کرين ۽ کهرين ڳالهين وارو سياستدان- پيرپاڳارو
رڪارڊ جي حساب سان پير پاڳارو 22 فيبروري 1928 ۾ خيرپور ضلعي جي پيرڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي شروعاتي تعليم اتي ئي حاصل ڪيائين. انگريزن خلاف حرن جي هلايل هلچل جي اڳواڻيءَ ڪرڻ جي ”ڏوهه“ ۾ پير پاڳاري جي والد پير صبغت الله عرف سورهيه بادشاهه کي 1943ع ۾ ڦاسي ڏئي سندس مڙهه کي نامعلوم جاءِ تي دفن ڪيو ويو. 1943ع کان 1946ع تائين پير پاڳاري علي ڳڙهه ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ جڏهن 1946ع ۾ ٻيهر ڪراچي موٽيو ته انگريز سرڪار کيس گرفتار ڪري پاڻيءَ جي جهاز ذريعي کيس ۽ سندس ڀاءُ نادر شاهه کي برطانيا روانو ڪيو ۽ کيس ميجر ڊيوس نالي هڪ اهڙي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو جتي برطانوي سرڪار جي مخالفن جي ٻارن کي پڙهايو ويندو هو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1949ع ۾ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان برطانيا ۾ پيرپاڳاري سان ملاقات ڪري کيس وطن واپس ورڻ تي آمادهه ڪيو. وطن واپس ورڻ کان پوءِ پير پاڳاري فيبروري 1952ع ۾ پڳ ٻڌي ستين پاڳاري طور گادي سنڀالڻ شروع ڪئي. 1952ع جي فيبروري کان 2012ع جي جنوري تائين ملڪي سياست جي سٺ سالن جا چاڙها ڏسندڙ پيرپاڳارو هونئن ته ٻين پيرن وانگي سياست ۾ ڪو گهڻو اثر رسوخ رکندڙ نه هو پر ڀٽي جي کلم کلا مخالفت سبب هو سنڌ ۾ پ پ مخالف سياست جو وڏي ۾ وڏو مرڪز بنجي ويو هو.
پير پاڳاري سياست جي شروعات، ذوالفقار علي ڀٽي وانگي جنرل ايوب جي ڇانو ۾ شروع ڪئي هئي ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڀٽو توڙي پاڳارو جنرل ايوب جا سڄا ۽ کٻا هٿ هئا پر اڳتي هلي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي ايوب خان خلاف تحريڪ هلائي ته ڀٽي ۽ پاڳاري جون راهون الڳ ٿيون. ايوب خان جي دور کان جدا ٿيل ڀٽي ۽ پاڳاري خاندان جون راهون 40 سالن تائين تيستائين الڳ رهيون، جيستائين سڄو ڀٽو خاندان مارجي (شهيد ٿي) نه ويو. مذهبي طرح قادري صوفي مسلڪ سان تعلق رکندڙ پيرپاڳارو سنڌ ۾ پيرن، گادين ۽ صوفي مسلڪن کان وڌيڪ سياست ۾ سرگرم هوندو هو ۽ هو سنڌ ۾ خاص ڪري ڀٽو مخالف يا پ پ مخالف سياست جو وڏي ۾ وڏو مرڪز هو. تنهن ڪري جڏهن به سنڌ ۾ پ پ مخالف سرڪار ٺهندي هئي ته پيرپاڳارو به ان ۾ ضرور شامل هوندو هو. پيرپاڳاري جي اها سياسي جرئت هوندي هئي ته هو ڀٽي جهڙي عوامي مقبوليت رکندڙ سياستدان جي نه رڳو مخالفت ڪندو هو پر پاڻ لاءِ کلم کلا ائين به چوندو هو ته هو جي ايڇ ڪيو جو ماڻهو آهي. هن ۾ اها جرئت هوندي هئي ته هو پنهنجي سوچ، فيصلا ۽ اتحادي بنا ڪنهن هٻڪ يا حجاب جي پڌرا ڪري ٻڌائيندو هو. پيرپاڳارو نه رڳو سدائين طاقتور ڌرين جي پاسي هوندو هو پر انهن جي کلم کلا وڪالت ۽ حمايت به ڪندو هو.
جيتوڻيڪ سنڌ جا ڪجهه قوم پرست پيرپاڳاري کي سندس والد جي تاريخ ياد ڏياريندي اهڙا بيان ڏيندا هئا ته پيرپاڳارو سنڌ جي نجات واري تحريڪ ۾ هڪ ڏينهن ضرور پنهنجو ڪردار ادا ڪندو پر پيرپاڳارو موٽ ۾ سدائين قوم پرستن تي ڀتي خوريءَ جو الزام هڻي کين مايوس ڪندو هو.
