سنڌي ٻوليءَ کي ڪٿان ڪٿان خطرو آهي؟
عالمگيريت عرف گلوبلائيزيشن جي طوفان ۾ ايندڙ هڪ سؤ سالن ۾ دنيا جي ڪيترين ٻولين جي ختم ٿيڻ جو خطرو موجود آهي ۽ يقينن ان خطري جو ڪجهه حصو سنڌي ٻوليءَ کي به کڻڻو پوندو. پر اسين جيڪي ڏهن ڪروڙن کان وڌيڪ سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ پندرهن ڪروڙن کان وڌيڪ سنڌي سمجهندڙ ماڻهو موجود آهيون، اهي جيڪڏهن پنهنجي جيجل جي جهوليءَ واري ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ هڪڙو هڪڙو ۽ ننڍڙو ننڍڙو پٿر گڏ ڪرڻ جيترو ڪم ڪيون ته اسين سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ عظيم الشان بچاءَ جو قلعو تعمير ڪري ان کي صدين تائين محفوظ ڪري سگهون ٿا.
اها ڳالهه بحث ۽ تحقيق جي گهرجائو آهي ته سنڌوماٿري جون حدون ڪهڙيون ۽ ڪيستائين آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جون جاگرافيائي حدون ڪٿي دنگ ڪن ٿيون. ڇاڪاڻ ته سنڌ رڳو اها نه آهي جيڪا انگريزن يا مختلف حڪومتن روينيو جي ڍلن جي اوڳاڙيءَ لاءِ نقشن ۾ ڇپرائي آهي. پر سنڌوماٿريءَ جي ثقافت جا رنگ گلگت ۽ ڪشمير ۾ به جرڪن ٿا. سنڌ ۾ شادين ۾ ڳائجندڙ سهرن جهڙا سهرا هزارا ۽ هندڪو وارن علائقن ۾ به ٻڌجن ٿا، سنڌي پهاڪا پنجاب ۾ به دهرائجن ٿا ۽ سنڌي ريتون سرائڪين ۽ بلوچن ۾ به ورجائجن ٿيون. بلوچستان جي اڌ کان وڌيڪ علائقن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، سنڌي اخبار پڙهي وڃي ٿي، سنڌي ٽي وي چينل ڏٺا وڃن ٿا. سڄو سرائڪي عوام ٿوري بدليل لهجي واري سنڌي ڳالهائي ٿو. نه رڳو ايترو پر هندستان جي گجرات، مهاراشٽر ۽ راجستان وارن صوبن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن ۽ سمجهندڙن جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي ان کان سواءِ عرب رياستن، اولهه جي ملڪن ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ به صدين کان آباد ٿيل سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ موجود آهن ۽ انهن جو مجموعي تعداد به هڪ ڪروڙ کان مٿي آهي تنهن ڪري انهن سڀني انگن کي جوڙ ڪرڻ بعد اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد ڏهن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ۽ سنڌي ٻولي سمجهندڙن جو تعداد پندرهن ڪروڙن جي ويجهو آهي.
سنڌي ٻوليءَ کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪهڙي لپي يا رسم الخط اختيار ڪرڻ گهرجي. اهو بحث به هاڻي تڪڙو ۽ پوءِ مڪمل ٿيڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ جي ڏاهي حليم بروهيءَ جي راءِ کي به انصاف ۽ اهليت جي بنياد تي ٻڌڻ گهرجي. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ان کي قومي حيثيت ڏيارڻ لاءِ سرڪار ۽ سرڪار جي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌي ٻوليءَ کي دفترن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هئڻ گهرجي ۽ آفيسن يعني دفترن ۾ انگريزيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي به شامل ڪيو وڃي.
