غلام مصطفيٰ جتوئي جو وڇوڙو
غلام مصطفيٰ جتوئي جنهن کي اڄ کان پوءِ مرحوم ليکيو ويندو، 78 سالن جي عمر ۾ پنهنجو دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو. هن جي آخرين نماز ۾ علائقي، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي ماڻهن جي ايتري انگ ۾ شرڪت ڪئي جو هن جي لاءِ پڙهي ويندڙ ان نماز کي ملڪي تاريخ جي وڏين نمازن ۾ شريڪ ڪري سگهجي ٿو. 78 سالن جي عمر مان سٺ سالن کان وڌيڪ سياسي زندگي گذاريندڙ، غلام مصطفيٰ جتوئي جي زندگي جا هونئن ته ڪيترائي پهلو، لکڻ ۽ ليکي ۾ آڻڻ جهڙا آهن پر سندس زندگيءَ جو سڀ کان قداور پاسو سياستدانن کي گڏائي ويهارڻ ۽ گڏائي هلائڻ وارو يعني ”سيمينٽنگ فورس“ وارو هو.
پنهنجي ٿڌي مٽي ۽ ماٺيڻي مزاج سبب هو پنهنجي دوستن ۽ رفيقن ۾ ايترو ته مقبول هو جو جيڪڏهن هو ڪنهن وٽ هلي ويندو هو ۽ ڪنهن کي ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم چوندو هو ته کانئس ڪوبه ڪنڌ ڪڍرائي نه سگهندو هو. هو پنهنجي سياسي رفيقن کي راڄائتي انداز ۾ گڏ کڻي هلندو هو ۽ اهو سندس طبيعت ۽ شخصيت جو ئي ڪمال هو جو هو پاڪستاني سياست جي ڌار ڌار مڪتبه فڪر جي ڌرائن جي اڳواڻن يعني سرخ پرچمن ۽ ساون جهنڊن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ کڻي هلندو هو، ايم آر ڊي تحريڪ ان جو وڏو مثال آهي.
ولي خان، اصغر خان ۽ مولانا فضل الرحمان جهڙن سياستدانن، جن جي پارٽين شهيد ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ واري تحريڪ ۾ ڀرپور ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو، اهي ڀٽي جي شهادت کان صرف 18 مهينا پوءِ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ راضي ٿيا ۽ ان راضپي جون ڪوششون جتوئي صاحب جي محنتن جو نتيجو آهن.
ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪاميابيءَ ۾ جتوئي خاندان جو ڪيترو حصو آهي، ان لاءِ هڪ ايمانداراڻي تجزئي جي ضرورت آهي. جمهوريت جي بحاليءَ واري ان تحريڪ جون چڻنگون جيتوڻيڪ سڄي سنڌ ۾ ٻري رهيون هيون پر نوشهري، نوابشاهه ۽ دادو ۾ جيڪي ڀڀڙ پئي ڀڙڪيا، انهن کي ڏنوَ ڏيڻ وارو غلام مصطفيٰ جتوئي ئي هو. ايم آر ڊيءَ جي ان تحريڪ ۾ جتوئي صاحب ۽ ان جي ڀائرن، پٽن ۽ ڀائٽين ايترو ته زور ۽ سنجيدگي سان پئي حصو ورتو ڄڻ ته اها تحريڪ سندن ذاتي مسئلو هجي. غلام مصطفيٰ جتوئي، سندس ننڍو ڀاءُ غلام مجتبيٰ جتوئي ڪراچيءَ ۽ مچ جي جيلن ۾ بند هئا، پٺيان وري جتوئي صاحب جي وڏي فرزند غلام مرتضيٰ جتوئي نوشهري، موري، نوابشاهه ۽ دادوءَ ۾ وڏن احتجاجن جا انتظام ڪيا. ان سبب جي ڪري موري شهر واري تاريخي احتجاج ۾ ويڙهه دوران قتل ٿيل اٺن پوليس عملدارن جي قتل جي ايف آءِ آر جتوئي صاحب جي فرزند غلام مرتضيٰ جتوئي جي خلاف داخل ڪئي وئي هئي.
