سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر بشير احمد چنڙ جو قتل
پروفيسر بشير احمد چنڙ جو قتل سنڌ يونيورسٽيءَ جي موجودهه ڪيمپس جي باني ۽ سنڌ جي ويجهڙائي واري ماضيءَ جي مفڪر علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ڀرسان ڪيو ويو ۽ ڄڻ علامه آءِ آءِ قاضي کي اهو پيغام ڏنو ويو ته بنگال جي برن ۾ شانتي نڪيتن جهڙو علمي ادارو قائم ڪندڙ فلسفي رابندر ناٿ ٽئگور کان متاثر ٿيندڙ علامه آءِ آءِ قاضي يا گنڌارا جي پهاڙين مٿان عيسوي سن کان اڳي قائم ٿيل يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگرد ڪوتليا چاڻڪيا جي علمي چاهت کان اثر وٺندڙ علامه آءِ آءِ قاضي، اڄ تنهنجي بُٺيءَ جي ڀر ۾ هڪ استاد کي قتل ڪري ثابت ڪيو ويو آهي ته سنڌ جا اعليٰ علمي درسگاهه ٻيلن جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن، جن ۾ شاگرد سياست جي نالي ۾ هٿياربند ڌاڙيلن جو راڄ آهي. انهن ادارن جا وائيس چانسلر يونيورسٽين جي ڪيٽين جا اهي وڏيرا آهن، جيڪي انهن ڌاڙيل شاگردن سان گڏجي شاگردن، استادن ۽ عملي کي دٻائي، دهشت زدهه ڪري شاگردن، استادن ۽ عملي جو رت پيئن ٿا.
اي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب...!! تنهنجي سنڌ يونيورسٽي ۽ ان مان نڪتل ذري گهٽ سڀ يونيورسٽيون، هينئر انهن بگهڙن جي حوالي آهن، جن جا ڏند تکا ۽ نظرون ڪمزور آهن.
اي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب...!! ڪاش انهن بگهڙن ۾ ڪي سنڌي پهاڪي واريون صفتون هجن ها ۽ هڪ پوڙهي استاد کي گولي هڻڻ وقت کين ياد اچي ها ته ڇتو ڪتو به مالڪ سڃاڻندو آهي ۽ پوءِ هنن جي اکين ۾ ڪو شرم جو ڪڪر اڀري ها ۽ هو پنهنجي جانوري جبلت کي ٿورو لغام ڏين ها ۽ پوءِ سنڌ جي تاريخ پنهنجي مٿان اهو طعنو نه کڻي ها ته، ”سنڌ ۾ ته استاد به قتل ڪيا وڃن ٿا.“
سنڌ جي اعليٰ درسگاهن ۾ دهشت جو اهو ديؤ ڪڏهن داخل ٿيو، ڪيئن داخل ٿيو ۽ ڪنهن داخل ڪيو؟ ان تي سنڌ جي سڀني ساڃاهه وندن کي گڏجي سوچڻو ۽ فيصلو ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن شاهدين جي ڪسوٽي ۽ انصاف جي اک سان ڏسجي ته ڪراچيءَ کان ٻاهر واري سڄي سنڌ ۾ هٿيارن جي سياست کي متعارف ڪرائڻ جو ڏوهه 70 واري ڏهاڪي ۾ ان وقت جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي ۽ پوءِ سنڌ جي ڪجهه قوم پرست پارٽين شروع ڪيو، ڪراچيءَ ۾ اهو الزام جماعت اسلاميءَ جي شاگرد تنظيم تي لڳو ۽ پوءِ هٿياربندن جي ان سياست ۾ علمي ادارن اندر شاگرد مارجڻ لڳا. خاص ڪري گذريل چئن ڏهاڪن ۾ رڳو سنڌ اندر هڪ سؤ کان وڌيڪ شاگرد قتل ٿيا ۽ 2 جنوري 2010 جي بدنصيب ڏينهن تي سنڌ يونيورسٽي کي هڪ وڏو داغ لڳو ۽ ان ۾ هڪ استاد کي به قتل ڪيو ويو.
