تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

قاضي احمد ۾ بي حرمت ٿيل باگڙياڻيون

نوابشاهه ضلعي جي قاضي احمد شهر لڳ ٻن نابالغ باگڙي نياڻين سان لڄالٽ ٿي آهي پر ڪم ذات سمجهي ويندڙ قبيلي سان تعلق رکندڙ هنن نياڻين جون ڪيهون اوچي ذات وارن جي ڪنهن به قانون کي جاڳائي نه سگهيون آهن.
لڄ لٽايل نياڻين جون وارثياڻيون، باگڙياڻيون، دراوڙيون ۽ موهن جي دڙي جون مالڪاڻيون، احتجاج ڪري ڪري، وار پٽي پٽي ٿڪجي پيون آهن پر منصبي جا سڀ مجسما ڄڻ پنڊپهڻ ٿي ويا آهن. دانهون ٻڌڻ لاءِ ڪوبه تيار نه آهي. هونئن ته سنڌ ۾ لکين باگڙي آهن پر اهي ٻين قبيلن وانگي متحد نه آهن، جهيڙيڪار ۽ ڦشري باز نه آهن، چور ۽ ڌاڙيوال نه آهن تنهن ڪري وڏيرن کي گهربل نه آهن ۽ پوليس جي به ضرورت نه آهن. سنڌ جا هي رولاڪ رهواسي، اڍائي هزار سالن کان جيئن موهن جي دڙي جي پڪن گهرن مان تڙيا ويا ۽ آرين طرفان ماريا ويا ته ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪچن ۽ ڪکاون گهرن ۾ رهندا آيا آهن ۽ منهن گوڏن ۾ وجهي غربت سان گذاريندا آيا آهن. ڇاڪاڻ ته هو معاشري جي ڪرت ۽ ڪاروبار مان به ڌڪاريل آهن، تنهن ڪري هاڻي وڏيرن جي ووٽن جي به ضرورت نه آهن.
اهوئي سبب آهي جو هنن باگڙين جو فرياد ٻڌڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي ۽ هنن جي نياڻين جي اگهاڙن مٿن تي هٿ رکڻ لاءِ به ڪو آمادهه نه آهي. قاضي احمد ۾ پوليس به آهي، چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي به آهن ۽ صحافي به آهن، اين جي اوز به آهن، ووٽن واريون توڙي قوم پرست پارٽيون به آهن پر هنن جي ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي ته ڇاڪاڻ ته باگڙي ڪنهن پارٽيءَ جي ڪم جا نه آهن، تنهن ڪري باگڙين کي ڪير به ڪم اچڻ لاءِ تيار نه آهي.
ٻه هفتا اڳ قاضي احمد شهر ٻاهران ڳوٺ محمد چانڊيو ۾ ٻه باگڙي ڇوڪريون، 14 سالن جي خاني ۽ 12 سالن جي، ميران، پنهنجي پاڙيسري چانڊين جي گهرن ۾ ڪپڙا سبرائڻ لاءِ ويون ته سندن چوڻ مطابق، هڪ عورت موبائيل فون تي پنهنجي گهر جي مردن کي سڏايو ۽ پوءِ ٻن بگهڙ صفت مردن کين ڪمري ۾ بند ڪري کين بي حرمت ڪيو، ان دوران هنن ٻن خالي هٿين نينگرين، پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ وڏي ويڙهاند ڪئي پر آخرڪار ڏاڍن مردن هنن کي ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌو.
ظلم جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ هي دراوڙيون پنهنجي وارثن وٽ آيون ۽ پوءِ ٿاڻي تي دانهين ٿيون ۽ ٿاڻي وارن هنن کي اسپتال ڏانهن به موڪليو، پر ٻه هفتا گذري وڃڻ باوجود ٻنهي جوابدارن، جمعو چانڊيو ۽ منٺار چانڊيو مان ڪوبه گرفتار نه ٿيو آهي ۽ نياڻين سان ڪوبه انصاف نه ٿيو آهي.
