سنڌ جي فڪري امام جي نالي تي قائم يونيورسٽيءَ جي فڪر جوڳي حالت
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪهاڻي لطيف جي ان شعر جي پوري پوري عڪاسي ڪري ٿي، جنهن ۾ لطيف چوي ٿو ته،
سرجيس ته سور، سامائيس ته سک ويا
اهي ٻئي پور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
لطيف يونيورسٽيءَ پنهنجي قيام جي شروعاتي ڏهاڙن کان ئي بدانتظامي ۽ بدعنواني جي طوفانن جي ورچڙهيل رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هن يونيورسٽيءَ ۾ اشرافيا سڏائيندڙ طبقن ۽ حلقن جا ٻار نه ٿا پڙهن. تنهن ڪري هيءَ يونيورسٽي وقت جي حاڪمن جو ته ڇا پر ميڊيا جو به ڌيان نه ڇڪائي سگهي آهي ۽ مختلف دورن ۾ هن يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شپ، سرڪار جي دادلن ڪامورن کي جنگ ۾ هٿ آيل مال وانگي انعام ۾ ائين ملندي رهي آهي، جيئن هندستان جي مغل شهزادن کي جاگيرون انعام ۾ ملنديون هيون.
شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ڪيمپس شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 1974ع ۾ قائم ڪئي هئي ۽ سيد ابراهيم شاهه بخاريءَ کي يونيورسٽيءَ جو پهريون پرو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هو ۽ 5 مئي 1987ع تي ممتاز گرائونڊ خيرپور ۾ ان وقت جي وزيراعظم مرحوم محمد خان جوڻيجي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور کي مڪمل يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. پر 25 سالن جو عرصو گذري وڃڻ باوجود لطيف جي نالي تي قائم هي يونيورسٽي حاڪمن جو توجهه طلب نه ڪري سگهي آهي. ان ڪري هر ايندڙ ڏينهن ۾ علم جي هن درسگاهه ۾ روشني بجاءِ اونداهه ۽ انڌيرو وڌي رهيو آهي. نتيجي طور علائقي جي ماڻهن، پڙهندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين ۾ ڳڻتي ۽ پريشاني چوٽ چڙهي رهي آهي.
گذريل پنجويهه سالن ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کي ڪو مثالي وائيس چانسلر نه ملي سگهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي ان حساب سان ته خوش نصيب هئي، جنهن جي مسند علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شيخ اياز جهڙن فلسفين، محققن ۽ دانشورن وٽ رهي پر شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جا ڪڏهن به اهڙا بخت نه کليا. ان کان سواءِ لطيف يونيورسٽيءَ کي وڏي ۾ وڏي ڌچڪو، خيرپور شهر ٻاهران ٺهندڙ شادي شهيد واري رٿا ۾ مليو، جتي ان وقت جا 9 ڪروڙ رپيا کاڌا ويا. انهن نون ڪروڙن جي اڄوڪي ماليت 80 ڪروڙن کان وڌيڪ آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان رٿا جا ايترا پئسا ته کاڄي ويا پر سرڪار کي ۽ بدعنواني روڪيندڙ ادارن کي هڪ به جوابدار هٿ نه آيو. اهڙي ريت بدعنوان ڪامورا ۽ انتظاميا ڄڻ سڄي يونيورسٽي ڳيهي هڙپ ڪري ويا. شادي شهيد واري رٿا کان وٺي اڄ تائين لطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شپ، سدائين ڪنهن نه ڪنهن دادلي کي کائڻ ۽ خوش ٿيڻ لاءِ ڏني ويندي آهي. پوءِ جنهن اداري جو سربراهه ئي سفارش تي ڀرتي ٿي اچي اهو هن اعليٰ علمي درسگاهه جا مثالي نظام ۽ انتظام ڇو قائم ڪندو؟ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ اڄڪلهه جيڪو انتظام آهي ان موجب وائيس چانسلر، رجسٽرار، امتحانن جي ڪنٽرولر، ڊائريڪٽر فنانس، ۽ انسپيڪٽر ڪاليجز ۽ برسر جهڙيون اهم پوسٽون رٽائرڊ ڪامورن کي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪري انهن جي حوالي ڪيون ويون آهن. جيتوڻيڪ يونيورسٽيءَ ۾ ريگولر آفيسر به مقرر آهن پر ڇاڪاڻ ته اهي ”سڀ ڪجهه“ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، تنهن ڪري کين انهن اهم عهدن تي مقرر نه ٿو ڪيو وڃي. جيڪي استاد انهن آفيسرن جي مقرريءَ جي مخالفت ڪن ٿا انهن کي وري انتظاميا اهم پوسٽون ڏئي خاموش ڪرايو ڇڏي. ڪانٽريڪٽي ملازمن کي اهم عهدا ڏيڻ سبب رڳو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ئي نه پر جٿي ڪٿي بدعنواني وڌي ٿي. اهڙين مقررين سبب ئي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو 72 جعلي ڊگرين وارو اسڪينڊل اڳيان آيو هو، جنهن جي شروعاتي جاچ ڪرائي وئي پر ٿوري عرصي کان پوءِ وري اها جاچ به گم ٿي وئي.
