ڪراچي جو سدا بهار - ميري ويدر ٽاور
ميري ويڌر ٽاور، جنهن کي ڪراچيءَ جا ماڻهو عام طرح ٽاور ڪري ڪوٺين ٿا، اهو انگريز دور جي عمارتن جي سڀ کان وڏي ۽ يادگار نشاني آهي. جيتوڻيڪ فريئر هال، ايمپريس مارڪيٽ، هاءِ ڪورٽ جي عمارت، سنڌ اسيمبلي جي بلڊنگ سميت ڪيترائي چرچ ۽ عمارتون به انگريز دور جي يادگارن ۾ شامل آهن، پر ميري ويڌر ٽاور سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ گهڻي آڳاٽي عمارت آهي. ميري ويڌر ٽاور ڪراچيءَ جي ٻارهين ڪمشنر جنرل سر وليم ايل ميري ويڌر جي خدمتن جي مڃتا لاءِ تعمير ڪرايو ويو هو. جيتوڻيڪ وليم ميري ويڌر 1877- 1868ع تائين ڏهه سال لاڳيتو سنڌ جو ڪمشنر رهيو پر سندس ياد ۾ جوڙايل ٽاور جو ڪم سندس وڃڻ کان 11 سال پوءِ شروع ڪيو ويو.
ڇاڪاڻ ته انوقت سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل هئي ۽ سنڌ تي بمبئي جي گورنر جو مقرر ڪيل ڪمشنر حڪومت ڪندو هو، تنهن ڪري ميري ويڌر ٽاور جي پيڙهه جو پٿر به ان وقت جي بمبئي جي گورنر سر جيمس فرگوسن 1884ع ۾ رکيو. ميري ويڌر ٽاور تي اٺ سال لاڳيتو ڪم هلندو رهيو ۽ 1892ع ۾ جڏهن اهو جڙي راس ٿيو ته ان کي ڪراچي ميونسپالٽي حوالي ڪيو ويو.
بارٽل فيريئر کان پوءِ ميري ويڌر سنڌ جو اهو ڪمشنر هو جنهن سنڌ صوبي جي ترقيءَ لاءِ تمام وڏي جاکوڙ ۽ دلچسپيءَ سان ڪم ڪيو اهڙين خدمتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هي يادگار ٽاور تعمير ڪرايو ويو هو.
ميري ويڌر ٽاور جي ڊزائين ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي انجنيئر جيمس اسٽريچن تيار ڪئي هئي. هي ئي اهو انجنيئر هو جنهن ان ئي سال ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي جي مشهور ايمپريس مارڪيٽ جو نقشو تيار ڪيو هو. ايمپريس مارڪيٽ وارو ٽاور ۽ ميري ويڌر جيتوڻيڪ ساڳئي طرز جا ٽاور آهن پر ميري ويڌر وارو ٽاور، ايمپريس مارڪيٽ واري ٽاور کان گهڻو اوچو ۽ ويڪرو آهي. ميري ويڌر ٽاور جو بنياد 44 هم چورس فوٽن تي رکيل آهي ۽ سندس ڊيگهه 102 فوٽ آهي. ٽاور کي هر پاسي کان هڪ دروازو ۽ هر پاسي کان ٻه ٻه دريون آهن اهڙي ريت ٽاور کي 4 دروازا ۽ 8 دريون لڳل آهن.
جڏهن ڪراچيءَ جي شاهه رڳن جهڙن رستن عرف شاهراهن تي اوچيون عمارتون نه ٺهيون هيون، جڏهن اڃا حبيب بئنڪ پلازا نه جُڙي هئي ۽ نه ئي اڃا ميمڻ مسجد جا منارا تعمير ٿيا هئا، تڏهن ميڪلوڊ روڊ ۽ بندر روڊ جي ميلاپ واري ماڳ تي ٽاور، اڪيلي ۽ قداور عمارت طور ايندڙ ويندڙ ماڻهن جو استقبال ڪندو هو.
ميري ويڌر ٽاور جي عمارت انگريز تاريخ جي وچين دور يا مڊل ايجز واري فن عمارت جي نموني تي ٺهيل آهي. ميري ويدر ٽاور برطانيا ۾ ايلي نر ڪراس (Eleanor corss) جي 12 ٽاور نموني تي ٺهيل آهي. ايلي نر ڪراس جا اهي ٽاور ڪنگ ايڊورڊ پهرئين ان وقت ٺهرايا هئا جڏهن سندس زال مري وئي هئي ۽ پوءِ سندس جنازو لنڊن ڏانهن آندو ويو هو. جنازي جي ڪانڌين جتي جتي رات گذاري، اتي اهي ٽاور راڻيءَ جي موت جي سفر جي يادگار طور ٺهرايا ويا هئا. جيتوڻيڪ ڪنگ ايڊورڊ پهرئين کي 7 صدين کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، پر سندس عشق جي يادگار جا اهي ٽاور انگريز بيٺڪن وارن ملڪن ۾ اڄ به انگريز حڪومت جي ياد کي تازو ڪن ٿا.