حقيقت ۾ ته سنڌي ٻوليءَ کي ڪهڙا خطرا آهن؟ اهي خطرا ڪٿان کان آهن؟ ۽ انهن جو حل ڪيئن ممڪن آهي ان تي سنڌي ڏاهن جي هڪ ڪميشن ويهارڻ گهرجي جيڪا تحقيق ڪرڻ ۽ تفصيل گڏ ڪرڻ کان پوءِ اهي تجويرون ڏئي ته سنڌي ٻوليءَ کي محفوظ بنائڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءَ وٺڻ گهرجن، ان ڪميشن جي تجويزن کي سنڌي اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن ۽ صحافين جي تنظيمن ۽ سنڌ جي سياسي پارٽين کان منظور ڪرايو وڃي. بعد ۾ انهن تجويزن کي اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي ان تي عمل ڪرايو وڃي، جڏهن ۽ جيڪڏهن ”سنڌي ٻولي ڪميشن“ جون تجويزون اڳيان آيون ۽ سڀ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ان تي عمل ڪندا ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڪير به ختم نه ڪري سگهندو. پ پ سرڪار ۽ ان جي تعليم کاتي کي وڏن شهرن جي تعليمي درسگاهن مان تڙي ڪڍرايل سنڌي ٻوليءَ کي ٻيهر موٽائي بحال ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، حد ته اها آهي ته سنڌ جا وڏا ماڻهو سڏجندڙ، سنڌ جا پير، مير، وڏيرا ۽ سردار، جن جي اڪثريت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڊفينس وارن علائقن ۾ رهي ٿي، انهن جو اولاد سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ نه ٿو ڄاڻي. سنڌ جي ويجهڙائي واري تاريخ ۽ سياست تي انهن خاندانن جو قبضو آهي ۽ انهن خاندانن جي وڏڙن جا قصا جن ڪتابن، جن اخبارن ۽ رسالن ۾ موجود آهن، انهن جا پٽ ۽ پوٽا، پنهنجي وڏڙن جي تاريخ به پاڻ نه پڙهي سگهندا. سنڌ جي وڏن ماڻهن ۽ وڏيرن کي اها ڳالهه ڪير سمجهائيندو ته اي وڏيرئو...!! جيڪڏهن توهان وڏيرا ٿي رهڻ چاهيو ٿا ۽ پنهنجي پنهنجي تڪن مان چونڊجڻ ۽ ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ چاهيو ٿا ته به توهان جي اولاد کي سنڌي پڙهڻ گهرجي. انگريزن، سنڌين تي حڪومت ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻولي سکي ۽ لکي هئي، تنهن ڪري توهان سنڌي ٻوليءَ خاطر نه سهي، ماڻهن تي حڪومت خاطر ئي سهي، پر پنهنجي اولاد کي سنڌي ٻولي ته پڙهايو!!
سنڌي ادبي سنگت ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي” جي جاڳرتا مهم هلائي سٺو ڪم ڪيو آهي پر ان موقعي تي اها ڳالهه وڏي غور ۽ ويچار جي گهرجائو آهي ته اسين سڀ ويهي اهو ويچار ڪريون ته سنڌي ٻوليءَ کي ڪٿان ڪٿان خطرو آهي ۽ اهو خطرو ٽارڻ ۽ هٽائڻ ڪيئن ممڪن آهي، سنڌي ٻولي کي لڳل خطرن بابت جيڪي به خيال آهن، انهن مان هڪڙو خيال هي به آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي سڀ کان وڏو خطرو اندران يعني ان جي ڳالهائيندڙن مان آهي.
اسين جيڪي سنڌي ڳالهائيندڙ آهيون، انهن حقيقت ۾ پنهنجي زندگيءَ مان ڄڻ ته سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي ۽ جيڪڏهن جيجل جي لوليءَ واري ان رٺل ٻوليءَ کي اسين پرچائي، پنهنجي زندگيءَ ۾ موٽائي اچون ته اسان پنهنجي مادر محترم جي مقدس زبان کي بچائي سگهون ٿا. اسين سڀ گڏجي، جيڪڏهن لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ ٿورو ڌيان ڪيون. ڌارين ٻولين جي حملي آور لفظن کي ٿورو روڪڻ جي ڪوشش ڪيون، گهٽتائي جي احساس مان مٿي چڙهون ۽ پنهنجي يتيم بنايل ٻوليءَ جي لفظن، محاورن جي مٿي تي هٿ رکون، پنهنجي تڙيل ۽ زخمي ڪيل پهاڪن تي پها رکون ۽ پنهنجي ملوڪ ۽ مٺڙي شاعري کي آوازن ۽ اُچارن سان ٻيهر سينگاري، چپڙن سان چمڻ شروع ڪيون، ۽ سچل، سامي ۽ ڀٽائيءَ سان نئون نينهن لڳايون ته پوءِ ماٿريءَ جي سنڌي ٻوليءَ جو عظيم ساگر وري ٻيهر ڇلڪڻ شروع ڪري سگهي ٿو.
