تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

اسان کي پنهنجو ثقافتي ورثو موٽائي ڏيو

موهن جي دڙي مان چورايل مهرون واپس نه ٿيون آهن، ڪوٽڏيجي جي قلعي مان لاٿل توپون خبرناهي ڪٿي آهن؟ ڪاهوءَ جي دڙي تي قبضو ٿي رهيو آهي ۽ ميرپورخاص ميوزم مان چوري ڪرايل نوادراتن جي چورن جا پيرا گم آهن. سنڌوماٿريءَ جي هزارين سال قديم تهذيب جا آثار، علامتون ۽ نشانيون گم ڪيون پيون وڃن ۽ اسان جي آثارن ۽ انهن آثارن مان ملندڙ وڏڙن جي فن پارن جا رکوال کاتا، انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آهن.
جيڪڏهن ڪنهن جي گهر مان سون ۽ چاندي جهڙو ڌاتو چوري ٿئي ٿو ته ان لاءِ سڀڪو تڙپي ٿو، پيرو کڻي ٿو، پوليس ڳولي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن جي زمين جو ڪو وال سوري ٿو ته ان تي وارو واري ٿئي ٿي پر سنڌوماٿريءَ جي لوڪن جي هزارين سال قديم تهذيب جي بي بها هيرن ۽ ماڻڪن جهڙن مڻين، سڪن، مورتين ۽ آثارن کي جڏهن ڪير چورائي ٿو ته ان تي اسين سڀ چپ آهيون. ادبي سنگت به خاموش آهي، ثقافت کاتو به ننڊ آهي ۽ قديمن آثارن وارو کاتو مستقل نشي ۾ آهي. اهڙي بي حسي بابت داغستان جي شاعر رسول حمزاتوف سچ چيو هو ته، ”جيڪڏهن توهان ماضيءَ کي پستول هڻندئو ته مستقبل توهان کي توپ هڻندو.“ اسان پنهنجي تاريخي ورثي کي وڃائي ۽ وساري ڄڻ پنهنجي ماضيءَ کي پستول هڻي ڪڍيو آهي، هاڻي اسان کي توپ جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
ڇا اسين ڄاڻون ٿا ته موهن جو دڙو ڪيڏو عظيم آهي؟ ۽ موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان پڌرا ٿيل هي پارس جهڙا آثار اسان جي قومي زندگيءَ کي ڪيترو سونهري بنائي سگهن ٿا ۽ مٽيءَ جي ڍيرن مان نڪرندڙ اهي سڪا ۽ مهرون اسان جي شاندار ماضيءَ جا عڪس ۽ صورتون آهن ۽ جيڪڏهن اسان انهن کي وڃائي ڇڏيو ته اها ڳالهه اسان جي پنهنجي منهن ۽ مهانڊن کي مٽائڻ ۽ ميسارڻ جي برابر ٿيندي.
موهن جي دڙي جي عظمت جي ساک ڏيندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ته پنهنجي تعلق کي سنڌوماٿريءَ جي تهذيبي تسلسل سان ڳنڍيو ئي هو پر هندستان جي پهرئين وزيراعظم جواهر لال نهرو به ائين لکيو آهي ته سندس پيڙهيءَ کي پيدا ڪرڻ واري مٽي جا پنوڙا به موهن جي دڙي جي چَلهن مان کنيا ويا هئا. دنيا جا قديم ترين ڪتاب، رگ ويد، يجر ويد، سام ويد ۽ اٿر ويد به موهن جي دڙي جي تهذيب جي اوائلي ماڳن يعني سنڌو ۽ سرسوتي جي ڪنارن تي لکيا ويا. اڄ کان پنج هزار سال اڳ موهن جي دڙي جي شهر کي جنهن رٿابنديءَ سان ٺاهيو ويو هو، ان تي دنيا اڄ به حيران آهي. نه رڳو ايترو پر موهن جي دڙي تي تهذيب بابت اڃا ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ۽ اهڃاڻ آهن جن تي تحقيق جي گهرج آهي ۽ جيڪڏهن گهربل تحقيق ٿي ته هيءَ پاڻياري