تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

قاضي احمد : ٻن پاڙيسرين جي جهيڙي ۾ ٿيل 8 قتل

قاضي احمد ۾ ٻن پاڙيسرين وچ ۾ ٿيل خونريز جهيڙي ۾ تازو اٺ ماڻهو قتل ٿيا آهن ۽ گذريل ڇهن مهينن دوران هن جهيڙي ۾ ڪل 11 انسان قتل جو کاڄ ٿيا آهن. هن خونريز جهيڙي جي شروعات ٽراليءَ طرفان چنگچيءَ کي رستي پار ڪرڻ لاءِ پاسو نه ڏيڻ تان ٿي. ڌرين ۾ پهريائين منهن ماري ٿي، ان کانپوءِ ٽراليءَ جي ڊرائيور کي مارڪٽ ڪئي وئي. ٽراليءَ جو زخمي ٿيل ڊرائيور ٿاڻي تي پهتو پر پوليس ڪوبه تدارڪ نه ڪيو، جنهن کان پوءِ زخمي ٿيل ڊرائيور ڪجهه ڏينهن بعد هڪ حملي آور کي قتل ڪيو. قتل ٿي ويل ماڻهوءَ جا وارث ٿاڻي تي پهتا پر پوليس وري به ڪابه گرفتاري نه ڪئي. جنهن تي مقتول جي وارثن، مخالف ڌر جا ٻه ماڻهو قتل ڪيا. قاضي احمد پوليس ان جو به ڪو تدارڪ نه ڪيو، جنهن کانپوءِ ٻئي ڌريون هٿيار کڻي گهمنديون رهيون پر پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ۽ آخرڪار ٻه ڏينهن اڳ هڪ خونريز جهڙپ ٿي جنهن ۾ اٺ ماڻهو مارجي ويا. ماڻهن مارجي وڃڻ کان پوءِ به پوليس ڪارروائي نه ڪئي آهي ۽ هن وقت تائين ڪي به حقيقي جوابدار گرفتار نه ٿيا آهن.
قاضي احمد جو اهو شهر جتي هي خوني وارڌات ٿي آهي، ان جو تعارف ڪجهه هن ريت آهي ته هي شهر گيتن ۽ سنگيتن، باغن توڙي بغاوتن جو شهر آهي. قاضي احمد شهر جي ذري گهٽ هر چوڪ تي ڪنهن نه ڪنهن فنڪار جي اوطاق ۽ اوتارو آهي. انڙ، مري، زرداري، بالادي، فنڪار ۽ شاعر هن شهر جي سونهن رهيا آهن، فنڪارن کان سواءِ هي شهر رئيس علي نواز انڙ جي سونهن پسنديءَ سبب پڻ مشهور آهي، جنهن جو قاضي احمد شهر ۾ قائم ڪيل ناز باغ ڄڻ سنڌ جو شالامار باغ آهي. ها هي اهوئي باغ آهي، جنهن ۾ ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ ڪيترن ئي سنڌي فلمن جي شوٽنگ ڪئي وئي هئي. ان کانپوءِ قاضي احمد شهر جي ٻي سڃاڻپ ايم آر ڊي واري تحريڪ هئي، جنهن دوران هن شهر ۽ ان جي مشهور ڳوٺ لاکاٽ تي ضياءَ جي فوجي راڄ ۾ بمباري ڪئي وئي هئي. لاکاٽ کي ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ سنڌ جي ڪيترن شاعرن، پنهنجي گيتن ۾ ياد ڪيو آهي ۽ لاکاٽ پ پ جي مثالي ڪارڪن ڪامريڊ خميسي ڀان جو ڳوٺ پڻ آهي.
