ڇا سنڌ جي تعليمي ادارن کي رينجرز جي حوالي ڪجي؟
لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ٿيل ان المناڪ واقعي کان اڳ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ هڪ شاگرد قتل ٿي ويو هو، ان کان پوءِ وري زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هڪ شاگرد ماريو ويو. ان کان پوءِ وري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ هڪ شاگردياڻي کي ڏسي لکڻ جي اجازت نه ڏيڻ تان هڪ استاد کي مارڪٽ ڪئي وئي. انهن سڀني واقعن جي ڪري، ڪڏهن استاد، ڪڏهن شاگرد ۽ ڪڏهن يونيورسٽين جا ملازم احتجاج ۽ بائيڪاٽ ڪندا رهيا. سنڌ جي اميد جا هي آخري ڪرڻا، اعليٰ ۽ عظيم درسگاهه، مهينن جا مهينا بند رهيا. وقت هلندو رهيو، دنيا ڊوڙندي رهي پر سنڌ جا پنجاهه هزار شاگرد بيهي رهيا ۽ سنڌ جي نادان سياست جي گهر ۾ پيدا ٿيڻ جي ڏوهه ۾ پنهنجي ئي گهرن ۾ بيڪارگي جي سزا ڪاٽيندا رهيا.
سنڌ يونيورسٽي ۾ 26000 شاگرد آهن، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ست هزار شاگرد آهن، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ ٻه هزار شاگرد آهن. زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پنج هزار شاگرد آهن. قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ اڍائي هزار شاگرد ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي نئين ٺهيل يونيورسٽيءَ ۾ 1250 شاگرد آهن. اهي ته سنڌ جا وڏا تعليمي ادارا آهن، سکر ۽ نوابشاهه جا ميڊيڪل ڪاليج الڳ آهن، ميرپورخاص، ٺٽي ۽ بدين ۾ نيون کوليل يونيورسٽيءَ جون ڪيمپسون الڳ آهن، تنهن ڪري ٿلهي ليکي ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ پنجاهه هزار کان وڌيڪ شاگرد اعليٰ درسگاهن ۾ داخل آهن پر انهن درسگاهن جي درد جي ڪهاڻي المين سان ڀريل هڪ اهڙو داستان آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ هڪ درد آميز دل جي ضرورت آهي.
اسان جي اڪثر يونيورسٽين جي حالت انهن ڇورن ٻارن جهڙي هوندي آهي، جيڪي عجلت ۾ پيدا ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ غربت ۾ پاليا ويندا آهن. خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ واريون يونيورسٽيون يتيم ٻارن وانگي لاوارث ڇڏيل رهن ٿيون ۽ اتي جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو ان کان اسان جا حڪمران لاتعلق رهن ٿا. هو اسان کي ڇيڪ ۽ ڇڙواڳ ان ڪري ڇڏي ڏيندا آهن ته اسين پنهنجي لاعلمي، ناسمجهي ۽ بيوقوفي ۾ جيڪي به چاهيون، اهو ڪريون. اسين پنهنجي جهالت ۽ بيوقوفي سبب ڪو چڱو ڪم نه ڪري سگهندا آهيون، هڪ ٻئي سان وڙهندا آهيون، هڪ ٻئي کي قتل ڪندا آهيون، هڪ ٻئي کان پلاند وٺندا آهيون ۽ پلاند جي باهه ۾ رڳو پنهنجا پَلوَ ئي نه ساڙيندا آهيون پر سڄي مادرِعلمي کي انگهه چاڙهي آڳ لڳائيندا آهيون. اهوئي سبب آهي جو خاص ڪري گذريل چاليهه سالن کان، خاص ڪري 1970 کان پوءِ سياست ۾ جيڪو ويڙهه ۽ دهشت جو عنصر ڪاهي آيو آهي ان سنڌ جي تعليم کي تباهه ۽ تهس نهس ڪري ڇڏيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ انڊس پيپلز فورم طرفان ڪراچيءَ ۾ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ اقبال ترين جي ڪتاب جي جيڪا مهورت ڪرائي وئي هئي، ان ۾ اڳوڻن شاگرد اڳواڻن، امرجليل، امان الله شيخ، مهر حسين شاهه ۽ ٻين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو ته اڳي شاگرد اڳواڻ پڙهڻ ۾ هوشيار هوندا هئا ۽ هاڻوڪا شاگرد اڳواڻ پڙهڻ لاءِ ته تيار ناهن پر ٻين شاگردن کي به پڙهڻ جي اجازت نه ٿاڏين. هو شاگرد کڻي ايندڙ بسن جا ٽائر پنڪچر ڪن ٿا، ڪلاس رومن جي ڪلفن ۾ ايلفي وجهن ٿا، هلندڙ ڪلاسن ۾ استادن اڳيان بيهي، شاگردن کي ڪتاب ٺپڻ (بند ڪرڻ) ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ ڏٺي وائٺي چون ٿا ته جيڪڏهن سندن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته هو يونيورسٽي هلڻ نه ڏيندا.
