تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

مهراڻ جي وادي ڇا آهي؟

مهراڻ جي وادي عرف انڊس ويلي سولائيزيشن سنڌو درياهه ۽ ان جي ڏن ڀرو درياهن تي مشتمل علائقن تي وسندڙ ماڻهن جي تهذيب جو نالو آهي، محققن جو خيال آهي ته موجودهه پاڪستان ئي مهراڻ جي واديءَ جو ملڪ آهي. جيتوڻيڪ مهراڻ جي واديءَ ۾ هندستان جي گجرات، راجسٿان ۽ هريانا جا ڪجهه علائقا به شامل هئا جيڪي ورهاڱي کانپوءِ انڊيا ۾ هليا ويا آهن پر لاهور يونيورسٽيءَ جي فلسفي واري شعبي جي پروفيسر قاضي جاويد جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه ۽ ان ۾ شامل ٿيندڙ درياهن جا علائقائي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب آهن تنهنڪري موجودهه پاڪستان کي ٿوري گهٽ- وڌائين سان مهراڻ جي وادي چئي سگهجي ٿو.
جيئن دنيا جون سموريون تهذيبون، درياهي ڪنارن تي آباد ٿيون آهن بلڪل ائين ئي سنڌو ماٿري جي تهذيب سنڌو ندي ۽ ان جي ڏن ڀريندڙ ندين جي ڪنارن تي آباد هئي. تاريخ جي سڀ کان قديم سمجهيو ويندڙ ڪتابن ۾ ان کي سپت سنڌو جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. سپت سنڌوءَ جو مطلب ته ستن درياهن وارو سنڌو ٻڌايو ويو آهي. جن ۾ پنجاب جا پنج درياهه ۽ ڇهون درياهه ڪابل ڄاڻايو ويو آهي آهي، ستون درياهه سنڌو پاڻ آهي. پر ڪن تاريخدانن جو خيال آهي ته سپت سنڌو جومطلب پنجاب جا پنج درياهه، يعني ستلج، بياس، راوي، چناب، جهلم ۽ ڇهون درياهه سرسوتي آهي، جيڪو ڪجهه صديون اڳ ڪنهن زلزلي سبب بند ٿي ويو. ڏند ڪٿا موجب سرسوتي درياهه اڄڪلهه زمين اندر هليو ويو آهي ۽ زير زمين وهي رهيو آهي.
تاريخ ۾ عام طور تي جيتوڻيڪ سپت سنڌو ڄاڻايو ويو آهي پر جيڪڏهن غور ڪري ڏسبو ته سنڌو هڪ اهو شهنشاهه درياهه آهي جنهن جي وهڪري جي اڳيان رڳو ست نه پر ڪيترائي درياهه پنهنجي وجود جي وهڪري جو ڏن قربان ڪن ٿا.
سنڌوءَ درياهه جهڙي شهنشاهه درياهه جو ڏن رڳو مشرقي نديون يا کاٻي پاسي واريون نديون نه ٿيون ڀرين پر سرحد صوبي ۽ اترين علائقن جا ڪيترائي درياهه به سنڌو نديءَ جي سير ۾ اچي قربان ٿين ٿا. جن ۾ درياهه سوات، درياهه باڙا، درياهه ڪرم، درياهه گومل، درياهه ڪنهار ۽ درياهه چترال شامل آهن، اهي به اڻ سڌي طرح سنڌوءَ ۾ شامل ٿين ٿا. درياهه ڪنهار جهلم نديءَ جي معرفت ۽ درياهه چترال ڪابل نديءَ جي معرفت سنڌوءَ جي وهڪري ۾ اچي پنهنجو سيس نمائين ٿا.
