نواز ليگ طرفان نون صوبن جو راڳ
نون صوبن جو بحث سرحد صوبي جي نالي جي 18 هين آئيني ترميم ذريعي تبديليءَ کان پوءِ شروع ٿيو آهي. سرحد صوبي جي هندڪو ڳالهائيندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته سرحد هنن جو وطن آهي ۽ پٺاڻ ٻاهر کان هتي اچي آباد ٿيا آهن، تنهن ڪري سندن سرزمين تي ٻاهرين ماڻهن جو نالو ڇو ٿو رکيو وڃي. هندڪو ڳالهائيندڙ ماڻهو سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري واري علائقي هزارا ۾ اڄ به گهڻائي ۾ آباد آهن، تنهن ڪري هنن انهن علائقن ۾ هڙتالون ڪيون آهن ۽ مطالبو ڪيو آهي ته کين الڳ صوبو ٺاهي ڏنو وڃي.
سرحد صوبي جي نئين نالي جي ڳالهه اڃان اسيمبليءَ ۾ مَس پهتي آهي ته نون صوبن جي ڇيڇڙن جا خواب ڏسندڙ سياسي ٻليون ميائون ميائون ڪندي ميدان ۾ لهي پيون آهن ۽ عوام کي ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ته نوان صوبا ڪيئن ٺهندا آهن ۽ ڇو ٺهندا آهن ۽ جيڪڏهن هن ملڪ اندر نوان صوبا ٺاهيا ويا ته ان جو ڪو به نقصان نه ٿيندو.
نون صوبن ٺاهڻ واري ڳالهه جا ٻه پاسا نهايت اهم آهن، پهريون هي آهي ته آخرڪار نون صوبن جي ڳالهه هن وقت ڇو ڪئي وئي آهي ۽ ٻيو ته ڇا نون صوبن ۾ سنڌ جو ورهاڱو به ممڪن آهي؟ اچو ته ان ڳالهه جو ٿورو جائزو وٺون.
پاڪستان سميت سڄي دنيا جي اڀرندڙ ۽ نسرندڙ جمهوريتن جو الميو اهو آهي ته جمهوريت جڏهن به پاڙ هڻي سائي ٿيڻ ۽ گئونچ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي آهي تڏهن ان جي آمريت جي پاليل ڍورن هٿان ڀيل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. نتيجي طور هر ڏهن سالن کان پوءِ جمهوريت جا نوان ٻوٽا پوکيا ويندا آهن پر ٻٽن سالن ۾ ان نئين ڄاول جمهوريت جي وڻ کي ئي پاڙان پٽيو ويندو آهي ۽ پوءِ آمريت جا پاليل اهي بدمست ڍور، پنهنجي زبان ۾ جمهوريت کي گهٽ وڌ ڳالهائي اهو به چوندا آهن ته ”هن ملڪ جي ماڻهن کي سڌو ڪرڻ لاءِ جمهوريت نه پر ڏنڊي ۽ لٺ باٺي جي ضرورت آهي.“ اهوئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ گهڻا سياسي بحران آمريت بجاءِ جمهوريت ۾ منڍيون ڪڍندا آهن. مثال طور ايوب جي آمريت ڏهه سال آرام سان گذاريا پر ڀٽي جي جمهوريت کي پنجن سالن کان پوءِ پي اين اي بڇايو ويو. ضياءُالحق جو فوجي راڄ يارهن سال سڪون سان هلندو رهيو پر بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت کي يارهن مهينن کان پوءِ عدم اعتماد جي تحريڪ اڳيان ڏني وئي. پرويز مشرف کلندي کلندي نَو سال ڪڍي ويو پر پ پ سرڪار کي ٻه سال پورا ڪرڻ کان اڳئي ڏند ڏيکاريا پيا وڃن ۽ ڏينهن ڳڻايا پيا وڃن ۽ سڀ کان وڏو سانحو ته هي ٿيو آهي ته پرويز مشرف جي آمريت تي ”يامشرف لبيڪ“ جا ٺپا هڻندڙ سترهين ترميم ايتري سڪون، سان پاس ٿي وئي، جنهن جو ڪنهن کي پتو ئي نه پيو ۽ آمريت جون اکيون ڪڍندڙ ارڙهين ترميم، اتفاق راءِ سان پاس ٿيڻ لاءِ اڃا قومي اسيمبليءَ مان ئي پاس نه ٿي ته فساد شروع ٿي ويا آهن ۽ پرويز مشرف کي ويهه ڀيرا ورديءَ سان صدر چونڊرائڻ جي ڳالهه ڪندڙ چوڌري ڀائر هزارا ۽ سرائڪي عوام جا اڳواڻ بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ قاف ليگ سميت نون صوبن ٺاهڻ واري ڳالهه سڀ کان وڏي آواز ۾ اهي ڌريون ڪري رهيون آهن جيڪي پرويز مشرف جي دور ۾ صوبن جي حقن جي حاصلات ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هيون.