ميري ويڌر ٽاور 1892ع ۾ جڏهن ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي حوالي ٿيو هو تڏهن، ڪراچيءَ جي رستن تي رڳو اٺن ۽ گڏهن وارا گاڏا هلندا هئا. بعد ۾ ڪن ڪن اميرن گهوڙن تي هلندڙ چئن ڦيٿن واريون اهي بگيون به هنن روڊن تي هلايون، جن بگين تي راڻي وڪٽوريا هلندي هئي. بعد ۾ چئن ڦيٿن وارين انهن گهوڙي گاڏين کي وڪٽوريا گاڏيون چيو ويو.
جڏهن ڪراچيءَ جي رستن تي اٺ، گڏهه ۽ گهوڙا هلندا هئا ۽ جڏهن اڃا ٽرام شروع نه ٿي هئي، تڏهن ٿڌين ۽ سامونڊي هوائن وارو هي شهر دونهين جي دز کان پاڪ هو. انهيءَ زماني ۾ ڪراچيءَ جا رستا گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوپجڻ ڪري خوشبوئي هوائن جي هڳاءَ ۾ ٻهڪندا هئا. ان وقت ميٽ جهڙي رنگ سان ٺهيل هي ٽاور هن سهڻي سامونڊي شهر جو نڪ محسوس ٿيندو هو.
ميري ويڌر ٽاور رڳو پنهنجي بيهڪ ۽ بناوٽ جي ڪري ئي سهڻو نه هوندو هو پر ان جي اوچي عمارت ۾ لڳل گهڙيال جڏهن وڄندا هئا ته ان وقت جي ڪراچيءَ جا ماڻهو هن بي جان عمارت مان وقت جي نڪتل پڪار کي نهايت غور سان ٻڌندا هئا. ميري ويڌر ٽاور جي عمارت جي گهڙيال ۾ هڪ وڏو گهنڊ ۽ ٻيا ننڍا گهنڊ لڳل هوندا هئا. وڏو گهنڊ هر ڪلاڪ کان پوءِ وڄندو هو ۽ ننڍا گهنڊ وري هر پندرهن منٽن کان پوءِ پنهنجو وارو وٺندا هئا. جڏهن ٽاور جي گهڙيال ۾ اهي گهنڊ لڳايا ويا هئا ان وقت وڏي گهڙيال جون وزن 153 ڪلو يعني 3 مڻ 33 ڪلوگرام هو ۽ ننڍن گهڙيالن مان هر هڪ جو وزن 51 ڪلو يعني هڪ مڻ 11 ڪلو هو. سوا صدي اڳ ۾ تعمير ٿيل هي ٽاور جو يادگار 1892۾ 37,1,78رپين جي لاڳت سان تيار ٿيو ۽ ان جي تعمير ۾ اٺن سالن جي محنت ڪم آئي هئي.
1992ع ۾ جڏهن ميري ويڌر ٽاور جو هڪ سؤ سالا جشن ملهايو ويو تڏهن ان کي ڇنڊي ڦوڪي ۽ ٿوري مرمت ڪرائي انوقت جي ميئر ڊاڪٽر فاروق ستار پنهنجي تختي هڻائي هئي. بعد ۾ 2003ع ۾ ڪراچيءَ جي اڳوڻي ناظم نعمت الله خان وري ٽاور جو ڪجهه مرمتي ڪم ڪرائي ٽاور جي احاطي ۾ پنهنجي نالي جو بورڊ به چنبڙايو.
اڄ ڪراچي جڏهن گنجان آباديءَ وارو شهر بنجي چڪو آهي ۽ دونهين جو اڻ کٽ تهه هر وقت شهر کي ويڙهڻ ۾ مصروف آهي، تڏهن هڪ فرض شناس انگريز عملدار جي ياد ۾ ٺهرايل هي عظمت جو يادگار به پنهنجو اوج وڃائي ويٺو آهي. گاڏين جي دونهين ۽ ماڻهن جي رش ۾ لتاڙجندڙ ماضيءَ جي هن يادگار کي اڄڪلهه ڪير به اندران ڏسڻ لاءِ نه ٿو وڃي. جيتوڻيڪ ڪجهه سالن کان هن جي مرمت ۽ سارسنڀال جو ڪم ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي حوالي ٿيل آهي پر پوءِ به ٽاور کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ڪو به ٻه منٽ سيڙائي هن کي ڏسڻ نه ٿو اچي.
ماضيءَ ۾ گهوڙي، گڏهه ۽ اٺ گاڏيون رات جو ٻرندڙ ٽاور جي بتين ۽ گولن تي پنهنجي منزل جو رستو ڏسنديون هيون پر ڪراچيءَ جي انهن رستن تي هاڻي گڏهن، اٺن ۽ گهوڙن بجاءِ، دونهيدار گاڏين جو قبضو آهي.
ڪراچيءَ ۾ هلندڙ هزارين گاڏين جا ڪنڊڪٽر، شهر جي هر ڪنڊ ۾ مسافرن کي منزل ٻڌائڻ لاءِ ”ٽاور ٽاور“ جو هوڪو ڏيندي ٻڌجن ٿا پر منجهانئن ڪير به نه ٿو ڄاڻي ته اهو ٽاور ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪنهن جي ياد جي تازگيءَ لاءِ ايڏين محنتن ۽ جاکوڙ سان جوڙايو ويو هو؟
(سيپٽمبر 2011 ع تي نشر ٿيل )