شاندار پس منظر رکندڙ قاضي احمد جي شهر ۾ تازوئي جيڪا خوني وارڌات ٿي آهي، ان تي غور ۽ تحقيق کان پوءِ ان جهيڙي جون ٽي ڳالهيون سامهون آيون آهن. هڪ ته اسان مان سهپ ۽ رواداري ختم ٿي وئي آهي. ٻيو سنڌ ۾ ٿيندڙ هر جهيڙو قبيلائي رنگ ڇو ٿو اختيار ڪري؟ ٽيون ته پوليس جيڪڏهن نه ڪنهن فرياد جو داد ڪري، نه ڏوهن جا جوابدار گرفتار ڪري، نه هٿيار کڻي هلندڙن کي روڪي ته ڇا پوءِ پوليس رڳو جوارين، ڏوهارين ۽ موالين کان ڀتا وٺڻ لاءِ ويهاري وئي آهي؟
سنڌ جي دانشورن ۽ سوچيندڙ دماغن جي اها هاڻي پختي راءِ آهي ته جنرل ضياءَ جي فوجي ٽولي، سنڌ کان ايم آر ڊيءَ جي بغاوت جهڙي هلچل جو بدلو وٺڻ لاءِ سنڌ ۾ ذات پرستي ۽ قبائليت کي هٿي وٺرائي ته جيئن نظرين ۽ پارٽين جي جهنڊي هيٺان گڏجندڙ سياسي ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿي ذات پرست وڏيرن ۽ سردارن جي اثر ۾ اچي وڃن ۽ سنڌ مان جمهوريت پسند ۽ روشن خيال سياست جو خاتمو ٿئي.
اسيءَ وارو ڏهاڪو ان حساب سان مثالي وقت هو جڏهن سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ جو جهنڊو ڦڙڪندي نظر ايندو هو ۽ سنڌ جون اوطاقون سياست، نظرين ۽ فڪري ڌارائن تي ٿيندڙن بحثن جو مرڪز هونديون هيون. ان دور ۾ سنڌ جا ڳوٺ توڙي شهر ذاتين ۽ قبيلن کي وساري نظرين ۽ پارٽين جي هارن ۾ پوئيل مڻين وانگي نظر ايندا هئا ۽ ذاتين ۽ قبيلن جا فرق،
”ڏاتار ۽ مڱڻي، ڪو نه وسيلو وچ“
جي سٽ وانگي مٽجي ويندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ نه ڪو ٻروچ هو نه سماٽ هو، نه سيد هو نه اڇوت هو، نه لاڙي هو ۽ نه اتراڌي هو، نه شهري هو نه ٻهراڙي جو هو. هر ماڻهو ڪنهن فڪر، ڪنهن نظرئي، ڪنهن پارٽيءَ جي سڃاڻپ هو. ان وقت سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪي ٻه ماڻهو وڙهندا هئا ته اهو ٻن فردن جو جهيڙو هوندو هو ۽ سڀ ماڻهو، پاڙي وارا ۽ پوليس ان کي ٻن فردن جي جهيڙي طور وٺندي ۽ سهيڙيندي هئي. پر ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي شعوري سگهه ٽوڙڻ لاءِ ۽ کين نظرين ۽ پارٽين جي ڪڙم مان ڪڍي وڏيرن ۽ سردارن جي جهوليءَ ۾ اڇلائڻ لاءِ ذات پرستي ۽ قبائليت کي هٿي وٺرائي وئي.
اخبارن جي خبرن جو رڪارڊ کولي ڏسو ته ان ئي دور ۾ ضيائي ٽولي جي حاڪمن سنڌ ۾ سولنگين، سمن، چانڊين، چنن، رندن، لاشارين، سومرن، ميمڻن، جون تنظيمون ٺهرايون. جنرل ضياءَ جي دور ۾ ٻيو ته ٺهيو پر شيخن جهڙي شهري برادريءَ جون به شيخ تنظيمون ٺاهي، انهن جي اڳواڻن کي اليڪشن ۾ بيهاريو ويو. ضياءُالحق جي دور ۾ ئي سنڌ سماٽ تنظيم، سنڌ سادات ايسو سيئيشن، سنڌ سولنگي ويلفيئر آرگنائيزيشن ۽ سنڌ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن عرف سچوا جهڙين تنظيمن جون سرگرميون وڌيون ۽ پوءِ ڏسڻا وائسڻا ماڻهو سنڌي قوم جي سمونڊ جهڙي وجود مان نڪري ذاتين ۽ قبيلن جي دُٻن ۽ ڪسين ۾ تڙڳڻ لڳا.