سنڌ جي علم ۽ عرفان جون اهي مقدس جايون، جنهن کي اعليٰ علمي ادارا يا يونيورسٽيون چيو وڃي ٿو، اهي دهشت جي ڌنڌي ۾ ڇو ڌڪيون ويون آهن؟ سنڌ جي ايندڙ نسلن ۽ زمانن جي سکي زندگيءَ جي بشارت ڏيندڙ عافيت جي انهن ادارن کي ته اسان کي مقدس مقام جو درجو ڏئي، احترام ڪرڻ گهرجي پر ائين نه ٿي سگهيو. سبب شايد هيءُ آهي ته سنڌ جي اعليٰ علمي درسگاهن کي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ علامه دائود پوٽي جهڙا عالم ۽ استاد ته مليا پر جيڪڏهن مليا به ته انهن کي ايترو وقت نه مليو جو هو، هنن درسگاهن جو ڪُل ۽ ڪامل نظام جوڙي سگهن ۽ ماڻهن خاص ڪري شاگردن کي ٻڌائي سگهن ته استاد جو احترام ڇا ٿيندو آهي ۽ جتي علم پرائجي ان تڪئي جي تعظيم ۽ تڪريم ڪيتري هوندي آهي؟
اڄ سنڌ جي اعليٰ تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هڪ ڪميشن ٺاهڻ جي ضرورت آهي ۽ اها ڪميشن ڪنهن جج ۽ ڪاموري بجاءِ سنڌ جي گهڻ گهرن، ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين ۽ سنڌ دوست پارٽين جي اڳواڻن تي ٻڌل هجي. جيڪا سنڌ جي اعليٰ علمي درسگاهن لاءِ ضابطه اخلاق طئي ڪري ۽ ان ضابطي کي مڃڻ لاءِ سڀئي ڌريون پابند هجن. استاد به ان ضابطي کي تسليم ڪن، ملازم به قبول ڪن ۽ شاگرد به عمل ڪن. سنڌ جي اعليٰ ادارن لاءِ جيڪو ضابطهءِ اخلاق ٺهي ان تي وقت جي حڪومت به عمل ڪري. ڇاڪاڻ ته اعليٰ تعليمي ادارن جي صورتحال بگڙڻ ۽ بهتر ٿيڻ جي گهٽ ۾ گهٽ ذميواري به حڪومت تي عائد ٿئي ٿي. جيڪڏهن حڪومت قابل ۽ اهل وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ بجاءِ، گورنر هائوس جي ڪٻاڙ واري لسٽ ۾ لکيل ڏيتي ليتي وارا رينٽ اي ڪار جهڙا مسواڙي وائيس چانسلر مقرر ڪندي، ته انهن جي ساک ۽ ڪارڪردگي به وقتي ۽ مسواڙي هوندي. جيڪو وائيس چانسلر شاگردن جي ڪنهن هڪ يا ٻن تنظيمن جي اڳواڻن کي گهرائي سندس خوشامدي آڌرڀاءُ ڪندو، کين گڏ مانيون کارائيندو، سرڪاري فنڊ مان چندا ڏيندو ۽ کين داخلائن جي ڪوٽا ڏيندو ۽ ٻين تنظيمن کي وري انهن مراعتن کان محروم رکندو ته يقينن شاگرد تنظيمن وچ ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيندو. سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ اڄڪلهه جيڪي شاگردن وچ ۾ هلندڙ تڪرار آهن انهن جو وڏو سبب اتان جا مسواڙي وائيس چانسلر آهن. اهي مسواڙي وائيس چانسلر، پنهنجي بدعنوان ۽ نااهل انتظاميا ذريعي هڪڙن شاگردن کي ڇوٽ ڏئي کين هر رعايت ڏين ٿا ۽ ٻين کي وري جائز حق به نه ٿا ڏين، جنهن ڪري تڪرار ۽ ٽڪراءَ پيدا ٿين ٿا.
امپورٽ ڪيل يا اسپيئر پيل اوزارن جهڙا وائيس چانسلر سنڌ جي تعليمي بگاڙ جا بنيادي ذميوار آهن. تنهن ڪري سرڪار کي وائيس چانسلرن جي مقرري به شفاف، علم دوست ۽ معياري بنائڻي پوندي. اعليٰ تعليمي ادارن لاءِ تجويز ڪيل ڪميٽيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ اهو طئي ڪرڻو پوندو ته سنڌ جي ادارن ۾ هٿيار کڻي اچڻ تي مڪمل پابندي هوندي ۽ جنهن به پارٽيءَ سان لاڳاپيل شاگرد ان جي ڀڃڪڙي ڪندو، ان خلاف سندس پارٽي ۽ يونيورسٽي انتظاميا گڏيل قدم کڻندي. اسان کي اهو به طئي ڪرڻو پوندو ته شاگردن کي يونيورسٽي انتظاميا طرفان ملندڙ رشوتي مراعتون ختم ڪيون وينديون ۽ يونيورسٽي جون سهولتون سڀ شاگرد هڪ جهڙي نموني استعمال ڪري سگهندا. اسان کي اهو به طئي ڪرڻو پوندو ته ڪنهن به تنظيم سان لاڳاپيل شاگرد،جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي دٻائيندو، ڊيڄاريندو يا غيرضروري طور پريشان ڪندو ته ان خلاف لاڳاپيل انتظاميا ۽ يونيورسٽي انتظاميا گڏيل قدم کڻندي.
