قوم پرست سياست جو جمهوري انداز
جسقم جي سڏ تي مورڙي جي شهر ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو هي لهرون هڻندڙ ساگر جڏهن بندر روڊ تي ڇلڪي رهيو هو تڏهن ڪراچي، ڪنهن خواب جو منظر ڏيکاري رهي هئي. انقلابي گيتن تي رقص ڪندڙ اهي نوجوان، جنهن کي هالن وارو حفيظ قريشي،ڇتا ڇورا سڏيندو هو، اهي جڏهن نعرن جي برسات ۾ ٿر جي مورن وانگي مست ٿي نچيا پئي، تڏهن ائين پئي لڳو ته سنڌ واسين کان رٺل ۽ رنج ٿيل ڪراچي، حالتن جي جبري ڪات کان ڪٺل ۽ ڪوماڻيل ڪراچي، ڌارين جي ڌاڙن ۾ ڦريل ۽ لٽيل ڪراچي،وقت جي وڏي وٿي کان پوءِ پنهنجي پوتن ۽ سپوتن سان اچي ملي هئي.
جيتوڻيڪ اهو انومان به هو ته ماڻهن جي سمونڊ جهڙي شهر ۾، مورڙي جي مائٽن جي هن جلوس تي ڪو ڪانئر، ڪو قاتل اهڙو حملو به ڪري سگهي ٿو، جهڙو جسقم چيئرمين بشير قريشيءَ تي هن سال 24 جولاٰءِ تي ڪراچيءَ ۾ ڪيو ويو هو پر پوءِ به سنڌ جا هي ارڏا ارجمند ڪُنن ۾ ڪاهي پيا ۽ ڪراچيءَ جو هر رستو هنن جي آجيان ۾ وڇانئجڻ لڳو. ان موقعي تي سنڌ جي قوم پرست پارٽين جو رويو به اتساهه بخشيندڙ هو جنهن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جيئي سنڌ محاذ، عوامي تحريڪ ۽ سنڌ نيشنل پارٽيءَ جسقم جي مارچ جي پانڌيئڙن لاءِ هر چونڪ تي آجياڻيون اکيون وڇائيون ۽ مٿانئن، ”جيئو جيئو- سدا جيئو“ جهڙا نعرا نڇاور ڪيا.
ان کان اڳ عوامي تحريڪ پاران ڪنڌڪوٽ کان ڪراچيءَ تائين شروع ڪيل لانگ مارچ کي به ذري گهٽ سنڌ جي سمورن قوم پرستن هر شهر ۾ اڳيان وڌي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي پٿون ٿيل پيرن مٿان ريٽن رنگن وارن ڳاڙهن گلن جي ورکا ڪئي آهي.
سنڌ جي قوم پرست سياست ۾ روئين ۽ سوچن جي اها غيرمعمولي تبديلي هڪ نسل جي وٿي يعني جنريشن گيپ کان پوءِ ڏٺي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا قوم پرست هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا آهن. اڄ کان پنجويهه سال اڳ، اسيءَ واري ڏهاڪي ۾، سنڌ جا قوم پرست هڪ ٻئي جا جلسا ۽ پروگرام ڦٽائڻ جون ڪوششون ۽ سازشون ڪندا هئا پر هاڻي حالتون به تبديل ٿيون آهن ۽ زمانو به بدليو آهي تنهن ڪري، سنڌ جي قوم پرستن جي سياست ۾ به ارتقا نظر آئي آهي ۽ هو هڪ ئي جلسي ۾ هڪ اسٽيج تي گڏ ويهندي، گڏ ڳالهائيندي ۽ هٿ هٿ ۾ ڏئي تصويرون ڪڍرائيندي نظر اچن ٿا ۽ ائين لڳن ٿا ڄڻ هڪ ئي راهه جا سڀئي پانڌيئڙا آهن. ساڳيءَ ريت سنڌ جي قومپرستن هاڻي چونڊن ۾ حصو وٺڻ، عوامي مسئلن لاءِ احتجاج ڪرڻ ۽ بک هڙتالون ڪري عوام ۽ حڪومت جو ڌيان ڇڪرائڻ واري سياست ۾ جيڪو پيرپاتو آهي، اها به قوم پرست سياست اندر هڪ مثبت تبديلي آهي. پر انهن سمورين تبديلين کان پوءِ به سنڌ جي قوم پرست پارٽين کي نين حقيقتن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ جي قوم پرستن جو ڪراچيءَ ڏانهن گهڻي ڀاڱي