تهذيب دنيا جي تهذيبن جي امام ۽ اڳواڻ ثابت ٿي سگهي ٿي. قديم سنڌ جو ڪئلينڊر، سنڌ جي پراڻن لوڪن جو ستارن جو علم، قديم سنڌين جا عقيدا، رسمون ۽ رواج، سنوڻ ۽ ساٺ، راڳ، شاعري، موسيقي، ناچ ۽ رقص، معيشيت ۽ واپار سميت اڻ ڳڻيا موضوع آهن جيڪي تحقيق طلب آهن. اڃا ته موهن جي دڙي جي ويهه سيڪڙو کوٽائي مَس ٿي آهي. اڃا ته چانهونءَ جي دڙي ۾ ڪا ڪوڏر ئي نه لٿي آهي، اڃا ته سنڌ جا سوين دڙا مٽيءَ جي چادر ورايو ستا پيا آهن ۽ ڪنهن ساڃاهه وند جي سلام جي انتظار ۾ آهن جنهن کانپوءِ پتو پوندو ته مڇين ۽ مڇيرن واري هن تهذيب جو بَرُ ڪيترو وشال ۽ ويڪرو آهي ۽ هن تهذيب جي چادر جون ڪنڊون ڌرتي جي ڪيترن طرفن تائين پکڙيل آهن.
اسين سنڌ جا ساڃاهه وند ماڻهو، سنڌوماٿري جي ان تهذيب جي کوجنا لاءِ ته ڪجهه نه ڪري سگهيا آهيون پر اسان جي اڳوڻن حاڪمن، جابرن ۽ قابضن ان تهذيب بابت جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ڪيو آهي ان کي به محفوظ نه ڪري سگهيا آهيون ۽ هن وقت تائين اسان جي تهذيب جا جيڪي آثار ۽ علامتون دريافت ٿيون آهن، انهن کي به وڃائي رهيا آهيون.
موهن جي دڙي مان نڪتل ماءُ واري مورت ۽ ناچڻيءَ جي مجسمي مان ثابت ٿيو آهي ته موهن جي دڙي جي تهذيب ماياڻي يعني عورت واري Matiarchal تهذيب هئي. هن تهذيب ۾ ماءُ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي ۽ ماءُ نه رڳو گَهر جي پر سماج جي اها مُني هئي، جنهن جي چوڌاري سڄو خاندان يا سماج ڦرندو هو، ان ماءُ واري سماج سبب ئي، ”ماءُ اهڙو پٽ نه ڄڻيندي“، ”مائن جون دعائون، ماوان، ٺنڊيان ڇاوان“، ”ماسات مٺي ذات“ ۽ ”نانيءَ ويڙهو“، ”ناني رڌڻ واري“، ”ڏوهٽا کائڻ وارا“ جهڙا اهي پهاڪا ٺهيا، جيڪي ماءُ جي تعلق سان ڳنڍيل هئا. ناچڻي جي مجسمي مان ثابت ٿئي ٿو ته قديم سنڌ جي لوڪن ۾ رقص نهايت مقبول هو. پر اها ڪيڏي نه ستم ظريفي جي ڳالهه آهي ته موهن جي دڙي مان نڪتل اها ماءُ واري مورت، جنهن کي قديم آثارن جي ماهرن ”مدر گاڊيس“ يا ”امڙ ديوي“ جو نالو ڏنو آهي اها انگريز برطانيا کڻائي ويا ۽ هاڻي اها مورت برٽش ميوزم لنڊن جي قيد ۾ بند آهي.
ڪوهه نور جي قيمتي هيري تي مسلمانن جو حڪمران هئڻ جي ناتي، ڀارت جو مملڪت هندستان هئڻ جي ناتي ۽ افغانين جو ڪوهه نور جي اصل وطن هئڻ جي ناتي مالڪيءَ جون پنهنجون پنهنجون دعوائون آهن پر اسان جي مٽيءَ جي مورتن تي ڪنهن به ٻئي جي دعوا نه آهي. اسان لاءِ ڪوهه نور جي هيري کان وڌيڪ ماءُ واريون اهي مورتون آهن، جيڪي اسان جي تاريخ ۽ تهذيب کي ڪوهه نور جي نور کان وڌيڪ منور ۽ روشن ڪن ٿيون. اسان جي ثقافت کاتي کي، آرڪيالاجي جي محڪمي کي ۽ وقت جي حڪومت کي برطانيا سرڪار کان زوردار مطالبو ڪري، موهن جي دڙي جون ماءُ واريون اهي مورتيون واپس ڪرائڻ گهرجن، جيڪي لنڊن جي برٽس ميوزم ۾ بند ڪيون ويون آهن.