يونيورسٽيءَ جي ملازمن ۽ آفيسرن ڪيترا ڀيرا حتجاج ڪيو آهي ۽ ياد ڏياريو آهي ته رٽائرڊ ٿيل آفيسرن جي بار بار مقرري بدعنوانيءَ جو سبب بنجي ٿي تنهن ڪري اهم عهدن تي رٽائر ٿيل ماڻهو مقرر نه ڪيا وڃن پر انهن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. يونيورسٽي جي موجودهه وائيس چانسلر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ، جڏهن مخالف ڌر ۾ هئي تڏهن هوءَ پاڻ به وري وري ڪانٽريڪٽ جي مخالف هئي پر هاڻي هوءَ جڏهن پاڻ وائيس چانسلر ٿي آهي ته ان نظام جو حصو بنجي وئي آهي.
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ اڄڪلهه ڇهن هزارن کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائين ٿا ۽ ان ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ استاد ۽ ملازم نوڪريون ڪن ٿا. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ روزانو گهوٽڪي، سکر، خيرپور ۽ نوشهري فيروز جا شاگرد تعليم پرائڻ اچن ٿا جڏهن ته اتر ۽ وچولي سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۽ علائقن جا شاگرد ان جي هاسٽلن ۾ داخل ٿي ۽ رهي تعليم حاصل ڪن ٿا. لطيف يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڊگري ڪاليجن جو تعداد ان کان سواءِ آهي، تنهن ڪري وقت جي ضرورت آهي ته لطيف يونيورسٽيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي ۽ لطيف يونيورسٽيءَ بابت اهم ۽ بنيادي فيصلا مصلحت ۽ مجبوري کان مٿانهان ٿي ڪري ڪيا وڃن.
ضرورت آهي ته اداري مان سياست ۽ اقربا پروري کي ختم ڪيو وڃي ۽ استادن کي شعبن جي چارج جي رشوت ڏيڻ بجاءِ کين پڙهائڻ لاءِ وقت ۽ موقعو ڏنو وڃي. ڪانٽريڪٽي ملازمن جا معاهدا، اهم ضرورتن کان سواءِ باقي سڀ ختم ڪيا وڃن ۽ اهم عهدا رٽائر آفيسرن کان واپس ورتا وڃن.
ضرورت آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ وائيس چانسلر کان وٺي هيٺ تائين مقرريون ميرٽ تي ڪيون وڃن. يونيورسٽيءَ ۾ درس ۽ تدريس جا انتظام اهڙا ڪيا وڃن جو هن يونيورسٽيءَ جي ڪيمپس اندر تعليمي ماحول موٽي اچي ۽ يونيورسٽيءَ مان جاري ٿيندڙ ڊگرين کي مانُ ملي ۽ اهو مان ايترو وڌي جو ملڪي توڙي غيرملڪي ادارا هن درسگاهه تي سند يافتا شاگردن کي سڏي نوڪريون ڏين.
اسان سڀني کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کي پنهنجو تعليمي اوج ۽ عروج ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردارا ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي فڪري امام شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي تي قائم هي ادارو، لطيف جي ڏاهپ ۽ فلسفي سان پنهنجي ساک ۽ ناماچاري ڀيٽائي سگهي.
( سيپٽمبر 2012 ع ۾ نشر ٿيل )