سنڌ جي ماضيءَ واري شاگرد سياست يقينن قابل فخر سياست آهي. ان ماضيءَ جي لکيل پڙهيل علم، عقل ۽ پنهنجي ماڻهن سان محبت واري سياست جي نتيجي ۾ ئي، امرجليل، اقبال ترين، ڄام ساقي، يوسف لغاري، يوسف ٽالپر جهڙا اهي سياستدان پيدا ڪيا، جيڪي اڄ اسان وٽ اثاثن جي شڪل ۾ موجود آهن پر 1970ع کان پوءِ جيڪا سياست شروع ٿي، اها سياسي زندگي اسان لاءِ شرمندگيءَ جو سبب آهي جنهن ۾ اسان پنهنجي مخالفن کي قتل ڪيو، اختلاف راءِ رکندڙن کي اونڌو لڙڪايو ۽ جنهن جنهن به اسان جي ڳالهه کي نه مڃيو، ان سان نه بيان ڪرڻ جهڙيون جٺيون ڪيون. 1970ع کان پوءِ اسان جي سياست جو اخلاقي معيار جيئن ئي ڪريو آهي ته اهو ڪڏهن به بهتر حالت ۾ بحال نه ٿيو آهي. لطيف يونيورسٽيءَ جو تازو جهيڙو بس جي سيٽ تان ٿيو، ان کان اڳ هاسٽل جي ڪنهن ڪمري جي مالڪيءَ تان، ڪنهن پوسٽر مٿان پوسٽر هڻڻ تان، ڪنهن اڳواڻ جي تصوير ڦاٽڻ تان ۽ ڪڏهن وري ڪنهن گوشت جي ٻوٽيءَ تان جهيڙا ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن جهيڙي ۾ وري ڪڏهن ڪڏهن شاگرد به قتل ٿيندا رهيا آهن.
اسان جي شاگرد سياست کي اهي ڄامڙا معيار بڇائڻ ۾ يقينن اسان جي مخالفن جو هٿ به ٿي سگهي ٿو پر رڳو دشمن تي ڏوهه ڏئي، پنهنجي پاڻ کي انهن ذميوارين ۽ فرضن کان آجو ڪرڻ به فراريت ۽ حقيقتن کان اکيون ٻوٽڻ جي نشاني آهي.
جيڪڏهن حقيقت ۽ انصاف جي اک سان ڏٺو وڃي ته سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي سياست هاڻي مڪمل طرح علم دشمن ۽ عوام دشمن ته بنجي چڪي آهي پر هاڻي اها سياست بذات خود انهن شاگرد اڳواڻن لاءِ به مٺو زهر بنجي وئي آهي، جيڪي اڄڪلهه ان کي مصري سمجهي کائي رهيا آهن. گذريل ٽيهن سالن کان سنڌ جي شاگرد سياست ڪهڙا غيرمعمولي شاگرد اڳواڻ پيدا ڪيا آهن؟ انهن مان هڪ به اهڙو نالو ناهي جيڪو اڳ ۾ شاگرد اڳواڻ رهيو هجي ۽ هاڻي سياست، صحافت، علم، فن ۽ حرفت ۾ ڪو وڏو نالو ڳڻيو وڃي. ويجهڙائي واري ماضي جي شاگرد اڳواڻن جي گهڻائي هينئر به، جتي آهي اتي، ڪم چوري، سينازوري، چمچاگيري يا ٺڳيءَ جي ڪرت ۽ ڌنڌي ۾ رڌل آهي. هنن مان گهڻا نه بهترين سياستدان ٿي سگهيا نه موچارا صحافي بنجي سگهيا، نه سٺا ليکڪ ٿي سگهيا نه سماج سڌارڪ بنجي سگهيا. ڪامورا شاهي ۽ ڪاروباري ڌنڌا ته چٽا ڀيٽيءَ وارا آهن، تنهن ڪري انهن ۾ ڪاميابي ته ڇا پر هنن انهن ڌنڌن ۾ ڪڏهن داخل ٿيڻ لاءِ سوچيو ئي نه آهي.