ان سلسلي ۾ سڀ کان وڏو ڪردار صحافين، اديبن ۽ شاعرن جي هٿن ۾ آهي. سلام آهي سنڌ جي سگهڙن کي جيڪي ويچارا معاشري مان موٽ نه ملڻ باوجود سنڌي ٻوليءَ سان پنهنجي محبت جو علم اوچو ڪيون ٿا اچن. اسين چئون ٿا ته سنڌي اخبارون ۽ سنڌي سيٽلائيٽ چينل سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن پر اهو سچ جو مٺو پاسو آهي، ان سچ جو ڪوڙو پاسو هي به آهي ته اسان جا اهي سڀ ادارا ٻئي طرف ٻوليءَ جي وڏي بگاڙ جو سبب به بنجي رهيا آهن ۽ اسان جي بي توجهيءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌارين لفظن، محاورن ۽ پهاڪن کي آباد ڪري، پنهنجي ٻوليءَ جي لفظي آباديءَ کي اقليت ۾ تبديل ڪري، پنهنجي ٻوليءَ سان اهو حشر ڪري رهيا آهيون، جيڪو اڳ ۾ اسان پنهنجي قوم سان ڪري چڪا آهيون. ڌارين جي آبادڪاري اسان جي انساني وجود کي ختم ڪري رهي آهي، تنهن ڪري اسان کي ڌارين لفظن، محاورن ۽ پهاڪن جي آبادڪاري روڪي پنهنجي زبان جي وجود کي زندهه رکڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي.
اسان جا سڀ ٽي وي چينل خبرن جي شروعات ”هيڊلائينز“ سان ڪن ٿا، جڏهن ته اها شروعات ”حاضر آهن هن مهل جون خاص خاص خبرون“ سان پڻ ڪري سگهجي ٿي، ٽي وي چينل جي خبرن ۾ هيٺان گهمندڙ پٽين ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ۽ ايترا ڌاريا لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا جو اسان جو عام ماڻهو ان جو مطلب ئي نه سمجهي سگهندو آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اهي لفظ اڻٽر آهن پر سڄي دنيا جي ٻولين جا ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته سواءِ سائنس جي ڪن بنيادي ايجادن جي نالن جي، باقي ٻيا سڀ نالا مقامي ٻولين ۾ رکي سگهجن ٿا. اسين جيڪي پنهنجي پاڻ کي ٻوليءَ جا رکوالا ۽ لڄ پال سمجهون ٿا اهي سڀ نانءَ ڪٺيا دانشور آهيون. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ اسان کان سوين ڀيرا وڌيڪ بهتر ڪردار سنڌ جي ان عام ماڻهوءَ جو آهي، جيڪو اردو ۽ انگريزي نه ڄاڻڻ ڪري، ضرورت پوڻ تي پنهنجا نالا ايجاد ڪري ٿو ۽ عوام ۾ عام ۽ مشهور پڻ ڪري ٿو. مثال طور اها ڊش جنهن جي معرفت اسين ٽي وي چينل هلايون ٿا ان کي عام ماڻهوءَ ڊش بجاءِ ”کاري“ جو نالو ڏنو. اها گاڏي جنهن کي اسين وين چئون ٿا، ان کي عام ماڻهوءَ ”دٻي“ جو نالو ڏنو، اها ڪيسٽ جنهن کي اسين ٽيپ رڪارڊر ۾ وڄايون ٿا، ان کي عام ماڻهو ”ريل“ جو نالو ڏنو.