ايم آر ڊي تحريڪ جو ڪو به ڏهاڙو اهڙو نه هوندو هو، جنهن ۾ پاڪستان جي شاهه رڳ سمجهيو ويندڙ نيشنل هاءِ وي ڪنهن نه ڪنهن هنڌ تان بند نه هوندو هو ۽ ڪابه اهڙي شام نه هوندي هئي، جنهن ۾ بي بي سي جو جڳ مشهور رپورٽر مارڪ ٽلي موري، دادو ۽ نوابشاهه جي ڪا وڏي واردات رپورٽ نه ڪندو هو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ سبب جتوئي صاحب جي خاندان جي ڪاروبار کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو ويو ۽ سندس فرزند غلام مرتضيٰ جتوئي کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم صادر ڪيو ويو. ان دوران وقت جي آمرجنرل ضياءَ، جتوئي صاحب کي وزيراعظم بنجڻ جي آڇ ته ڪئي پر ساهتيءَ جي هن سخن ور، انوقت پ پ سان بيوفائي ڪري وزرات عظميٰ جي ڪرسي وٺڻ کان انڪار ڪيو. چئن سالن جي وڏ وزارت ۽ پوءِ مارشل لا جي دور ۾ ايم آر ڊي جهڙي شاندار تحريڪ هلائڻ سبب جتوئي صاحب جو ملڪ ۾ مجموعي طرح ۽ سنڌ ۾ خاص طرح قدڪاٺ ايترو وڌيل هو، جو پ پ جي ڪجهه ڪوتاهه نظر ۽ ٻئي درجي جي اڳواڻن شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو کي اهو باور ڪرائڻ شروع ڪيو ته جتوئي صاحب پارٽيءَ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن کان پوءِ جتوئي صاحب ۽ محترما ۾ اختلاف وڌيا جيڪي اڳتي هلي نيشنل پيپلزپارٽي ٺهڻ جي صورت ۾ ختم ٿيا. جتوئي صاحب کي شڪايت هئي ته هن ايم آر ڊي تحريڪ کي جهڙيءَ ريت هلايو، وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ کي جهڙي ريت ٿڏيو ۽ ڀٽي خاندان سان جهڙيءَ ريت نڀايو، ان مناسبت سان سندس قدر نه ڪيو ويو. بي قدريءَ جي انهيءَ غم ۾ جتوئي صاحب، جيئن ئي ڏکارو ٿي، پ پ کان الڳ ٿيو ته ڪڏهن به ٻيهر واپس نه ويو. پ پ کان جدائي ۽ بي وفائي ته ڪيترن ئي جيلانين، بخارين، جمالين ۽ بجاراڻين به ڪئي پر هو ڪڏهن به پنهنجي ڪاوڙ جي قيمت ادا نه ڪري سگهيا ۽ سدائين توبهه تائب ٿي پ پ ۾ بار بار داخل ٿيا. ان جي ابتڙ جتوئي صاحب ڏک وچان پ پ کي ڏهاڳ ڏئي جيئن ئي رٺو ته ڪڏهن به واپس نه آيو، ڏک جي اها ڏِک به سندس همت ۽ جرئت جو ثبوت هئي.
1990ع ۾ صدر غلام اسحاق خان طرفان پنهنجو پهريون اقتدار وڃائڻ کان پوءِ ۽ 1990ع ۾ ڄام صادق جا تيور ڏسڻ بعد محترما بينظير ڀٽو چاچن يعني انڪلز ڏانهن پاليسي تبديل ڪئي ۽ جتوئي صاحب کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 1993ع واري حڪومت ۾ جتوئي صاحب جي نيشنل پيپلزپارٽيءَ کي سنڌ حڪومت ۾ ڀائيوار بنايو. ان ئي حڪومت ۾ ملڪ غلام مصطفيٰ کر به پيپلزپارٽيءَ ۾ ٻيهر شامل ٿيو هو ۽ وفاقي وزير بنيو.
جتوئي صاحب زندگيءَ ۾ رڳو هڪ ئي چونڊ هارائي ۽ اها چونڊ 1988ع واري اها پهرين چونڊ هئي، جيڪا ڀٽي جي شهادت کان پوءِ پيپلزپارٽي پهريون ڀيرو وڙهي رهي هئي. 1988ع تائين جتوئي صاحب جي سياست جو انداز ملڪ گير هوندو هو. هن جو وقت مختلف پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن سان گڏجاڻين ۾ مصروف گذرندو هو. پر 88 واري چونڊن ۾ شڪست کان پوءِ جتوئي صاحب جڏهن پنهنجي تڪ، تر ۽ ضلعي تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو تڏهن کان علائقي جو عوام کيس سدائين کٽائيندو آيو ۽ هن توڙي هن جي پٽن ۽ ڀائٽين نوشهرو فيروز ضلعي مان ڪڏهن به مجموعي طور شڪست نه کاڌي آهي.