وادي مهراڻ جي تهذيب جي ماءُ سنڌو ندي جنهن ۾ ڪرم، گومل ۽ ڪابل ندي اچي ڇوڙ ڪن ٿيون، ان جو به تاريخ جي پراڻن ڪتابن ۾ ذڪر ملي ٿو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته وادي مهراڻ جي تهذيب کي رڳو سنڌ جي سرسوتي ۽ پنجاب جي پنجن درياهن ئي نه پر سرحد، ڪشمير ۽ افغانستان جي ندين پڻ پنهنجو پاڻي فراهم ڪيو آهي. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته “ اي سنڌو پهريان تون ترشتما سان گڏجي وهين ٿي پوءِ سسرتو، رسا ۽ سواتيءَ سان ۽ ڪڀا، گومتي، ميهنتو ۽ ڪرمو سان گڏجي وهين ٿي. ”
سنڌو نديءَ ۾ڇوڙ ڪندڙ پنجاب، سرحد، ڪشمير ۽ افغانستان جي ندين جو ذڪر ڪندي رگ ويد ۾ آيو آهي ته “ اي سنڌو، جيئن سوئا ڳئون کير سان ڀريل اوهن سان پنهنجي ڦرن ڏانهن ڊوڙن ٿيون، تيئن ٻيون نديون جدا جدا هنڌن مان پاڻي کڻي توڏانهن رنڀنديون اچن ٿيون.” رگ ويد ۾ وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته “ اي سنڌو جيئن ڪو راجا جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرندو آهي ۽ پٺيان لشڪر هوندو اٿس تيئن تون به شاهاڻي شوڪت سان ندين جي اڳيان مهندار ٿي هلين ٿي ۽ ٻيون نديون به پلٽڻيون ڪري تنهنجي پٺيان هلن ٿيون ڄڻ ته هڪ ئي رٿ ۾ سوار آهيو. ”
جيئن نيل ندي مصر جي تهذيب کي ميکون هڻي بيٺي آهي ۽ جيئن دجلا ۽ فرات، عراق جي ميسو پوٽيما تهذيب کي ٿنڀا ڏيون بيٺيون آهن. يا جيئن گنگا ۽ جمنا هندستاني تهذيب کي بنياد فراهم ڪيا آهن. بلڪل ائين ئي سنڌو درياهه جو وڻ ۽ انجي ڏارن جهڙيون نديون وادي مهراڻ جي تهذيب کي ڇانو ڪيون بيٺيون آهن.
وادي مهراڻ جي تهذيب جو ذڪر ڪندي پنجاب يونيورسٽي جي فلسفي جي پروفيسر ۽ دانشور قاضي جاويد لکيو آهي ته موجودهه پاڪستان ٿورين جاگرافيائي گهٽ وڌائين سان وادي مهراڻ جي قديم ۽ عظيم تهذيب ۽ نقشي جو تسلسل آهي.
تاريخ جي مختلف دورن ۾ سنڌو درياهه ڪڏهن ڪڏهن ڪن حاڪمن جي حڪومت جي حد طور ضرور ڳڻايو ويو آهي پر اهو نهايت ٿوري عرصي لاءِ رهيو آهي. هندستان جي اشوڪ اعظم درياهه سنڌ جي کاٻي ڪناري کي پنهنجي حڪومت جي حد ڄاڻايو هو. جڏهن ته ايرانين وري سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ کي پنهنجي حاڪميت جي سرحد بڻايو هو.
نه ته تاريخ ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌو درياهه اهو سڳو ثابت ٿيو آهي جنهن نه رڳو وادي مهراڻ جي جاگرافيءَ کي پر هتان جي ماڻهن کي به هڪ لڙهيءَ ۾ پوئي رکيو آهي. راءِ گهراڻي جي دور ۾ واديءَ مهراڻ جون حدون ڪشمير کان ڪيٽي بندر تائين ۽ مڪران کان گجرات تائين پکڙيل هيون. ملڪي سرحدن جو اهو سلسلو برهمڻن جي دور ۾ به ساڳيو ئي رهيو. غزنوين، غورين، غلامن، تغلقن، لوڌين ۽ مغلن جي تاريخدانن تنهنڪري ئي سنڌو ندي ۽ ان جي ساڄي کاٻي وارين ندين جي علائقن کي سنڌو ماٿري يا مهراڻ جي واديءَ جو نالو ڏنو آهي. سنڌو ماٿري عرف واديءَ مهراڻ موجودهه پاڪستان کانسواءِ هندستان جي گجرات، راجسٿان، هريانا ۽ افغانستان جي ڪجهه علائقن تائين پکڙيل هئي. واديءَ مهراڻ جي تهذيب جو پاڇو اتر ۾ افغانستان جي آمو درياهه کي ۽ اوڀر ۾ اتر پرديش جي شهرن ۽ اولهه ۾ مڪران جي جبلن ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمونڊ جي ويرن کي ڇهندو هو. واديءَ مهراڻ جي ان تهذيب کي ڪن مورخن سنڌو سرسوتي تهذيب جي نالي سان به پڪاريو آهي.