اڃا ارڙهين ترميم تي پارليامينٽ جي ميمبرن جو اتفاق ئي نه ٿيو هو ته قائداعظم مسلم ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت چيو هو ته ارڙهين ترميم ڪڏهن به پاس نه ٿيندي. خبر ناهي ته چوڌري شجاعت اها تصديق ڪٿان ڪئي هئي يا کيس اها پڪ ڪنهن ڏياري هئي ته ارڙهين آئيني ترميم ڪڏهن به پاس نه ٿيندي؟ پر جڏهن مکيه سياسي پارٽين پنهنجي سياسي ڏاهپ جو غيرمعمولي مظاهرو ڪيو تڏهن چوڌري شجاعت حسين جون اڳ ڪٿيون ڀري بازار ۾ ديواني جي گفتار وانگي اجايون ثابت ٿيون.
نون صوبن جي سوال تي پرويز مشرف جي باقيات جو سنجيدهه ٿيڻ ڪنهن معنيٰ کان گهٽ نه آهي. ارڙهين آئيني ترميم پاس ڪرائڻ ۾ پيپلزپارٽي مسلم ليگ نواز ۽ اي اين پي جو بنيادي ڪردار آهي. ڇا اهي قوتون، جيڪي موجود سيٽ اپ مان خوش نه آهن، اهي هن نظام کي فسادن ذريعي ناڪام ڪرڻ گهرن ٿيون ۽ پيپلزپارٽي توڙي مسلم ليگ نواز ۽ اي اين پي کي ٻيهر حڪومت مان بيدخل ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪڍڻ گهرن ٿيون؟ ڪن تجزئي نگارن جو خيال آهي ته ارڙهين ترميم تي معجزي جهڙي اتفاق راءِ ڪن جمهوريت دشمن حلقن کي قبول نه آهي، تنهن ڪري اهي پارليامينٽ اندر وڌندڙ اتفاق راءِ واري ماحول کي خراب ڪرڻ چاهين ٿيون ۽ موجودهه فساد ۽ بم بکيڙا به ان جي ڪري ئي ڪرايا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ مسلم ليگ نواز کي سنجيدهه، تعميري ۽ پختو سياسي ڪردار ادا ڪرڻ گهربو هو. پر خبرناهي ته مسلم ليگ نواز پرويز مشرف جي ساٿارين جي مچايل راند ۾ ڪيئن شريڪ ٿي ۽ مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ صديق الفاروق سنڌ سميت ٻين صوبن کي انتظامي صوبن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪيئن ڪئي؟
ٿي سگهي ٿو ته نون صوبن وارو تڪرار، ارڙهين ترميم تي سياسي پارٽين جي مثالي ڪردار جو ردعمل هجي. ٿي سگهي ٿو ته نون صوبن جو تڪرار پيپلزپارٽي، مسلم ليگ نواز ۽ اي اين پيءَ جي حڪومتن ۽ اتحاد کي گهر موڪلڻ جي ڪوشش هجي. ٿي سگهي ٿو ته نون صوبن جو تڪرار ان کان به وڌيڪ ڪا اهڙي سازش هجي، جيڪا هن ملڪ ۽ ان جي عوام کان بلڪ ملڪ ئي کان ٻاهر سٽي وئي هجي. ڳالهه ڪيئن به هجي بهرحال مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ صديق الفاروق جي سنڌ سميت ٻين صوبن کي انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ واري ڳالهه تي سنڌ جي عوام ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ پيدا ٿي آهي ۽ مسلم ليگ نواز جي سنڌ اندر مقبوليت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. پاڪستان مسلم ليگ نواز کي پنهنجي هڪ ناسمجهه اڳواڻ جي اهڙي تبصري تي سنڌ جي عوام کان معذرت ڪرڻ گهرجي ۽ صديق الفارق جي لفظن کي پارٽي راءِ کان الڳ ڪرڻ گهرجي.
