مهاٻوڏ جي مک جوابدارن کي سزا ڏيو
ٻوڏ ڪميشن طرفان نشانبر ڪيل حقيقتن کي معلوم ڪرڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته اسان جي آبپاشي کاتي جي ڪارڪردگي ڪهڙي آهي ۽ آبپاشي کاتي جي نگهباني لاءِ مقرر ڪيل اسان جي ڪامورن جا ڪلور ڪٿي پهتل آهن؟ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان گذريل سال واري مهاٻوڏ دوران جيڪي به بند ٽٽا انهن جي سببن معلوم ڪرڻ لاءِ 15 ڊسمبر 2010 تي هڪ انڪوائري ڪميشن مقرر ڪري ان کي بندن ٽٽڻ جون حقيقتون معلوم ڪرڻ ۽ آئندي لاءِ تجويزون ڏيڻ جو اختيار ڏنو هو.ڪميشن ۾ چئن ئي صوبن سان لاڳاپيل ڪامورن کي کنيو ويو جنهن ۾ بلوچستان جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري فتح خان خجڪ، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري اي ڊبليو قاضي، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري ظهير احمد ۽ خيرپختونخواهه جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري محمد اعظم خان شامل هو. محمد اعظم خان کي ان چار رڪني ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو، جنهن چئن ئي صوبن جو دورو ڪري 172 عوامي شاهدن ۽ 64 عوامي نمائندن ۽ سرڪاري نمائندن جون شاهديون رڪارڊ ڪيون، جنهن کانپوءِ ڪميشن 200 صفحن تي ٻڌل پنهنجي هڪ تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي آهي. ٻوڏ ڪميشن کي جاچ لاءِ 13 نقطا ڏنا ويا هئا جنهن ۾ ٻوڏ جي خطرناڪ صورتحال ۾ بند ڪٿان ۽ ڪيئن ٽوڙجي؟ ۽ ان جو اختيار ڪنهن وٽ آهي؟ ٽوڙي بند ڪيئن ٽٽو؟ ٽوڙي بند جي ڀڄڻ يا ڀڃائڻ ۾ ڪنهن جو ۽ ڪيترو ڪردار هو؟ بند ٽوڙڻ کان اڳ ۾ بندن مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا هئا يا نه؟ جيڪڏهن نه ته ان نقصان جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا بند ٽٽڻ جي صورت ۾ جن کي به فائدو ٿيو، انهن مٿان متاثرن جي مدد جو ڏنڊ ۽ بار وجهي سگهجي ٿو يا نه؟ بند ٽٽڻ کان پوءِ ماڻهن کي امداد ۽ سامان مهيا ڪيو ويو يا نه؟ سنڌوءَ جي بندن جي سالياني مرمت ٿئي ٿي يا نه؟ ۽ جيڪڏهن نه ٿي ٿئي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ وغيرهه
فلڊ ڪميشن پنهنجي تفصيلي جاچ ڪرڻ کان پوءِ ۽ لڳ ڀڳ اڍائي سو سياسي نمائندن، اڳواڻن، ڪامورن، صحافين ۽ شهرين جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ جن نتيجن تي پهتي آهي انهن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي:
ٻوڏ ڪميشن پنهنجي نتيجن عرف فائينڊنگس ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ بندن ٽٽڻ جون ذميوار اهي غيرقانوني ڪم ۽ حرڪتون آهن جيڪي گذريل ڪيتري عرصي کان پاڻيءَ جي درياهي، بئراجي ۽ ڪئنالي نظام سان ٿينديون رهيون آهن.
ڪميشن پنهنجي نتيجن ۾ ڄاڻايو آهي ته ٽوڙي توڙي ٺٽي جي 145 ۽ PB بند ٽٽڻ جا ذميوار گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج جا چيف انجنيئر آهن جن عوام کي وقت سر آگاهه نه ڪيو هو. جنهن ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي نقصان پهتو آهي. ڪميشن پنهنجي نتيجن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته سالن کان ٽوڙي بند جي مرمت نه ٿي هئي ۽ ان کي سالن جا سال نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي، جنهن ڪري هي بند ڪمزور ٿي ويو هو. پر ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ بند کي لڳل کڏا کٻا ڀرڻ لاءِ بند جي مٿان مٽي کنئي وئي، نتيجي طور بند ويتر ڪمزور ٿي ويو.
ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان جي موسميات کاتي جي ٻوڏ بابت ڪيل اڳڪٿي، جيتوڻيڪ دير سان جاري ڪئي وئي هئي پر پوءِ به پنجاب جي سرائڪي علائقي ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ جي پاڻي کي پهچڻ ۾ ڪافي ڏينهن لڳا تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ پنجاب سرڪار وٽ تياري ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت هو ۽ جيڪڏهن هو ڪوششون ڪن ها ته صورتحال کي خراب ٿيڻ کان بچايو وڃي ها، پر سنڌ ۽ پنجاب جي سرڪار موسيمات کاتي جي اڳڪٿي کان پوءِ به قدم نه کنيا.
ٻوڏ ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته بندن جي ٽٽڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪميشن جڏهن تفصيل گڏ پئي ڪيا تڏهن انوقت جي سيڪريٽري آبپاشي، گڊو بئراج جي چيف انجنيئر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر ڪميشن کان حقيقتون لڪايون هيون. ٻوڏ ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته مهاٻوڏ دوران 1855 - ارب رپين جو نقصان ٿيو جنهن مان 65 سيڪڙو نقصان ماڻهن جو ذاتي نقصان آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي نقصان ملڪ جي مجموعي گهرو پيداوار ”جي ڊي پي“ جو 5.8 سيڪڙو آهي، سرڪاري دفاعي ادارن جو نقصان ان کان سواءِ آهي. نقصانن جا تفصيل ڏيندي ٻوڏ ڪميشن ڄاڻايو آهي ته ٻوڏ دوران 1600 ماڻهو مري ويا جن کي 5 لک رپيا في ماڻهو جي حساب سان معاوضو ڏيڻ گهرجي، ٻوڏ دوران 70 لک ٻارڙن جو اڌ تعليمي سال وڃائجي ويو ۽ 45 لک ماڻهن کي روزگار کان محروم ٿيڻو پيو. جنهن ۾ خاص ڪري پوکي راهيءَ سان لاڳاپيل هاري طبقو شامل آهي ۽ ٻوڏ دوران ٻن ڪروڙ ماڻهن کي بکن ۽ بيمارين کي منهن ڏيڻو پيو.
ٻوڏ ڪميشن پنهنجي رپورٽ جي آخر ۾ ڪجهه سفارشون به پيش ڪيون آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته درياهه جي ڪچي واري علائقي ۾ قبضا ڪيا ويا آهن ۽ اتي خانگي بند ۽ پڪيون اڏاوتون ڪيون ويون آهن تنهن ڪري ٻوڏ جي پاڻيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون آهن. ٻوڏ ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سرڪار کي ڪچي يا ٻيلي واريون زمينون خانگي ماڻهن کي نه ڏيڻ گهرجن ۽ گذريل مهاٻوڏ دوران ٻوڏ جي پاڻيءَ جيڪي بند ٽوڙيا يا اڏاوتون ڊاٿيون انهن کي ٻيهر اڏڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.
ٻوڏ ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ اهو به ڄاڻايو آهي ته آبپاشي کاتي گذريل ڏهن سالن دوران جيڪي به ڪم ڪرايا آهن، انهن جي آڊٽ ڪرائي وڃي.