ناچ ۽ رقص سنڌ جي قديم لوڪن جي خوشيءَ جي اظهار جي سڀ کان وڏي نشاني آهي. رقص ۽ موسيقي کي هميشه جاڙين ڀينرن وانگي سمجهو ۽ ڄاتو ويندو آهي موهن جي دڙي مان نڪتل ناچڻي واري مورت نه رڳو سنڌ جي قديم ناچ جي علامت آهي پر عورت جي آزاديءَ ۽ رتبي جو اهڃاڻ پڻ آهي. 1947ع واري ورهاڱي کان پوءِ اسان جي ناچڻي واري مورت کي هندستان کڻي ويو ۽ ناچڻي واري ان مورت کي گمان آهي ته بمبئي يا ڪلڪتي جي ڪنهن ميوزم ۾ رکيو ويو آهي.
1947ع واري ورهاڱي وقت هندستان جي ڪنهن شهر ۾ هڪ نمائش لڳي هئي، جنهن ۾ موهن جي دڙي جون مورتيون رکيون ويون هيون، ان دوران جيئن ورهاڱو ٿيو ته موهن جي دڙي جي مهرن ۽ مورتن کي به ورهايو ويو. پاڪستان کي مهاپروهت عرف ڪنگ پريسٽ جو مجسمو ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته جيئن ته مسلمان رقص جا مخالف آهن ۽ ناچ تي هندستان کي فخر آهي تنهن ڪري ناچڻي جو مجسمو هندستان رکندو. پاڪستان ٺهڻ وقت اسان جي حاڪمن جي ثقافت کي ڏسڻ واري نظر نهايت ڪمزور هئي، تنهن ڪري هو اهو نه سمجهي سگهيا ته ناچڻي جي ان مورت ۾ اسان جي ماضيءَ جي عورت جي سڄي صورت جهلڪي ٿي ۽ هو سنڌوماٿريءَ جي اها مورت هندستان ۾ وڃائي آيا. اسان سڀني کي حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ گهرجي ته اسان جي سرڪار هندستان کان ناچڻيءَ واري مورت موٽائي وٺي.
موهن جي دڙي جي مهرن ۽ مورتن پٺيان هڪ اهڙو ٽولو به لڳل آهي، جيڪو سدائين، هتان جون اهي مقدس شيون عالمي منڊيءَ ۾ وڪڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندو آهي. ستر واري ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو ۽ 2002ع ۾ ٻيو ڀيرو موهن جي دڙي جي ميوزم مان ڪجهه مهرون ۽ مورتيون چوري ڪيون ويون آهن. عالمي چورن جي ان سازش ۾ موهن جي دڙي جي آس پاس ۾ رهندڙ اهي انڌا سنڌي به شامل آهن، جيڪي پنهنجي وڏڙن جي هڏڙن کان به وڌيڪ مقدس انهن مهرن جي چوري ۾ شامل ٿين ٿا. ڪاش انهن مقامي سنڌي چورن کي اها سمجهه ۽ فهم هجي ته هو جيڪي شيون اڄ چوري ڪري، عالمي چورن کي لکن ۾ وڪڻن ٿا، انهن مان هڪ هڪ مهر جي قيمت سون جي ديڳين کان به مٿي آهي. ڇا سون جا سوين مڻ ڍير ڪري، موهن جي دڙي جهڙي ڪا هڪ مورت ۽ اها به اوتري پراڻي ٺاهي سگهجي ٿي؟؟ جيڪڏهن نه ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان جي انهن مورتن کي ملهه ۾ نه ٿو خريد ڪري سگهجي. موهن جي دڙي جي ميوزم مان ٻه ڀيرا چوري ٿيل مهرن مان 70 واري ڏهاڪي ۾ چوري ٿيل مهرون ايمسٽرڊم ۾ ڏٺيون ويون هيون، جڏهن ته 2002ع ۾ چوري ٿيل مهرن جا چور معلوم هئڻ باوجود نه چور گرفتار ٿيا ۽ نه مهرون واپس ٿيون، ڇا سنڌ جو ثقافت ۽ سياحت وارو کاتو، انهن چورين جو ڪيس اٿلائي سگهي ٿو ۽ موهن جي دڙي جون نشانيون واپس ورائڻ لاءِ ڪا سنجيدهه ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ ريت ثقافت کاتي کي هڪ عالمي ووڙ يا وڙول به ڏيڻ گهرجي ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪنهن ذاتي يا سرڪاري عجائب گهر ۾ جيڪڏهن ڪا موهن جي دڙي يا سنڌوماٿريءَ جي ڪنهن ماڳ جي ڪا مُهر، مورت يا نشاني آهي ته اها سنڌ کي موٽائي ڏني وڃي. ساڳيءَ ريت اها ووڙ عالمي اڪابرن ۽ ڏاهن کي به ڏيڻ گهرجي ته جيڪڏهن سندن نظر ۾ سنڌوماٿريءَ جو ڪو ورثو، چوريءَ يا زوريءَ ڪٿي به سانڍيو يا لڪايو ويو آهي ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي. پوءِ اهو ورثو جيڪڏهن رضاڪارانه طور واپس ٿئي ٿو ته ٺيڪ ٻي صورت ۾ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي عدالت سان رابطو ڪيو وڃي.
ان کان پوءِ ڪاهوءَ جو دڙو آهي جنهن جا آثار اسان جي بي حسيءَ تي آهه وزاري ڪري رهيا آهن.
ڪاهوءَ مٿان ڪيترا اڀري لٿا چنڊ
اي اونداها کنڊ، سنڌ نه سنڀري سوجهرو.
جهڙو شعر چئي جيتوڻيڪ شيخ اياز ڪاهوءَ تي چنڊ جي روشنيءَ جو ڏس ڏنو آهي پر اڄڪلهه ڪاهوءَ جي مٿان اسان جي اماس رات جهڙي انڌي ۽ اونداهي نظر آهي. جڏهن اشوڪ اعظم جي شهنشاهيت جو سج برما ۽ بنگال کان اڀري سنڌوءَ جي ڇاڙن کي ڇهندو هو، انوقت ڪاهوءَ جو دڙو هڪ عظيم سلطنت جو اهڃاڻ هو ۽ جڏهن گوتم ٻڌ هيءَ جهان پڌاريو ته هن جي رک ٻڌ ڌرم جي جن جن اسٽوپائن ۾ رکي وئي هئي ان ۾ ڪاهوءَ جو اسٽوپا به شامل هو. ان معنيٰ ۾ ڪاهوءَ جو اسٽوپا خوش نصيب هو جنهن ۾ گوتم ٻڌ جهڙي گياني شخص جي خاڪ رکيل هئي. ان ڪاهوءَ جي دڙي تي قبضا خورن قبضو ڪري ان جي آثارن کي گهرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪن وري ان تاريخي آثار جي دڙي کي مٽيءَ جو ڍير سمجهي ان مان مٽي ڪڍڻ شروع ڪئي آهي. ڪاهوءَ مٿان ٿيندڙ ان قهر کي اسان مان ڪنهن به نه روڪيو، جس آهي وري به پاڪستان جي چيف جسٽس جناب افتخار محمد چوڌريءَ کي جنهن ڪاهوءَ جي دڙي جي سنڀال لڌي ۽ ان تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ڇا اسين سڀئي ثقافت کاتي کي قائل ڪري سگهون ٿا ته هو ڪاهوءَ جي دڙي کي ديوار ڏياري ان جي مٽيءَ کي محفوظ بنائي ۽ ان مان لڌل تاريخي مهرن ۽ مورتن کي ميوزم ۾ مناسب جاءِ ڏئي.
