيا وڃن ٿا ۽ منجهن ڪيتريون ئي اهڙيون رسمون ۽ سنؤڻ ساٺ به آهن، جيڪي هو هڪ جهڙي نموني ملهائن ٿا. پوءِ جڏهن مختلف مذهبن وچ ۾ ئي ڪو جهيڙو نه رهيو آهي تڏهن هڪ ئي مذهب جي اندر مختلف خيال رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ ڪنهن تڪرار جو به ڪو سبب نه آهي. جيتوڻيڪ شيعن، بريلوين ۽ ديوبندين جا عقيدا هڪ ٻئي کان ٿورا مختلف به رهيا آهن پر اهي عقيدا سوين سالن کان موجود رهيا آهن، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي خاص عقيدي جي مڃتا لاءِ ٻئي عقيدي جي مڃيندڙ کي قتل ڪري ته ان جي رستا روڪ ٿيڻ گهرجي.
انتهاپسندي سياست ۾ هجي، معاشرت ۾ هجي، يا مذهب ۾ هجي اها جتي به آهي، خراب آهي ۽ ان کي ڪهڙيءَ ريت به درست نه ڪوٺيو وڃي ۽ ان جي ڪهڙيءَ ريت به حمايت نه ڪرڻ گهرجي. انتهاپسنديءَ جي لاڙن سبب اسان جي سماج ۾ هر روز ڪيترائي ماڻهو قتل ٿين ٿا، سياست ۾ انتهاپسنديءَ سبب هندستان ۾ نٿو رام هٿان مهاتما گانڌي،محافظ ست ونت سنگهه هٿان اندرا گانڌي ۽ ملهي نالي نوجوان تامل ڇوڪريءَ هٿان راجيو گانڌي قتل ٿي چڪا آهن. ساڳيءَ ريت پاڪستان ۾ اڪبر نالي پٺاڻ هٿان پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جو قتل پڻ انتهاپسنديءَ جا ڏنل ”تحفا“ آهن.
شدت پسنديءَ جي سياست جو سڀ کان وڏو شڪار ته اهي جماعتون به رهيون آهن، جيڪي اڄ سڌي يا اڻ سڌي طرح اهڙي موت ۽ سياست جي حمايت ڪن ٿيون جنهن جو شڪار سلمان تاثير ٿيو آهي. اهل حديث جو مشهور عالم علاما احسان الاهي ظهير لاهور ۾ بم حملي ۾ ماريو ويو هو. علامه حسن ترابيءَ سميت ڪيترائي شيعا عالم اهڙي قسم جي انتهاپسنديءَ جو شڪار ٿيا آهن. سلمان تاثير جي قاتل جو تعلق جنهن تنظيم سان ٻڌايو وڃي ٿو، اها سني تحريڪ پاڻ به ان انتهاپسنديءَ جو سڀ کان وڏو شڪار رهي آهي. ۽ اپريل 2006ع ۾ ڪراچيءَ جي نشترپارڪ ۾ بم حملي ذريعي ان تنظيم جي 50 کان وڌيڪ اڳواڻن کي هڪ ئي هنڌ قتل ڪيو ويو هو. شدت پسنديءَ جي اها سياست، جنهن هن ملڪ جي ڪيترين سياسي ۽ مذهبي پارٽين جا اڳواڻ اسان کان کسيا هجن، ان شدت پسنديءَ جي سياست کان اسان کي، پنهنجي اڳواڻن جي خون جي صدقي، علحدگي ۽ بيزاريءَ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. اسان کي اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهڻي پوندي ته اسين جيڪڏهن پنهنجي مخالفن لاءِجيڪي اوڙاهه ٻارينداسين اهي خود اسان کي به ٻاري ۽ ماري سگهن ٿا ۽ جيڪي کڏون، اسين پنهنجي مخالفن لاءِ کوٽيون آهن، ان ۾ اسين پاڻ به ڪري سگهون ٿا.
سلمان تاثير جو قتل انتهاپسندي ۽ اڻ سهپ جي سياست جي سلسلي ۾ ان زنجير جي ڪڙي آهي، جنهن انتهاپسنديءَ جي زنجير ۾ اسان جي ملڪ جي سياست، معاشرت ۽ مذهبي فرقا سڀ جڪڙيا ۽ پڪڙيا پيا آهن. اچو ته انتهاپسنديءَ کان لاتعلقيءَ جو اعلان ڪريون ۽ پنهنجي پنهنجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي انتهاپسند حملن ذريعي موت کان بچائڻ لاءِ ڪوششن ۾ هٿ ونڊايون. اچو ته ٻين لاءِ خير گهرون ته جيئن پاڻ به ان خير ۽ سلامتيءَ مان ونڊ وٺڻ جهڙا ٿيون.

(6 جنوري 2011 تي نشر ٿيل)