تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

زينب ڀيو ڪيس: کپري ۾ انسانيت مٿان آيل امتحان

کپري ۾ انسانيت مٿان امتحان آيل آهي زينب نالي نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ هڪ معصوم نياڻي جي عزت کي چکيا تي چاڙهيو ويو آهي ۽ سندس خانگي تصويرون ڪڍي، انٽرنيٽ تي چاڙهي، سڄي دنيا کي ڏيکاريون ويون آهن. نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٻارڙي اڃا ارڙهن سالن جي عمر تي به نه پهتي آهي. جنهن ڪري هو نه سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ جي قابل آهي نه ووٽ ڏيڻ جي لائق آهي. ملڪي قانون ۽ سماجي رواج موجب هو اڃا ناسمجهه ۽ معصوم آهي پر هن کي بلوغت جي عمر تي پهچڻ کان اڳ اخلاقي طرح مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ ائين کڻي چئجي ته هن کي مُکڙيءَ جي مُند ۾ ئي مروڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. متاثر ٿيل نياڻي جي اکين روئي روئي هاڻي ته نيرن جو پاڻي به پاٺو ڪري سڪائي ڇڏيو آهي ۽ سندن پيءُ ماءُ غمن جي ڳهر ۾ ڄڻ ته غرق ٿي ويا آهن، کپري جو اهو شهر جتي زينب ڀيو جو پيءُ مزدوري ڪري، ٽريڪٽر هلائي، پنهنجي گهر جو گاڏو گيڙڻ جي ڪوشش ڪندو هو، اهو کپري جو سڄو شهر هنن مسڪين ماڻهن لاءِ ڄڻ ڪا گار ۽ ٺٺولي بنجي ويو آهي ۽ کپري جو شهر، ان جا رستا، ان جون ماڙيون، ان جون گهٽيون ۽ ان جا واسي گويا کپري شهر جي هر چرندڙ پرندڙ شيءِ ڄڻ هنن مٿان کلندي هجي ۽ کين چوندي هجي ته اوهان اڃا تائين ڪيئن زندهه آهيو ۽ ڇو زندهه آهيو؟!
معصوم زينب ڀيو ۽ ان جي گهرڀاتين جي اڄ حالت اها آهي جو جيڪڏهن آسمان هنن کي راهه ڏئي يا زمين انهن کي جاءِ ڏئي يا زمانو انهن کي رستو ڏئي ته هو رات جي اونداهه ۾ گم ٿي هليا وڃن ۽ باقي سڄي زندگي کپري شهر ۽ ان جي شهرين کي ڏسن ته ڇا پر هوند ياد به نه ڪن. پر وقت ۽ حالتن جون مجبوريون هنن کي ان ئي شهر جي هر چوڪ تي ٽنگيو بيٺيون آهن ۽ کين چئي رهيون آهن ته ”وقت جو امتحان پاس ڪيو!!“
کپري شهر جي معصوم نياڻي زينب ڀيو سان ٿيل زيادتي جا جوابدار ان ئي شهر جا ڪجهه اوباش نوجوان ڇورا آهن جن ڪن ڇوڪرين کي استعمال ڪري، پنهنجا ذليل مطلب پورا ڪيا آهن.
شهر جي ڪجهه ناسمجهه ماڻهن ان نج انساني ۽ اخلاقي مسئلي کي لساني ۽ گروهي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ قبائلي سردار سڏائيندڙ هڪ ڀوتار ان تي قبيلائي پلاند جو بيان به جاري ڪيو. پر کپري شهر جي باشعور ماڻهن ۽ متاثر توڙي جوابدار ڌر جي معزز شهرين نهايت معتبري ۽ اعليٰ ظرفيءَ جو مظاهرو ڪندي چيو ته سڀني جون عورتون عزت لائق آهن ۽ سڀڪو نياڻين وارو آهي تنهن ڪري زينب ڀيو جي عزت هر نياڻي واري پيءُ جي عزت آهي، ان ڪري زينب ڀيو سان ٿيل حادثي کي پنهنجي نياڻيءَ سان ٿيل زيادتي سمجهي ان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي سزائون ڏنيون وڃن ۽ زينب جي خاندان سان ڏک اهڙي طرح ونڊيو ۽ ورهايو وڃي جيئن زينب، ان جي والدين، چاچي ۽ مائٽن توڙي دوستن کي جيڪو صدمو پهتو آهي، ان صدمي جو بار ۽ زخم ٿورو گهٽ ٿئي ۽ کپري جو اوپرو بڻيل شهر هنن لاءِ پنهنجو ٿئي ۽ زينب جو خاندان ان ئي شهر ۾ عزت واري زندگي گذاري.