اخبارن جو رڪارڊ شاهد آهي ته ان کان پوءِ ئي سنڌ ۾ ذات پرستيءَ جي بنياد تي جهيڙا ٿيڻ ۽ وڌڻ لڳا ۽ اهي جهيڙا اڄ پنجويهه سال گذري وڃڻ باوجود ختم نه ٿي سگهيا آهن. ان کانپوءِ قبائلي جهيڙن ۾ پوليس جي ڪردار جو سوال اچي ٿو. قاضي احمد ۾ ٿيل جهيڙي ۾ جيڪڏهن پهرئين خون جا جوابدار گرفتار ٿين ها ۽ پوليس ڏوهارين کي پهرئين ڏينهن تي پڪڙي ها ته شايد وڌيڪ خونريزي نه ٿئي ها. پر اڄڪلهه اسان جي پوليس کي جيڪو وڏيرن جي اوطاقن جو ڳيجهو بنايو ويو آهي، ان ڪري سنڌ جي ذري گهٽ ڪنهن به ٿاڻي تي پوليس تيستائين قدم نه ٿي کڻي جيستائين، اتان جو حڪمران پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ وڏيرو ان کي قدم کڻڻ جو حڪم نه ٿو ڏئي.
قاضي احمد ۾ ٿيل جهيڙي جي دونهين گذريل ڇهن مهينن کان دکندڙ آهي. گذريل ٻن مهينن کان کوسن ۽ جتوئين جا هٿياربند، شهر ۾ هٿيارن سميت گهمندا رهيا آهن پر پوليس ڪنهن جي به خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي؟ قاضي احمد جي وچ شهر ۾ جهڙي ريت هڪ دڪان تي چڙهائي ڪري ستن ماڻهن کي هڪ هنڌ ماريو ويو، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته هاڻي هر حملي آور ڏوهاريءَ کي به ان ڳالهه جو يقين ٿي ويو آهي ته ڀلي ڪيترا به خون ڪري ڇڏيو، آخرڪار جرڳو ئي ٿيڻو آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ رڳو ڏنڊ ئي ڀرڻوآهي. تنهن ڪري ڇو نه پنهنجي وحشي انا کي تسڪين ڏجي ۽ پنهنجي دشمن کي وڌ ۾ وڌ نقصان ڏجي. يقينن ان سوچ تحت ئي ست ماڻهو ماريا ويا آهن.اسان اها ڳالهه اڳ ۾ به چوندا آيا آهيون ته جڏهن کان جرڳا يا فيصلا وڌيا آهن، تڏهن کان ماڻهن مان قانون جو خوف ۽ احترام ختم ٿي ويو آهي. هرڪو ڏوهاري ٻي ڌر جا گهڻا ماڻهو هاڻي ان ڪري به ماري ٿو ته جيئن جرڳي لاءِ راهه هموار ٿئي؟
تاريخ کولي ڏسو ته اڄ کان سؤ سال اڳ جڏهن انگريزن جي حڪومت هئي تڏهن به سنڌ ۾ ايترا قبائلي جهيڙا نه ٿيندا هئا، جيترا اڄ ٿين ٿا. اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ، چارلس نيپئر جي دور ۾ به سنڌ ۾ ڪاروڪاريءَ جي نالي ۾ ايتريون عورتون نه مرنديون هيون جيتريون اڄڪلهه مرن ٿيون. ٻيو ته ڇڏيو پر ايوب خان جي مارشلائي دور ۾ به سنڌ ۾ ماڻهن جو ايترو ڪوس نه هو، جيترو اڄڪلهه آهي. ان جو آخرڪار ڪهڙو سبب آهي؟ سبب هيءُ آهي ته اڄڪلهه پوليس ڏوهارين خلاف ڪوبه قدم نه ٿي کڻي ۽ ڏوهارين کي يقين ٿي ويو آهي ته هو ڪيترا به خون ڪن، ڪيترا به ڳوٺ ساڙين پر ٿيڻو آخر ۾ جرڳو يا فيصلو ئي آهي ۽ کين سزا رڳو ڏنڊ جي ئي ايندي!!
ان جي ڀيٽ ۾ انگريز جي دور ۾، تان جو ايوب خان جي مارشلا جي دور ۾ به هر ڏوهاريءَ کي يقين هوندو هو ته هن جيڪڏهن قتل ڪيو ته کيس موت جي ئي سزا ملندي ۽ هو قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندو. تنهن ڪري قانون جو ڊپ به هو ۽ احترام به هو ۽ قانون جي ڊپ توڙي احترام سبب ڏوهه نه ٿيندا هئا يا نالي ماتر ٿيندا هئا. جڏهن کان ٿاڻو وڏيرن جو محتاج ٿيو آهي ۽ جڏهن کان ٿاڻا وڏيرن ۾ ورهائجڻ لڳا آهن، تڏهن کان قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ خاص ڪري پوليس جو خوف، احترام توڙي ڪردار ختم ٿي ويو آهي.