اسان کي اهو به طئي ڪرڻو پوندو ته انهن سمورن، ڪمن ۽ سرگرمين تي پابندي هوندي جن کي اخلاقي طور سٺو نه ٿو سمجهيو وڃي يا عالمي انساني حقن جي ابتڙ سمجهيو ٿو وڃي. اسان کي استاد جو احترام بحال ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ته جيئن سنڌ جي استاد جو روائتي احترام موٽي اچي ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ استاد کي احترام جي مورت سمجهيو ۽ قبول ڪيو وڃي. سنڌ جي تعليمي ادارن تمام گهڻو ڀوڳيو آهي، علي مردان شاهه رقصم جي قتل کان وٺي پروفيسر بشير چنڙ جي قتل تائين، اسد عباسي جي قتل کان بابر سنديلي جي خون تائين، عاشق جوڻيجي جي پرتشدد موت کان وٺي محمد خان ڳنڀير جي مارجڻ تائين، احسان ميمڻ جي شهادت کان وٺي ڪمال راهمون جي قتل تائين، اسان انهن ٻانهن تي نوجوانن جا لاش ڍويا آهن، جن تي اسان کي لاشن بجاءِ ڪتاب کڻڻا هئا.
اچو ته سنڌ جا سڀئي گهڻ گهرا سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ڏانهن تاڻيل هٿيارن جي نالين اڳيان هٿ ڏيون. مقدس ادارن ۾ ڀؤن ڀؤن ڪندڙ بندوقن کي خاموش ڪرايون. اچو ته ناسمجهيءَ جي نشي ۾ چور ٿيل پنهنجي انهن شاگردن جي اکين تي چڙهيل انڌ جا اهي کوپا لاهيون ۽ کين سمجهايون ته علمي درسگاهه مسجد، مندر ۽ ڪليسا جهڙو مقدس ٿيندو آهي. استاد رهبر ۽ امام جو رتبو رکندو آهي. اچو ته پنهنجي ڀٽڪيل نسل کي ادارن ۾ وضو ڪري پيرين پنڌ هلڻ ۽ استادن جي احترام ۾ کين سِيس نوائڻ سيکاريون. اچو ته ڀٽڪيل نسل کي ڪتاب اکين تي رکي چمي ڏيئي پڙهڻ جي عادت وجهون. اچو ته علم، استاد ۽ درسگاهه جو مشرقي ۽ قديم سنڌي قدر ٻيهر زندهه ڪيون.
پروفيسر بشير احمد چنڙ جو قتل جيتوڻيڪ نهايت قابل مذمت ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نهايت ڪاري باب جو اضافو آهي پر اسين سنڌ جا ساڃاهه وند هڪ ڀيرو ٻيهر اهو وچن ورجايون ٿا ته استاد جو قتل قطعي طور سنڌ جي روايت ۽ تاريخ نه آهي. جيئن گوڊسي نالي هڪ هندو انتها پسند طرفان مهاتما گانڌي جو قتل، هندستان جي اهنسا جي تاريخ ۽ روايت جي ترجماني نه ٿو ڪري، بلڪل ائين پروفيسر بشير احمد چنڙ جو قتل سنڌ جي شاگردن، علم ۽ درسگاهن جي روايتن جي ترجماني نٿو ڪري.
اسين سنڌ جا عالم، اديب، شاعر، دانشور، صحافي، قلمڪار، سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ توڙي عام ماڻهو پروفيسر بشير احمد چنڙ جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا، ان تي افسوس ڪريون ٿا ۽ ان سان لاتعلقي جو اظهار ڪندي سنڌ جي تاريخ ۽ ايندڙ نسل سان اهو وچن ڪريون ٿا ته سنڌ جي درسگاهن ۽ سرزمين تان دهشت جو هر قسم ۽ ٻج ختم ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي سانوري، سونهاري ۽ ٻاجهاري سرزمين تي علم لاءِ احترام ۽ امن هر صورت ۾ بحال ڪرايو ويندو. چاهي ان ڪوشش لاءِ اسان کي پروفيسر بشير احمد چنڙ جهڙيون قربانيون ڇو نه ڏيڻيون پون.
(4 جنوري 2010ع تي نشر ٿيل)