زينب ڀيو وارو واقعو انٽرنيٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي غلط استعمال جو هڪ نمونو آهي. اها ته زينب ڀيو جي والدين ۽ وارثن جي بهادري آهي جو هو هن دل ڏاريندڙ ڏاڍائي کان پوءِ به ميدان تي نڪري پيا ۽ شايد سڄي ملڪ کي ان ڪري آگاهه ڪيائون ته جيئن آئيندي، ٻين جون نياڻيون ان بيهودگيءَ کان بچي سگهن. تنهن ڪري زينب ڀيو ۽ ان جي والدين ۽ وارثن کي زماني جي رواجن جو مقابلو ڪرڻ تي سلام پيش ڪرڻ گهرجي ۽ کين اهڙي همت ٻڌڻ ۽ جرئت ڪرڻ تي شاباش چوڻ گهرجي. پر کپري جو واقعو اهو ضرور ٻڌائي ٿو ته اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ هاڻي ان قسم جا ڏوهه ۽ بليڪ ميلون وڌي رهيون آهن، ان ڪري حڪومت کي سائيبر ڪرائيم جا رستا روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن ۽ جوابدارن لاءِ سخت سزائون رکڻ گهرجن ته جيئن اهڙن ڏوهن کي قابوءَ ۾ رکي سگهجي.
جيستائين کپري جي واقعي جو تعلق آهي ته سڀ کان وڏي اخلاقي ذميواري جوابدارن جي والدين تي اچي ٿي ته هنن پنهنجي اولاد کي ايترو ڊگهو رسو ڇو ڏنو جو هنن نهايت خصيص پڻي ۽ ڪميڻائپ جو مظاهرو ڪندي هڪ نياڻي جون خانگي تصويرون انٽرنيٽ تي جاري ڪيون؟ جڏهن به ڪنهن انساني قدر جي لتاڙ ٿئي يا جڏهن به ڪو اخلاقي ڏوهه ٿئي ته ان کي ذات، قبيلي، زبان ۽ علائقي جي عينڪ سان ڏسڻ بجاءِ ان کي انساني ۽ اخلاقي ماڻ سان ماپڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. کپري جو سانحو قائم خاني ۽ ڀيا برادريءَ وچ ۾ ٿيل تڪرار نه آهي پر اهو هڪ نج انساني ۽ اخلاقي مسئلو آهي تنهن ڪري ان ڏوهه جي سزا، ان جو ڏنڊ ۽ ان جو حل به انساني ۽ اخلاقي معيارن مطابق ڳولڻ گهرجي.
دنيا جي ڪنهن به قانون ۽ مهذب ريت ۽ رواج ۾ اهو ڄاڻايل نه آهي ته جيڪڏهن ڪو فرد يا گروهه ڏوهه ڪري ته فردن ۽ ٽولن جي ڏوهه کي برادريءَ يا ڪنهن ٻولي ڳالهائيندڙ سموري برادريءَ جو ڏوهه سمجهيو وڃي ۽ پوءِ ان جي سزا به سڄي برادريءَ کي ڏني وڃي. ساڳيءَ ريت هر مهذب برادري ۽ والدين جو به اهو فرض آهي ته جيڪڏهن سندن خاندان يا برادريءَ جو ڪو به ماڻهو اهڙو ڏوهه ڪري ٿو جيڪو اخلاقيات ۽ انسانيت جي قدرن کان عاري آهي ته ان ڏوهي ماڻهو کي خاندان ۽ برادريءَ کي لڄائڻ جي سڀ کان پهرين سزا کيس گهر ۽ برادري ۾ ملڻ گهرجي. کپري ۾ زينب ڀيو سان ٿيل زيادتي تي جيتوڻيڪ جوابدارن جي والدين افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان واقعي جي مذمت ڪئي آهي پر قائم خاني برادريءَ جي اڳواڻن کي گڏجي ڪري متاثر نياڻيءَ جي وارثن وٽ ميڙ ٿي وڃڻ گهرجي ۽ کين پاڙي، ڀائپي ۽ برادريءَ جو فيصلو ۽ ڏنڊ ڏوهه ڏيڻ جي آڇ ڪرڻ گهرجي ۽ متاثر خاندان جي ڏک، صدمي ۽ عزت جي نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ کين منٿ ميڙ ۽ راڄوڻي ڪرڻ گهرجي.
کپري شهر جو هي واقعو ته هڪ ننڍڙو مثال آهي، پر اهڙي قسم جا واقعا جڏهن به ۽ جتي به ٿين ٿا، اتي ناسمجهه، جذباتي ۽ مختلف مفاد رکندڙ ماڻهو انهن ڏوهن کي بهانو بنائي خاندان، ذات ۽ قبيلي جي عزت جي آڙ ۾ فساد ڪرائي، درجنين ماڻهو مارائي، ويڙها ويران ڪرائي، ڪيترن ئي خاندانن ڳوٺن، شهرن ۽ علائقن کي تباهه ڪري ڇڏين ٿا. شڪر آهي جو کپري شهر جي باشعور ۽ غيرت مند ماڻهن انهيءَ فساد کي روڪي ورتو آهي ۽ خاص ڪري جوابدار ڌر جي ماڻهن ۽ پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن ان سلسلي ۾ پنهنجو اخلاقي ۽ انساني ڪردار ادا ڪيو آهي.
زينب ڀيو ۽ ان جو خاندان اسان سڀني کان انصاف ۽ ڏک ونڊڻ جي همدردي جي گهر ڪري ٿو. اسان سڀني کي هن رئندڙ خاندان جي اکين جا ڳوڙها اگهڻ گهرجن ۽ خاص ڪري جوابدار ڌر کي اعليٰ انساني ۽ اخلاقي قدرن جو مظاهرو ڪري، متاثرن جو ڏک مٽائڻ لاءِ کين هر قسم جو حساب ڪتاب ڏيڻ گهرجي.

( آڪٽوبر 2010ع ۾ نشر ٿيل )