قاضي احمد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اهو پوليس کاتي جي ڪارڪردگي تي حيرت جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي ته معمولي جهيڙي کان پوءِ هڪ ماڻهو خون ٿيو ان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ان کان پوءِ وري ٻه ماڻهو قتل ٿيا پر انهن ٻن ماڻهن جا قاتل به گرفتار نه ٿيا ۽ ان کان پوءِ آخر ۾ اٺ ماڻهو ماريا ويا آهن پر انهن جو به ڪو حقيقي قاتل گرفتار نه ٿيو آهي. ان وچ ۾ اهي به خبرون آيون آهن ته هڪ پوليس عملدار جو پٽ، پنهنجي سرداري چمڪائڻ ۽ علائقي ۾ خونريزي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري هڪ ڌر جي ان الزام جي به جاچ ٿيڻ گهرجي.
سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن کي روڪرائڻ لاءِ پوليس کي سياست کان پاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پوليس مان سفارشي ڪلچر کي روڪڻ جي ضرورت آهي. جيستائين قبائلي ۽ ذات پرستيءَ جو تعلق آهي ته اهو فرض سنڌ جي سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن، دانشورن، اديبن، شاعرن، سماج سڌارڪن، انسان دوست آفيسرن، لکيل پڙهيل سمورن باضمير ماڻهن جو آهي ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ قبائليت ۽ ذات پرستيءَ جي مرضن ۾ ورتل ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهائين ته توهان جيڪي پاڻ کي کوسن ۽ جتوئين ۾ ورهايل ٿا سمجهو يا مهرن ۽ جتوئين ۾ ورڇيل ٿا سمجهو، يا اوڳاهي ۽ تيغاڻي ۾ تڪراريل ٿا سمجهو، يا مارفاڻي ۽ قمبراڻي ۾ ڪاوڙيل ٿا سمجهو اهي صدين کان هڪ ٻئي سان گڏ رهيا آهيون. ساڳين رستن سان هليا آهيون، ساڳين وڻن جي ڇانئن ۾ ويٺا آهيون، ساڳين قبرستانن ۾ رنا آهيون. اهي ماضيءَ جا سڀئي وقت ۽ ورق وساري هڪ ٻئي جا ويري ڪيئن بنيا آهيون؟ پاسو نه ڏيڻ، ڪلهو هڻڻ، سيٽ تي قبضو ڪرڻ، گهر اڳيان گند اڇلائڻ، ٻارن ۽ ڪتن کي مارڻ، مال جي ڀيل ڪرڻ به ڪي اهڙا مامرا آهن جن تي اوهان هڪ ٻئي جا جنم ۽ جهان اجاڙي ڇڏيو ٿا؟ سنڌ ۾ هزارين ماڻهو اهڙا آهن ۽ يقينن جهيڙيندڙن ڌرين جي گهرن ۽ ڳوٺن ۾ به اهڙا انسان آهن، جن جي اندر جو انسان اڃان جيئرو آهي ۽ جن جي اکين ۾ اڃان سوئر جو اهو وار نه لٿو آهي، جيڪو پاڙي ۽ تر جي ماڻهن جون محبتون ڏسڻ کان انڌو ٿي وڃي.
اسين سڀ صدين کان گڏ رهيا آهيون، اسان جي وڏڙن گڏجي هاڙهه ۽ سيارا گذاريا آهن، اسان جي وڏڙن گڏجي ٻوڏون ۽ ڏڪار اڪاريا آهن ۽ اسان جي وڏڙن گڏجي هڪ ٻئي جي گهوٽن کي گهورون ۽ مرندڙن کي ڪلها ڏنا آهن، ڇا اسان اهو سڀ ڪجهه پاسي ۽ رستي نه ڏيڻ تان وساري ڇڏيو آهي؟ اي کوسؤ، اي جتوئيؤ حيف هجيوَ!!.

( 9 مئي 2010ع تي نشر ٿيل)