اهوئي رويو رهيو آهي جيڪو اڍائي سو سال اڳ ڪلهوڙن ۽ پوءِ ٽالپرن جو ڪراچيءَ ڏانهن هو. 1795ع ۾ جڏهن ٽالپر حاڪمن، خان آف قلات کان ڪراچي واپس ورتي، تڏهن ڪراچي هڪ ننڍڙو ڳوٺ ۽ بندر يا مڇيرن جي مياڻي هئي. ٽالپرن کان پوءِ جڏهن انگريزن جي حڪومت آئي تڏهن به ڪراچي هڪ ننڍڙو شهر هئي. 1843ع واري ڪراچيءَ ۾ پيئڻ ۽ وهنجڻ لاءِ مٺو پاڻي نه هوندو هو. تنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو ڪراچيءَ کي کارو شهر سمجهندا هئا ۽ ڪراچيءَ ۾ گهر ٺاهي رهڻ کي اوکو ۽ ناممڪن سمجهندا هئا پر انگريزن، جيئن ئي، ڪراچيءَ جي ڪياماڙي بندر کي ترقي وٺرائي، ڪراچيءَ کي مٺو پاڻي ڏنو، ريل ۽ پڪو رستو ٺهرايو، تڏهن کان ڪراچي هڪ کاري ۽ اونداهي ڳوٺڙي مان نڪري، سٺو، مٺو ۽ روشنين جو شهر بنجي پيو آهي. ڪراچيءَ کي سهڻو شهر ٺهئي به سوا سؤ سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي پر پوءِ به ڪراچيءَ کي سنڌي عام طرح ۽ سنڌ جا سياسي اڳواڻ خاص طرح نظر انداز ڪندا رهيا آهن ۽ ڪراچيءَ ڏانهن اچڻ کان ڪيٻائيندا رهيا آهن. سنڌين جي ان سستيءَ سبب ڪراچيءَ جو شهر ڄڻ ڌارين جي ڌرتي ۽ عالمي يتيمن جو مسافرخانو بنجي پئي آهي، جنهن ۾ ايرانين، افغانين، برمين ۽بنگالين کان سواءِ ڀانت ڀانت جي ملڪن جا غيرقانوني شهري اچي آباد ٿيا آهن ۽ هاڻي انهن جو تعداد لکن ۾ آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وارن شروعاتي سالن ۾ يا ون يونٽ واري زماني ۾ جڏهن پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو ويو، تڏهن کان وٺي ڄاڻي واڻي ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ رکڻ ۽ محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ڪئي ويئي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ سنڌ بورڊ آف روينيو سميت ڪيتريون صوبائي آفيسون ۽ ادارا حيدرآباد ۾ قائم ڪيا ويا ۽ حيدرآباد جي ٿڌين هوائن جو ادب ۽ شاعريءَ ۾ ايڏو شور ۽ شوشو برپا ڪيو ويو جو سنڌي ڪراچيءَ کي وساري ويٺا ۽ حيدرآباد کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي اتي ئي گوڏو ڀڃي ويهي رهيا. ستر واري ڏهاڪي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي آمد ضرور وڌي پر افغانستان ۽ ايران جي انقلابن ۽ بنگلاديش ۽ برما جي فوجي حالتن سبب لکين غيرملڪي اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا ۽ هاڻي هي شهر غيرقانوني باشندن جو شهر محسوس ٿئي ٿو. اڄ جڏهن لکين ايراني، افغاني، برمي ۽ بنگالي ڪراچيءَ جي نوڪرين، ڪمن ۽ ڪاروبارتي قبضو ڪري ويا آهن، تڏهن وڃي اسان جي قوم پرستن کي سمجهه آئي آهي ته ڪراچي سندن هٿن مان کسڪي رهي آهي. ڌارين جي آبادڪاريءَ جو ئي نتيجو هو جو 1983ع واري جمهوري تحريڪ ۾ سڄي سنڌ مارشل لا مرده باد جا نعرا هڻي رهي هئي، پر ان ڪاري دور ۾ به ڪراچي خاموش هئي.