جيستائين سنڌ کي انتظامي سطح تي ورهائڻ واري ڳالهه جو تعلق آهي ته اها ڳالهه سڀني عامن ۽ خاصن کي سمجهڻ گهرجي ته موجودهه سنڌ هزارين سالن کان ان جاگرافيائي بيهڪ سان قائم آهي ۽ سنڌو درياهه جو سڳو ان جي مختلف پرڳڻن جي مڻين کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو بيٺو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي انتظامي ورهاست ممڪن ئي نه آهي، ان کان پوءِ جڏهن ڪراچي مڇيرن جي هڪ مياڻي هئي، هڪ ننڍڙو بندر هئي ۽ جڏهن ڪراچي مٺي پاڻي نه هئڻ ڪري رهڻ لائق به نه هئي، تڏهن به ڪراچي سنڌ جي ماڻهن توڙي حاڪمن لاءِ اهم هئي. هاڻي ته ڪراچي سون اپائيندڙ شهر آهي، تنهن ڪري ان ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪير به الڳ نه ٿو ڪري سگهي.
سنڌو درياهه جي وهڪري جي طرف ۽ حساب سان ڪراچي سنڌ جو دماغ ۽ سنڌ جي سري آهي، تنهن ڪري ڪراچيءَ کي سنڌي ماڻهو پنهنجو مٿو، پنهنجو منهن، پنهنجو مهانڊو، پنهنجو نڪ، ڪن ۽ زبان سمجهن ٿا، تنهن ڪري ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو مطلب سنڌ جو سرڪٽڻ برابر آهي. ان ڪري ڪو به سنڌي ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ٿيڻ لاءِ تيار ته ڇا پر سوچي به نٿو سگهي ۽ ڪراچيءَ جي تحفظ لاءِ هو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندو.
جيڪڏهن ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪراچي ڪن ٻاهران آيل ماڻهن جو شهر آهي، تنهن ڪري اهو هڪ الڳ وجود آهي تڏهن به اها سندن ڀل آهي، سڄي دنيا جي سامونڊي بندرن وارن شهرن ۾ ٻاهران آيل ماڻهن جو موچارو تعداد هوندو آهي. بمبئي جو شهر ۽ ڪلڪتي جو شهر هندستان جا وڏا سامونڊي بندر آهن ۽ اتي لکن جي تعداد ۾ ٻاهريان ۽ ڌاريان ماڻهو رهن ٿا پر ڇا ٻاهرين آباديءَ سبب مهاراشٽرا جي مرهٽن کان ڪير بمبئي کسي سگهيو آهي يا بنگالين کان ڪنهن ڪلڪتو ڇنيو آهي؟ بمبئي ۾ مرهٽن جي آبادي 42 سيڪڙو آهي ان کان پوءِ گجراتي 19 سيڪڙو آهن پر ڇا مرهٽن کان ڪير بمبئي کي الڳ ڪري سگهي ٿو؟ ڪلڪتي ۾ بنگالين جو تعداد 52 سيڪڙو آهي پر ڇا بنگالي ڪلڪتي جي بنگال کان علحدگي پسند ڪندا؟ ساڳي طرح ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن درست آدم شماري ڪئي وڃي ۽ ڪراچيءَ جي قديم سنڌي ۽ بلوچ وسندين کي ڳڻيو وڃي ته ڪراچي ۾ سنڌين جو تعداد سڀ کان وڌيڪ ثابت ٿيندو.