طاقتور ڌرين جي سياست جي حامي پيرپاڳاري آخرڪار پيپلزپارٽي کي به اها ملهه ماري ۽ آخر ۾ 2008ع جي چونڊن کان پوءِ پ پ چاليهه سالن جي مخالفت ڇڏي، پيرپاڳاري جي پارٽيءَ کي پنهنجو اتحادي بنايو. پيرپاڳاري، پنهنجي سياسي هوشياريءَ سان حرجماعت کي متحد ڪيو ۽ 1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪ انڊيا جنگين ۾ شريڪ ٿي، حر جماعت کي ملڪ جي دفاع واري قوت ۾ شامل ڪرايو. حر جماعت جي اهڙي ڪردار پير پاڳاري کي فوج جي ويجهو ڪيو جنهن جي ڪري فوج سدائين پاڳاري تي مهربان رهي. پيرپاڳاري پنهنجي هوشياري ۽ وقت شناسائي سان حرجماعت کي سانگهڙ ضلعي مان ڪڍي سڄي سنڌ ۾ پکيڙيو ۽ 2005ع جي مڪاني چونڊن ۾ سنڌ جي 23 مان ڇهن ضلعن ۾ پنهنجا ضلعي ناظم چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
پيرپاڳارو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ لبرل ۽ نئين سوچ رکندڙ ۽ اولهه جا شغل ڪندڙ ماڊرن پير هو. ڪرسيءَ تي ابتو ويهي، پاڻ فون اٽينڊ ڪندڙ پيرپاڳارو سگار ڇڪيندو ۽ انگريزي جا پل ٿرو جهڙا محاورا استعمال ڪندو هو جنهن کي ماڻهو وري ڦلترو سمجهندا هئا.
گهوڙن ڀڄائڻ جو شوقين پيرپاڳارو، سدائين لڪل لفظن ۽ محاورن ۾ ڳالهائي سياسي ڳجهارتون ڏيندو هو، جنهن کي ملڪي سياست جا ڏاها ۽ هوشيار ماڻهو مَس سمجهي سگهندا هئا. هو نياڻين کي تعليم ڏيڻ، راضپي سان شاديون ڪرائڻ ۽ ڏوهن کان پري رهڻ واري هدايت ڪرڻ وارو پير ۽ گادي نشين هو. ايوب خان ۽ فاطمه جناح واري صدارتي چونڊ مقابلي وقت پير پاڳارو ايوب خان جي پاسي هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت خلاف ٺهيل محاذ يو ڊي ايف جو پيرپاڳارو صدر هو ۽ بعد ۾ ڀٽي کي لاهڻ واري پي اين اي جي تحريڪ ۾ پيرپاڳارو سدائين اڳرو رهيو. پر پنهنجي ان سياست بابت هن کي ڪڏهن به ڪا ندامت يا پشيماني نه رهي.
جيتوڻيڪ پيرپاڳارو، پرويز مشرف جي سرڪار مان وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪندڙن مان هڪ هو، پر هن ۾ اها به جرئت هئي ته هن پرويز مشرف جهڙي طاقتور فوجي حڪمران کي سندس حڪومت جي اوج وارن ڏينهن ۾ ”دهليءَ جو ٺڳ“ ڪوٺيو هو. پيرپاڳارو 1985ع جي چونڊن ۾ محمد خان جوڻيجي کي وزيراعظم ۽ سيد غوث علي شاهه کي سنڌ جو وڏو وزير چونڊرائڻ کان پوءِ محاورتن هڪ ڳالهه ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ”مون کان منهنجو لنگور رسي ويو آهي“ اهو لنگور ڪير هو ان جو پتو پئجي نه سگهيو. پيرپاڳارو پنهنجي گفتگو جي ان نرالي انداز ۾ ارباب غلام رحيم کي ”ڪارو ڪانؤ“، ڳجهين ايجنسين کي ”فرشتا“ ۽ ايم ڪيو ايم کي ”ماما“ جي مخصوص نالن سان سڏيندو هو. پيرپاڳارو سدائين بلاول ڀٽو زرداري لاءِ اها ڳالهه به چوندو رهيو آهي ته ”بلاول سندن آهي ۽ سندس پارٽي ۾ شامل ٿيندو. ” ان دعويٰ مان سندس ڇا مراد هئي، اها اڃا تائين ڳجهارت آهي. پيرپاڳاري جي اسٽيبلشمينٽ نواز سياست جيتوڻيڪ ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ قابل اعتراض ٿي سگهي ٿي پر هن جي سياست جو کرو انداز، هن جا بيباڪ تبصرا ۽ هن جون اڌ تجزياتي ۽ اڌ معلوماتي پيشن گويون ايندڙ وقت ۾ ڪيترن ڏينهن تائين سياست ۾ ياد رکيون وينديون.
(جنوري 2012ع ۾ نشر ٿيل)