1983ع واري جمهوري تحريڪ کان پوءِ سنڌ جي قوم پرستن ۽ ترقي پسندن جا ڪپاٽ کلڻ کپن ها ۽ هنن کي پنهنجي جمهوريت ۽ محب وطن تحريڪن جو مرڪز ڪراچيءَ کي بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ها پر هنن ائين نه ڪيو ۽ هو حيدرآباد ۾ ئي پنهنجا دفتر کولي ويٺا رهيا.
جيئي سنڌ قومي محاذ، ان سلسلي ۾ يقينن خراج جو مستحق آهي، جنهن جي سربراهه بشير خان قريشيءَ پنهنجو ٺڪاڻو ڪراچيءَ ۾ ٺاهي، پنهنجي ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي سياست کي ملڪ ۽ دنيا سان ملائڻ لاءِ ڪراچي جي معرفت ورتي آهي. جسقم سربراهه بشير قريشيءَ جي اهڙي جرئت ڀري سياست جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هن تي ڪراچيءَ ۾ بزدلاڻو، قاتلاڻو حملو ڪرائي، هن کي ڪنبائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌ جو هي فرزند سنڌ جي شاعر جي ان ڪوِتا سان ڪلهو ملائيندي نظر آيو ته،
”هي ماڻهو وِهه جو ڍُڪ ٿيا
جيئن لڪ لڳي، تيئن رڪ ٿيا.“
ڪراچي ڏاتار شهر آهي. تنهن ڪري روزي ۽ روزگار جي مڱيندڙ سنڌين کي هن شهر ڏانهن اچڻ گهرجي ۽ هن شهر جي وارثيءَ ۽ مالڪي ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي سمورن قوم پرستن کي پنهنجي سياست جي ننڍڙن دائرن مان نڪري پنهنجي پاڻ کي ملڪ گير ۽ جمهوري تحريڪ سان ڳنڍڻ گهرجي ۽ ان لاءِ کين ڪراچيءَ جي معرفت ۽ وسيلو اختيار ڪرڻ گهرجي. جيئن سرحد جي سمورن سياستدانن جو ڳڙهه پشاور، پنجاب جي سياستدانن جو مرڪز لاهور ۽ بلوچن جي سياست جو محور ڪوئيٽا آهي، بلڪل ائين سنڌ جي قوم پرستن کي به پنهنجي سياست ۽ سرگرمين جو مرڪز ڪراچيءَ کي بنائڻ گهرجي، کين پنهنجا گهر ۽ دفتر به ڪراچيءَ ۾ ٺاهڻ گهرجن ته جيئن هو ملڪ جي قومي ۽ جمهوري سياستدانن سان تڪڙي واسطي ۽ رابطي ۾ رهن. ڪراچي رڳو روزگار ڏيڻ جو شهر نه آهي پر ان جو شمار دنيا جي عظيم شهرن يعني ”ميگا سٽيز“ ۾ ٿئي ٿو. تنهن ڪري هي شهر عالمي واپار، سياست ۽ حڪمت عمليءَ جو مرڪز به آهي، هن شهر کي جيڪڏهن افغاني، ايراني، برمي ۽ بنگالي ان داتا طور تسليم ڪري، ان مان دان وٺي سکي زندگي گذاري سگهن ٿا ته پوءِ هن شهر کي اسين پنهنجي علمي، جسماني ۽ انساني ضرورتن جي پورائي لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهون ٿا.