جيڪڏهن اسين اقوام متحدا جي جاءِ تي گڏيل قومون، بازياب جي بدران هٿيڪو، فالج بجاءِ اڌ رنگو، مبينا بجاءِ شڪي، شٽربند جي جاءِ تي هڙتال، منشيات بجاءِ نشو ۽ بلدياتي بجاءِ مڪاني ادارن جا لفظ لکون ته اسان پنهنجي ٻوليءَ جي تحفظ جو هڪ مورچو فتح ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن گيم کي راند، بريڪ کي ساهي، سيشن کي اجلاس، سيڪيورٽيءَ کي حفاظت، فلائيٽ کي اڏام ۽ مڊٽرم کي وچولي مُدي لکون ته به اسان پنهنجي ٻوليءَ کي بچائي سگهون ٿا. ٽي ويءَ تي خبرن پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ جيڪڏهن سنڌي لفظ استعمال ڪيا وڃن ته ٻوليءَ کي بچائي ۽ سنواري سگهجي ٿو. نه رڳو ايترو پر ان ڳالهه جي به سخت ضرورت آهي ته اسين پنهنجي گهرن ۾ ٻاجهاري ٻوليءَ کي پنهنجايون. مثال طور اسين ڀاڄائيءَ کي ڀاڀي، ڌيءَ ۽ پٽ کي بيٽا، چاچيءَ کي آنٽي ۽ ماسيءَ کي خالا، چاچي کي انڪل ۽ جيجل کي ممي ڇو ٿا چئون؟ پيءُ لاءِ ابل، بابل ۽ بابلي جهڙا مٺڙا ۽ موچارا لفظ موجود آهن ته اسان کي اهي استعمال ڪرڻ گهرجن. اسان پنهنجي مهمانن کي ويل ڪم بجاءِ جيڪڏهن ”ڀلي ڀلي ڪري آئيو“ چئون ته يقينن هو وڌيڪ محبت ۽ آڌرڀاءُ محسوس ڪندا. اسان تي ٻاهرين ٻولين جو اثر ايترو گَهرو ٿي ويو آهي جو اسين هوٽلن، دڪانن، گاڏين ۽ زندگيءَ جي ذري گهٽ سمورن وهنوارن ۾ اردو ۽ انگريزي لفظ استعمال ڪيون ٿا، مثال ”دود پتي چاءِ“ جي بدران کير پتي چانهه چئجي ته ڪهڙي خراب ڳالهه آهي؟ ساڳيءَ ريت “دو چائي” جي بدران ٻه چانهيون چئجن ته ڪهڙو عيب آهي.
صحافين کان پوءِ ٻوليءَ جي بچاءِ ۽ سينگار ۾ وڏو ڪردار ليکڪن ۽ شاعرن جو آهي. سنڌ جي شاعري توڙي ادب سوين سالن تائين عربي ۽ فارسي جي اثر هيٺ رهيو آهي. مسلمان شاعرن ۽ ليکڪن جي ضد ۾ هندو اديبن ۽ شاعرن وري سنڌي ٻوليءَ تي هنديءَ جو رنگ چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. مرزا قليچ بيگ، محمد ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز جهڙن وڏن نالن جي نثر توڙي نظم تي به فارسي جو اثر رهيو آهي ۽ ڀيرو مل ۽ گربخشاڻي جهڙن عالمن تي وري هندي زبان جو رنگ رهيو آهي.
رسول بخش پليجو سنڌ جو پهريون عالم، اديب ۽ دانشور آهي، جنهن نج سنڌي انداز اختيار ڪيو. سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ قلم ڪارن کي پنهنجي نثر توڙي نظم ۾ رسول بخش پليجي جي پيروي ڪرڻ گهرجي. اڄ ضرورت آهي ته سنڌ جي نثر کي پليجي جي لکڻ جي ڍنگ ۾ رڱجي ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ کي وري سنڌي ميڊيا جي ذريعي شهرن ۾ متعارف ڪرائجي. اخبارن جي مضمون نويسن ۽ ڪالم نگارن کي به اهو خيال ڪرڻ گهرجي ته هو پنهنجي لکڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ، محاورا ۽ چوڻيون استعمال ڪن.
اها ڪيسٽي شاعري، جيڪا ڳائجي ٿي، ان جو معياري هئڻ به لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته مقبول فنڪارن ذريعي، اها شاعري عام ماڻهوءَ جي ذهن ۽ زبان تي سوار ٿئي ٿي ۽ جهرجهنگ ۾ جهونگارجي ٿي. تنهن ڪري عام ۽ لوڪ شاعرن جي شاعريءَ کي به درست دڳ ۽ رستو ڏيکارڻ ۽ انهن جي اصلاح ڪرڻ جي ضرورت آهي. شاعر کي ڪوي چوڻ ۽ نينگريءَ کي ناري چوڻ ۽ باجي کي هارمونيم، موسيقي کي ميوزڪ چوڻ ۽ گيت کي سانگ چوڻ جو رواج به اڄڪلهه وڌيل آهي، ڪمتريءَ جي ڪن ۾ ٻڏل شاعرن کي هاڻي ٿورو ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
لفظن کان پوءِ ڌارين ٻولين جا ڪيترائي محاورا ۽ پهاڪا به اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪاهي پيا آهن، حالانڪ انهن جا بهترين ۽ اصلي مطلب وارا محاورا ۽ پهاڪا اسان جي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ موجود آهن. مثال طور ”گهر ڪي مرغي، دال برابر“ جو سنڌيءَ ۾ متبادل ”گهر جو پير، چلهه جو مارنگ“ موجود آهي.