سنڌ جي درسگاهن جي اهڙي حالت ڏسڻ کان پوءِ هر روز مرندڙ شاگردن جا لاش وصول ڪرڻ باوجود پنجاهه هزار شاگردن جي گهرن ۾ واندڪائي جي سزا ڀوڳڻ بعد اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ناسمجهي ۽ جهالت جي ان جن مان سنڌ جي نوجوان جي جان ڪيئن ڇڏائجي؟ ان لاءِ هڪ تجويز اها به آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن کي رينجرز جي حوالي ڪري تعليمي ادارن کي ڇڙواڳ، ٽرڙن، ڦوشرباز، هلڪڙي ۽ سطحي سوچ رکندڙ نام نهاد شاگرد اڳواڻن کان پاڪ ڪرائجي.
ڇا ان ڳالهه تي ڪڏهن ڪنهن سوچيو آهي ته سنڌ جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ ٻار ڪنهن جا آهن؟ سرڪاري اسڪولن کان سرڪاري يونيورسٽين تائين، جيڪي به سرڪار جي زڪوات جيتري فنڊ مان هلندڙ علمي ادارا آهن، اتي هيٺين وچولي طبقي يا غريبن جا ٻار پڙهن ٿا. خوشحال گهراڻن ۽ مٿين وچولن طبقن جا ٻار پهرئين درجي کان خانگي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ۽ پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڏيساور جا ڏس پڇائين ٿا. پر سنڌ جو غريب ۽ وچولو طبقو، جيڪو هوشيار ۽ اڳتي وڌندڙ ٻار پيدا ڪري ٿو. جيڪو مستقبل جا آفيسر ۽ ليڊر پيدا ڪري ٿو، وڙهندڙ ۽ جاکوڙيندڙ اڳواڻ پيدا ڪري ٿو، اهليت ۽ انصاف جي جنگ وڙهندڙ سپاهي ۽ سالار پيدا ڪري ٿو ۽ اهڙا اڳواڻ پيدا ڪري ٿو، جيڪي روايتي ۽ خانداني رسمن، رواجن ۽ قانونن کي للڪارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. تنهن ڪري جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته اسان جو مستقبل قابل، هوشيار ۽ محنتي اڳواڻن جي هٿ ۾ هجي به ۽ بچي به ته پوءِ اسان کي سنڌ جي سرڪاري اعليٰ تعليمي ادارن جي مالڪي ڪرڻي پوندي.
سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جو چانسلر ساڳيو ئي سنڌ جو گورنر آهي. جيڪڏهن ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ کي جهيڙن کان بچائڻ لاءِ رينجرز جي حوالي ڪيو ويو آهي ته پوءِ قانون جي اهڙي سختي سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ قائم ادارن تي ڇو نه ٿي لاڳو ڪئي وڃي؟ ڇو نه ٿو سنڌ جي يونيورسٽين ۽ وڏن ڪاليجن کي هٿيارن کان مڪمل طرح پاڪ ڪيو وڃي؟؟
ڇا سنڌ جو عقل، سياست ۽ نازڪ آئيندو ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ٿو ته سنڌ جي پنجاهه هزار شاگردن کي پنج سو بگڙيل، هلڪن دماغن ۽ ٽرڙن مزاجن وارن انهن لوفرن جي حوالي ڪيو وڃي جيڪي ڳلا کولي ۽ چشما چاڙهي مقدس درسگاهن جي زمينن تي پنجابي فلمن جي دادن وانگي ڦرن ٿا؟
(4 فيبروري 2010ع تي نشر ٿيل )