افغانين، ايرانين، برمين ۽ بنگالين سميت غيرملڪي ماڻهو ڪراچيءَ سميت، سڄي ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهن ۽ امن جي واديءَ جي هن ملڪ جو سڪون تباهه ڪرڻ ۾ به گهڻي ڀاڱي غيرملڪي ئي ملوث آهن. تنهن ڪري هن ملڪ کي ٻيهر امن جو هندورو بنائڻ لاءِ به ضروري آهي ته ڪراچيءَ کي غيرقانوني شهرين کان پاڪ ڪيو وڃي. ان مقصد لاءِ به ضروري آهي ته سنڌ جا اصلوڪا باشندا، ڪراچيءَ ۾ پنهنجي موجودگيءَ کي يقيني بنائين ته جيئن ڪراچيءَ مان عالمي يتيمن جو بار گهٽائي سگهجي.
اڄ کان ايڪيهه سال اڳي 14 اپريل 1988ع تي ڪراچيءَ ۾ سنڌي عوام جي قومي اتحاد طرفان ڪالاباغ ڊئم خلاف ۽ سنڌ جي ٻين مطالبن جي حق ۾ هڪ عظيم الشان مارچ ڪيو ويو هو. لکين ڌرتيءَ ڌڻين جي انهيءَ جلوس کي ڏسڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ آباد لکين غيرقانوني غيرملڪي ڏڪڻيءَ ۾ پئجي ويا هئا ته وطن جا وارث پنهنجي محبوب شهر ۾ پهچي ويا آهن. اڄ ايڪيهين سالن کان پوءِ ان ڳالهه جي وڌيڪ ضرورت آهي ته سنڌ جي ان انمول شهر ۽ پاڪستان جي داتا ۽ دادلي شهر کي بچائڻ لاءِ سنڌ جا محب وطن، روشن خيال ۽ قوم پرست پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
جسقم جي 7 نومبر واري ريلي هڪ تاريخي ڪاميابي آهي پر ڪاميابي جو اهو پهريون قدم آهي. هڪ ئي ڪاميابي کي سڀ ڪجهه ۽ ڪافي سمجهي ويهي نه رهڻ گهرجي. سنڌ جي قوم پرستن کي پنهنجي سياست ۽ حڪمت عمليءَ جا رخ ۽ طرف بهتر ۽ درست ڪرڻ گهرجن ۽ پنهنجي سياست کي ملڪي ۽ عالمي ڌارا سان ڳنڍڻ گهرجي. سنڌ جي قوم پرستن کي پنهنجي سياست ۽ حڪمت عملي جا بنياد، سائنسي بنيادن، زميني حقيقتن ۽ تحقيق جي روشنين ۾ رکڻ گهرجن. قوم پرستن کي پنهنجي انداز ۽ تعلقاتن ۾ لچڪ، رواداري ۽ جمهوريت پسندي ڏيکارڻ گهرجي. عوامي ڀلائي جا اهي نقطا ۽ مطالبا جنهن تي سنڌ جي قوم پرست ۽ ترقي پسندن جو موقف ساڳيو آهي، ان تي کين گڏ ويهڻ گهرجي ۽ ذاتي انائون، رنجشون يا اختلاف پاسيرا رکي، هڪ پائيدار ۽ گهڻو وقت هلندڙ اتحاد ٺاهڻ گهرجي. سنڌ کي اتحاد جي سياست جي جيڪا اڄ گهرج آهي، اها اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي.
سنڌ ۾ اتحادن جي سياست اڳ ۾ به ٿيندي رهي آهي، پر اها سهپ ۽ اعليٰ ظرفي جي کوٽ سبب سدائين کٽل نظر آئي آهي. سنڌ جي قوم پرستن کي سنڌ جي جمهوري ۽ آئيني حقن جي حاصلات لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي ۽ کين پنهنجي سياست کي ملڪ جي ٻين جمهوريت پسند عوام ۽ پارٽين سان گڏائڻ گهرجي ۽ ان مقصد جي لاءِ کين ڪراچيءَ کي پنهنجي واٽ ۽ وسيلو بنائڻ گهرجي، جيڪڏهن هو گڏجي ويٺا ته ڪاميابي يقينن سندن مقدر بڻبي.
محبتي ميڙي، ٻڌج هڪڙو ڳوٺڙو
تنين جي ويڙهي، پاڻهئي ايندو پاتشاهه (شاهه)
(8 نومبر 2009ع تي نشر ٿيل)