سنڌ ٽي ويءَ گذريل سال مهاٻوڏ دوران جن جن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي هئي بلڪل اهي ڳالهيون سپريم ڪورٽ طرفان قائم ڪيل ٻوڏ ڪميشن جي رپورٽ ۾ سفارشن ۾ شامل ڪيون ويون آهن. ٻيو ته ٺهيو پر ٽوڙي بند جي ٽٽڻ جي باري ۾ سنڌ ٽي وي جي رپورٽر راهب ٻپڙ ۽ بقا محمد بنگوار تي ٻڌل خصوصي ٽيم، جڏهن 7 آگسٽ کان اڳ ٽوڙي بند جو معائنو ڪيو هو تڏهن ڄاڻايو هو ته ٽوڙي بند کي لاوارث ڇڏيو ويو آهي، تنهن ڪري هن بند جي ٽٽڻ جا امڪان آهن. سنڌ ٽي وي نيوز جي رپورٽنگ ٽيم، پنهنجي ان جڳ مشهور رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو هو ته جيڪڏهن ٽوڙيءَ جو بند ٽٽو ته پوءِ غوثپور، ٺل، جيڪب آباد سميت سڄو علائقو ٻڏي ويندو.
7 آگسٽ 2010ع تي ٽوڙي بند ٽٽڻ کان پوءِ، جيڪا مهاٻوڏ سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي وارن علائقن ۾ ٿي ۽ ان ٻوڏ جيڪا تباهي آندي، ان وقت ماڻهن کي درست معلومات ڏيڻ ۽ سندن مدد ڪرڻ لاءِ سنڌ ٽي وي نيوز طرفان جيڪو فلڊ ايمرجنسي روم قائم ڪيو ويو هو، ان ۾ بار بار انهن ئي ڳالهين جو ذڪر ڪيو پئي ويو جن جو ذڪر سپريم ڪورٽ جي ٻوڏ ڪميشن جي سفارشن ۾ ڪيو ويو آهي. سنڌ ٽي ويءَ جي فلڊ ايمرجنسي روم ۾ ويٺل تجزئي نگار ٻوڏ جي وقت ان خيال جا هئا ته جيڪڏهن ڪچي مان خانگي بند ختم ڪيا وڃن ۽ درياهي ٻيلا بحال ڪيا وڃن ته سنڌو درياهه جي ٻوڏ جي نقصان کي گهٽائي سگهجي ها. سنڌ ٽي وي نيوز جي سٿ کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هن جون رپورٽون ۽ تجزيا عالمي معيار جي ڪميشن جي رپورٽن سان بَرُ ميچيندڙ آهن.
هاڻي جڏهن اها ڳالهه پڌري ٿي چڪي آهي ۽ ماهر به ان ڳالهه سان اتفاق ڪن ٿا ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهين جو رستو روڪڻ لاءِ ڪچي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ ضروري آهن. ڪچي جي ٻيلن جي ٻيهر پوکائي ۽ بحالي ضروري آهي، ڪچي ۾ ٺهيل خانگي بندن جو خاتمو ضروري آهي ۽ بندن، بئراجن، ڪئنالن، شاخن ۽ واهن جي مرمت ۽ سارسنڀال شفاف نموني ٿيڻ ضروري آهي تڏهن اها ڳالهه حڪومت لاءِ لازم آهي ته ٻوڏ ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪيو وڃي ۽ ڪچي جون سموريون ڪيٽيون ختم ڪري اتي ٻيلا پوکيا وڃن. ڪچي مان قبضا ۽ خانگي بند ختم ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي.
ٻوڏ ڪميشن جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ اها ڳالهه ضروري ٿي پئي آهي ته ٻوڏ ڪميشن طرفان گذريل سال واري مهاٻوڏ جي ذميوار آفيسرن، خاص ڪري اڳوڻي سيڪريٽري آبپاشي شجاع جوڻيجو، گڊو بئراج جي چيف انجنيئر ظفرالله مهر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر منظور شيخ خلاف قانوني ۽ محڪماتي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مٿن ڪرمنل ڪيس داخل ڪري هڪ ڪروڙ ماڻهن کي دربدر ڪرڻ ۽ اربين رپين جي نقصان جو فرياد داخل ڪيو وڃي. ٻوڏ ڪميشن طرفان ظاهر ڪيل ذميوارن خلاف جيڪڏهن هن ڀيري به ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ايندڙ وقت جي امڪاني نقصانن جو رستو روڪڻ لاءِ ڪوبه ڪامورو ڪوشش نه ڪندو.
( جون 2011ع ۾ نشر ٿيل )