جيڪڏهن ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪراچي سنڌ کان ڌار آهي ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ممڪن آهي ته اها سندن نسوري ڀل آهي. ڪراچي، سنڌ جي آباديءَ جي درياهه ۾ هڪ اهڙي ٻيٽاري آهي، جنهن جي چوڌاري سنڌي وسندين جو گهيراءُ آهي ۽ اهو گهيراءُ رڳو ڪراچي شهر جي چوڌاري سنڌ ۽ بلوچستان جي حدن ۾ ئي نه آهي پر اهو سمنڊ جي اندر موجود ٻيٽن جي صورت ۾ پڻ آهي. ڪياماڙي ۽ قاسم بندر کان اندر درجنين ميل دور جيڪي سامونڊي ٻيٽ آهن، اتي اڄ به مائي ڪولاچيءَ جا هزارين پوٽا ۽ پڙپوٽا آباد آهن. تنهن ڪري ڪراچي شهر کي پنهنجي پوري پسگردائي ۽ تاريخي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. آخر ۾ سنڌين جي ٻڌيءَ بابت هڪ ڳالهه وقت جي حڪمرانن ۽ سنڌ کان ٻاهر رهي، سنڌ خلاف سازشون ڪندڙن کي سمجهڻ گهرجي جيڪا هنن شايد هن وقت تائين نه سمجهي آهي. اها هيءَ آهي ته سنڌ جا ماڻهو جيڪي ڀلي هڪ ٻئي خلاف هجن، هڪ ٻئي سان شادين ۽ غمين ۾ اٿندا ويهندا نه هجن. هڪ ٻئي جي مسجدن ۾ گڏ نمازون نه پڙهندا هجن. يعني هڪ ٻئي کان اتر ۽ ڏکڻ جيترا دور به هجن ۽ نالي ۾ مخدوم، پاڳارا، جيلاني، لڪياري، سيد، ٻروچ، مهر، جتوئي، چانڊيا، مگسي، ڀٽا، کهڙا مطلب ته ڪير به هجن پر سنڌ جي بنيادي مفادن ۽ مسئلن تي سڀ گڏ آهن. سنڌ جي ورهاڱي جو سوچيندڙن کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ رڳو اها ناهي جيڪا اسيمبلين، بنگلن ۽ شهر جي ٿڌين گاڏين ۽ ۽ روڊن تي نظر اچي ٿي پر ان کان وڌيڪ وسيع ۽ وشال اهڙي سنڌ به آهي جيڪا جبلن، ريگستانن، ٻيلن، ٻهراڙين ۽ اونداهين ۾ سنڌ جي روشن مستقبل جون راهون ڳوليندي زندگي گذاري ٿي. ان کان سواءِ سنڌ اندر هڪ اهڙو روشن خيال، ترقي پسند ۽ اڳتي وڌندڙ وچون طبقو عرف مڊل ڪلاس به پيدا ٿي چڪو آهي جيڪو نون ڪمن ۽ ڪاروبارن ۾ يا ڊاڪٽرن، انجنيئرن، وڪيلن، استادن، اديبن ۽ صحافين ۽ سرڪاري ملازمن جي صورت ۾ نئين سنڌ جوڙي رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ نيون کرڪيون ٻڌندڙ نوجوانن جو اهو وڏو ۽ وسيع حلقو پڻ پيدا ٿي چڪو آهي، جيڪو ڪتابن، ڪمپيوٽرن، اي ميلن ۽ موبائيل فون جي پيغامن ۽ نون نون ٽي وي چينلن ذريعي هڪ نئين ۽ جديد سنڌ جوڙڻ جي جستجو ۾ مصروف آهي. پوءِ اهڙي سنڌ جنهن کي ايترا گهڻا محافظ هجن، ان کي ڪير به ورهائي ڀاڱا ڪري ان تي قبضو ڪري نه ٿو سگهي.
صديون اڳ ڪنهن سنڌي ڏاهي چيو هو ته ”سنڌ گدڙن نه کاڌي آهي.“ پر پنهنجي ان وڏڙي جي هڏڙن اڳيان سيس نوائيندي جيڪڏهن ان تاريخي پهاڪي ۾ تبديلي جي جرئت ڪجي ته حقيقت ته اها آهي سنڌ جي سرزمين ته پاڻ هڪ اهڙو ڪيهر شينهن آهي جنهن عربن، ايرانين، افغانين، مغلن، ارغونن، ترخانن ۽ ابدالين جي نالي ۾ جيڪي به حملي آور شينهن آيا انهن جو ماس چوسي انهن جا هڏا سيوهڻ ۽ مڪليءَ جي مٽيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيا ۽ اڄ سنڌ ۾ ارغوني ۽ ترخاني ذات جي نالي ڪوبه ماڻهو نٿو ملي.
اها ڳالهه تاريخ جي تناظر ۾ به ڏسڻ گهرجي ۽ ان کي زميني حقيقتن جي اک سان به پرکڻ گهرجي ته سنڌ جي جاگرافيءَ جي جيڪا تاريخي وحدت آهي ان کي ورهائڻ جي سنڌ جو ڪوبه ماڻهو ڪابه پارٽي، ڪو به مڪتبه فڪراجازت نه ڏيندو. سنڌ جي جاگرافيائي وحدت سان ۽ سنڌ جي تاريخي حدن جي حقيقت سان جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو، پارٽيءَ يا ڌر هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي اهي ڏينهن ڏسڻا پوندا جيڪي شايد هنن جي وهمن، گمانن ۽ امڪانن ۾ به موجود نه هجن.
(22 –اپريل 2010ع تي نشر ٿيل)