جتوئي صاحب پنهنجي سياست ۽ سرگرميءَ جي جوانيءَ وارا سال پيپلزپارٽيءَ ۾ ئي گهاريا هئا. ڀٽي صاحب سان گهڻو گڏ رهڻ ڪري سندس سياست توڙي سخاوت جا انداز به ڀٽي جهڙائي هوندا هئا. وقت جي ويرن ۽ زماني جي امتحانن گذرڻ ۽ گذارڻ کان پوءِ هو جڏهن اڪيلو ٿي ويو تڏهن به نه همت هاريائين ۽ نه ئي پنهنجا انداز ۽ سخن بدلايائين، سندس اوطاق ۽ گهرتي، نوان جتوئي، ڪراچي يا اسلام آباد ۾ جتي به ڪو ماڻهو وٽس هلي ويندو هو ۽ کيس ڪنهن ڪم ڪار سانگي خط، فون يا سفارش لاءِ چوندو هو ته هو ڪڏهن به ڪنهن کان اهو نه پڇندو هو ته ”تون ڪنهن جو ووٽر آهين، ڪهڙي تڪ جو آهين اسان جو حامي آهين يا مخالف آهين؟“ تڏي تي آيل ڪڏهن ڪڏهن جيڪڏهن ڪنهن مخالف ڌر واري ماڻهوءَ جي نشاندهي ٿيندي هئي تڏهن به جتوئي صاحب چوندو هو ته ”اسان وٽ هلي آيو آهي، اسان ۾ اميد ڪري آيو آهي، اسان ان کي نه موٽائينداسون، اڳتي سندس نيت ڄاڻي.“
جتوئي صاحب جي دل ساهتيءَ جي مٽيءَ جهڙي باذوق ۽ زرخيز هئي. اهوئي سبب هو جو سندس ذاتي دوستن جو حلقو نهايت وسيع هو ۽ سندس دوستيءَ جي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ڪهي آيل ڪڏهن به جيئري هن کان جدا نه ٿي سگهندو هو. پارٽيون ڪهڙيون به هجن، سياست ڪهڙي به هجي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو جتوئي صاحب سان هڪ ڀيرو به دوستيءَ جا ٻه قدم ڀريندو هو ته جتوئي صاحب ان سان چار قدم اڳتي وڌي هلندو هو ۽ اهو تعلق مرڻ کان پوءِ، پونئيرن سان به جاري رکندو هو.
ماڻهن کي روزگار ڏيڻ ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪمن جي تارازيءَ ۾ جتوئي صاحب کي تورڻ، ان جي شخصيت سان زيادتي ٿيندي. جيتوڻيڪ سندس دور ۾ سڀ کان وڌيڪ پڪا رستا نوابشاهه ۽ نوشهري ضلعن ۾ ٺهيا پر هن جي سياست ۽ شخصيت جو قد سدائين ملڪ گير سطح تي ماپيو ويو آهي. اهوئي سبب هو جو نوابزادي نصرالله، خان ولي خان، شيرباز مزاري، غوث بخش بزنجي ۽ عطاءُالله مينگل جهڙا سياستدان سدائين، جتوئي صاحب جي جوڙ ۾ ڏٺا ۽ ٻڌا ويندا هئا ۽ هاڻ اها ڳالهه سچي ٿي لڳي ته نوابزادي نصرالله خان کان پوءِ مخالف ڌر جي سياست ختم ٿي وئي ۽ جتوئي صاحب جي جدائي کان پوءِ اتحادي سياست جو مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي.
حيدرآباد جي مشهور صحافي ايم اي لغاري هڪ ڀيري لکيو هو ته غلام مصطفيٰ جتوئي واحد سياستدان آهي، جنهن جا اڇا وار به سهڻا لڳندا آهن. جتوئي صاحب جي سياست سان ڪو ڀلي اختلاف ڪري پر هن جي اڇن وارن جهڙي سفيد سيرت، سڀاءُ ۽ وضع داريءَ سان ڪير به اختلاف نه ڪري سگهندو.
جتوئي صاحب جو وڇوڙو، سنڌ مان خدمت ۽ روايتن جي امين سياست جو وڇوڙو آهي، جيڪو سنڌ ۾ شايد ئي ڪو سياستدان ڀري سگهي.
(22 نومبر 2009ع تي نشر ٿيل)