هونئن ته ٿاڻو هر وقت کليل رهي ٿو ۽ پوليس چوويهه ئي ڪلاڪ جاڳي ٿي پر ٻن معصوم ۽ نالابغ باگڙي نياڻين جي ڏوهه جا جوابدار گرفتار ڪرائڻ لاءِ پوليس ڄڻ سالن کان ننڊ ستل آهي. هي سڀ ڪجهه ان شهر ۾ ٿيو آهي جٿان جي ايم پي اي جو نالو ڄام تماچي انڙ آهي ۽ ظلم جو هيءُ داستان ان ضلعي جو آهي، جنهن ضلعي جو نالو شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جي نالي پٺيان بينظير آباد رکيو ويو آهي ۽ قاضي احمد جو شهر اهو شهر آهي، جنهن کان صرف اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڦتوهل زرداريءَ جو اهو ڳوٺ آهي جيڪو پاڪستان جي صدر جناب آصف علي زرداريءَ جي ابن ڏاڏن جو يعني اباڻو ڳوٺ آهي.
لڄالٽ جو شڪار ٿيل نياڻيون، پنهنجي وارثن سميت روز احتجاج ڪن ٿيون، صحافين کي منٿون ڪن ٿيون، منهن مٿو مناڙن ٿيون پر سندن ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪوبه تيار نه آهي. خبرناهي ته سنڌ جي پنج هزار سالن جي تاريخ جي وارثي ڪرڻ وارا قوم پرست ڪٿي آهن؟ انساني حقن جا علمبردار ڪاڏي ويا آهن؟ اين جي اوز وارا بند دروازن وارن ٿڌن ڪمرن جي ڪهڙن سيمينارن ۾ مصروف آهن؟ ۽ عورتازاد جي نالي ۾ عورتن جي حقن جون ٺيڪي دار برفاني رنگت واريون سفيد جسم ۽ سفيد پوش عورتون ڪٿي آهن؟
سياست، صحافت، انساني حقن توڙي اين جي اوز وارن سنڌ اندر پنهنجي اوليتن جي جيڪا شارٽ لسٽنگ ڪئي آهي، ان ۾ شايد هي مسڪين ۽ ڪم ذات سڏجندڙ قبيلا نه ٿا اچن جو هنن جي امداد لاءِ به ڪير اڳتي اچي.
سنڌ ٽي وي نيوز طرفان پوليس سان جڏهن ڪيس جي نوعيت معلوم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو ته پوليس جو ڪوبه مقامي عملدار پنهنجو موقف ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو. ڇاڪاڻ ته پوليس عملدارن باگڙين بابت اڃا ڪابه محڪماتي پاليسي مرتب نه ڪئي آهي. ٻن باگڙي نينگرين جي عزت جو سوال اسان سڀني اڳيان هڪ سواليا نشان بڻيل آهي ته اسان جا پارليامينٽيرين، اسان جا پ پ اڳواڻ جيڪي حڪومت ۾ آهن، اسان جا قوم پرست اڳواڻ جيڪي پنهنجي پاڻ کي سنڌ جي هزارها سالن جي تاريخ جو وارث سمجهن ٿا، اسان جون اين جي اوز جيڪي مسڪينن جي غربت تي مال کائين ٿيون، اسان جي انساني حقن جون تنظيمون ۽ اسان جي عورتن جي حقن لاءِ ٻٽاڪيندڙ جڙتو ”هوا جون سڏائيندڙ ڄائيون“، حوا جي هنن حقيقي نياڻين ۽ موهن جي دڙي مان نيڪالي ڏنل هن دراوڙين سان انصاف ڪرائڻ لاءِ ڪيترو لڇن پڇن ۽ پنهنجو حق ۽ فرض ادا ٿيون ڪن؟ اچو ته انتظار ڪريون.

( 25 مارچ 2010ع تي نشر ٿيل )