وادي مهراڻ جي ان تهذيب بابت اڳ ۾ محققن جو اهو خيال هو ته هيءَ تهذيب ميسوپوٽيما يا بابلي تهذيبن جو تسلسل هئي پر بعد ۾ ان راءِ جا ٿيا ته وادي مهراڻ جي تهذيب، بابلي تهذيب جي به امام ۽ اڳواڻ آهي. وادي مهراڻ جي ان تهذيب 3500 قبل مسيح ۾ اسرڻ شروع ڪيو ۽ 1500 قبل مسيح تائين ان جو عروج رهيو. نيشنل جيو گرافڪ سوسائٽيءَ جي محققن موجب سنڌو ۽ سرسوتي جي ڪنارن تي آباد هن تهذيبن جي وڏن شهرن ۾ موهن جو دڙو، هڙاپا، راکي ڳڙهي،گڻ ويري والا ۽ ڍولا ويرا مشهور شهر هئا.
مهراڻ لفظ بابت ڀيرو مل ڄاڻايو آهي ته ايرانين سنڌو درياهه کي مهرا سڏيو آهي، جنهن جو ذڪر پارسين جي مقدس ڪتاب زندا وستا ۾ آيو آهي، بعد ۾ سنڌو نديءَ جي اها شاخ جيڪا موجودهه سکر جي ٻاهران قديم اروڙ وٽان لنگهندي هئي، ان کي اڀرندو نارو به چيو وڃي ٿو، جيڪو ناري ۽ پراڻ جي پيٽ مان لنگهي، ونگي پتڻ کان ٿيندو، دونهائين وٽان گذرندو، ڪڇ وٽان وڃي ڪورو کاري ۾ پوندو هو. جيستائين غلام شاهه ڪلهوڙي ان پراڻ اڳيان بند نه ٻڌرايو هو، تيستائين ڪڇ جو رڻ آباد ۽ سرسبز علائقو هو. چچ نامي ۾ به سنڌو درياهه جي اڀرندي شاخ عرف اڀرندي ناري کي مهراڻ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. ڀيرو مل اهو به ڄاڻايو آهي ته سنڌوءَ جو ذڪر عيسائين جي مقدس ڪتاب انجيل ۾ به آيو آهي.
مهراڻ جي وادي عرف سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جيڪا ڪشمير کان ڪراچيءَ تائين ۽ مڪران کان لوٿل يعني هندستان جي گجرات تائين پکڙيل هئي. اها نهايت سرسبز ۽ آباد هئي، ان ڪري ان جا لوڪ سکيا ستابا ۽ خوشحال هوندا هئا. رگ ويد ۾ سنڌو ۽ سرسوتيءَ جي وچ واري علائقي کي ديوتائن جو جوڙيل ملڪ ڪري ڪوٺيو ويو آهي. بلڪل اهڙي ريت جيئن نصرپور وٽان لنگهندڙ سنڌو درياهه جي ڪنارن ۽ ان جي سرسبزيءَ کي ڏسي هتان جي ماڻهن ان جو نالو سماواتي پرڳڻو يعني آسماني يا بهشتي پرڳڻو رکيو هو. هر دور ۾ جيتوڻيڪ مهراڻ جي واديءَ جون سرحدون انتظامي طور ٿوريون تبديل ٿينديون رهيون پر سنڌو درياهه ۽ ان جون ڏن ڀرو نديون ماڻهن جي يڪجهتيءَ جو سبب رهيون. ساڳي نديءَ جي پاڻي پيئڻ ۽ ساڳين ميدانن جا اناج کائڻ سبب هتان جي ماڻهن جي نه رڳو طبيعت، مزاج، مذهب ۽ رهڻي ڪهڻي هڪجهڙي آهي پر سندس روئيا، رجحان ۽ سياسي سوچ به ذري گهٽ هڪ جهڙي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ايران جي علائقي نمروز جي بادشاهه جي هٿان راءِ سهيرس جي قتل تي وادي مهراڻ جي ماڻهن جيئن ڏيڍ هزار سال اڳ اجتماعي سوڳ ڪيو هو، بلڪل ائين ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس شهزادي ڌيءَ جي شهادت تي وادي مهراڻ جي ماڻهن ڪشمير کان ڪراچيءَ تائين گڏيل سوڳ ڪيو آهي.
مهراڻ جي وادي جي هن ملڪ پاڪستان جي ماڻهن جي پسند ۽ ناپسند جي هڪ جهڙن ماڻن ۽ معيارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تهذيب جون پاڙون ڪيتريون نه اونهيون ۽ مضبوط آهن.

(آڪٽوبر 2010ع ۾ نشر ٿيل)