ميرپورخاص ۾ قائم ٿرپارڪر ميوزم مان ٽالپر حڪمرانن جي دور جا نوادرات چوري ڪيا ويا آهن ميرن جي چئن وڏن گهراڻن مان ميرپورخاص ۾ ماڻڪاڻي خاندان جي حڪومت هئي جنهن جو آخري حڪمران شير سنڌ مير شير محمد خان ٽالپر هو. مير شير محمد خان ٽالپر، انگريزن کي حيدرآباد ٻاهران دٻي جي ميدان وٽ للڪاريو هو ۽ سندس ئي لشڪر ۾ هوش محمد شيدي، انگريزن سان وڙهندي، مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، جو عالمگير نعرو هنيو. ان مير شير محمد ٽالپر جي ذاتي استعمال جون شيون هٿيار، اوزار ۽ قلمي نسخا جيڪي ميرپورخاص جي ٿرپارڪر ميوزم ۾ پيل هيون اهي چوري ڪيون ويون آهن. ڇا اسين سڀ ۽ سنڌ ثقافت کاتو، اڪيلي ۽ آخري ٽالپر حاڪم، مير شير محمد خان ٽالپر جا اهي ٻه صديون اڳ وارا نوادرات واپس ڪرائي شير سنڌ جي ميار کان بچي سگهون ٿا؟
خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جي دور جي توپن کي ڪوٽڏيجي جي قلعي مان لاهي ۽ ڪاهي، جهڙي ريت در در ڀٽڪايو ويو آهي. ان جو داستان ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي. ٽالپر حاڪمن جون اهي توپون جيڪي چڱن موچارن حاڪمن جو هيانءُ ڪنبائي وجهنديون هيون، انهن توپن کي شهر جي چونڪن ۽ چوسولن تي رسوا ڪيو ويو آهي. ڪوٽڏيجي جي قلعي جون اهي توپون، جن جي وڏا وڏا جرنيل اچي سلامي ڀريندا هئا ۽ اهي ئي توپون وڏين وڏين بادشاهين جي حاڪمن کي سلامي ڏينديون هيون، هاڻي اهي ڊي سين ۽ ايس پين پنهنجي دفترن ٻاهران داسين وانگي ويهاري ڇڏيون آهن. ڪوٽڏيجي جون اهي توپون رڳو خيرپور ۽ سکر جي پوليس ۽ روينيو آفيسرن جي گهرن جي سلامي ئي نه ٿيون ڀرين پر ون يونٽ ۽ مارشلائن وارن زمانن ۾ لاهور جا آفيسر ۽ عملدار به اهي توپون کڻائي ويا. انهن مان ڪي لاهور جي ميوزم ۾ ۽ ڪي ڪامورن جي بنگلن اڳيان باندياڻيون بڻائي بيهاريون ويون آهن.
خيرپور جي ٽالپر حاڪمن اهي توپون ڊچن ۽ ٻين يورپي حاڪمن کان پنهنجي پيسن سان خريد ڪيون هيون، تنهن ڪري سنڌ جي ثقافت کاتي کي انهن توپن جا پيرا کڻڻ گهرجن ۽ اهي توپون جتي جتي به آهن، انهن کي واپس ڪرائي، خيرپور ۾ هڪ قلعي ۾ ميوزم ٺهرائي ان ۾ محفوظ ڪرڻ گهرجن.
جيتوڻيڪ مهرن ۽ مورتن چورائڻ سان ڪا تهذيب چورائي نه ٿي سگهجي ۽ نه ئي وري پنهنجي ميوزم ۾ چوريءَ جو مال رکڻ سان ڪو ملڪ تاريخي لحاظ کان معتبر بڻجي سگهي ٿو پر اسان سنڌوماٿريءَ جي ماڻهن کي پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي مالڪي ڪرڻ لاءِ نه رڳو پاڻ سجاڳ ٿيڻ گهرجي پر گهري ننڊ ۾ ستل پنهنجي ثقافتي ۽ قديم آثارن وارن کاتن کي به جاڳائڻ گهرجي.

(اپريل 2010ع ۾ نشر ٿيل)