ساڳيءَ ريت ”جان نه پهچان مين تيرا مهمان“ جو سنڌي متبادل ”جاڙا خان ڪتو جهلجانءِ مان آيو آهيان“ يا ”هو جن نه ڪن، ادي جن عشق ۾ انڌا.“ جهڙا ڪيترائي متبادل موجود آهن. ضرورت آهي ته اسان پنهنجي وڃائجي ويل پهاڪن ۽ محاورن کي ڳوليون ۽ پنهنجي زبان تي ٻيهر آڻيون. سنڌي ٻوليءَ کي اڄڪلهه جيڪي خطرا اڳيان آهن انهن ۾ هڪڙو موبائيل فون ذريعي اردوءَ ۾ پيغام موڪلڻ جو به آهي. اسان جا چڱا موچارا ۽ ناليوارا اديب ۽ دانشور پيغام اردوءَ ۾ لکي موڪلن ٿا، حالانڪ اهو ساڳيو نياپو، نينهن واري سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي سگهجي ٿو. اڄڪلهه موبائيل فون ذريعي سنڌي ۾ پيغام موڪلڻ جو رواج ضرور پيو آهي پر ان رواج کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پر انهن سمورن عملن کان وڌيڪ بهتر عمل هر جاءِ تي پهريون جملو سنڌي ڳالهائڻ سان شروعات ڪرڻ جو آهي. اڄ کان پندرهن سال اڳي ”ڀٽائينز“ نالي سنڌي نوجوان اديبن ۽ ليکڪن جي هڪ ٽولي اهو فيصلو ڪيو هو ته جنهن به جاءِ تي وڃبو اتي پهريون جملو سنڌيءَ ۾ ڳالهائبو، ڀلي ان ڳالهه جو يقين هجي ته اڳيون ماڻهو سنڌي نه سمجهندو ته به پهريون جملو سنڌي ڳالهائي ان کي سنڌي سکڻ جي سڌي طرح آڇ ڏبي ۽ گڏوگڏ کيس اهو به ٻڌائبو ته آءٌ سنڌي آهيان ۽ سنڌي ڳالهائڻ ٿو چاهيان، جيڪڏهن ان تصور کي به عام ڪجي ته اهي لکين سنڌي جيڪي ٻاهرين شادين ڪرڻ ڪري يا ڌارين آبادين ۾ رهڻ ڪري پنهنجي ماءُ جي ٻولي وساري چڪا آهن، اهي سنڌي ڳالهائڻ شروع ڪندا. هر ماڻهوءَ سان پهريون جملو سنڌي ڳالهائڻ سان اهي ماڻهو جيڪي اڌرڪ سنڌي ڳالهائين ٿا، اهي به سنڌي ڳالهائڻ جي شروعات ڪري، سنڌيءَ ڏانهن موٽ کائي سگهن ٿا. هر هنڌ پهريون جملو سنڌي ڳالهائڻ سان سنڌين جي تعارف جي شروعات ٿيندي. اڄڪلهه موبائيل فونن جي فون سروس تي به سنڌيءَ جو هڪڙو خانو يعني آپشن ڏنل آهي، جيترا به سنڌي ان کي استعمال ڪندا، ان سان سنڌي ٻوليءَ جي واڌ جو هڪڙو ڏاڪو مٿي نڪري سگهجي ٿو. هن رپورٽ جي ٻڌندڙن جي ذهنن ۾ ٻيون به اڪيچار تجويزون ٿي سگهن ٿيون، جن تي عمل ڪرڻ سان سنڌو ماٿريءَ جي هي عظيم ٻولي نه رڳو قومي ٻولي بنجي سگهي ٿي پر پنهنجي اوج ۽ عروج کي به ماڻي سگهي ٿي.
اسان پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ کي پنهنجي ذهن ۽ زبان کان جيڪو پري رکيو هو، پنهنجي دل ۽ دماغ کان جيڪو دور ڪيو هو ان لاءِ اچو ته پنهنجي امڙ جي ٻوليءَ کان معافي وٺون ۽ ان کي ٻيهر پنهنجي ذهن ۽ زبان جو زيور بنايون.
(فيبروري 2012ع ۾ نشر ٿيل)