18 آڪٽوبر- پاڪستان جو يوم جمهوريا
ڪارساز جي ناڪام حملي کان لياقت باغ جي ڪامياب سازش تائين، ستر ڏينهن واري سياسي سفر ۾ شهيد راڻي ڄڻ هن ملڪ جي سياست جا نوان بنياد رکيا. موتمار حملن جي باوجود هو زخمي ڪارڪنن وٽ وئي. قاتلاڻن خدشن باوجود شهيد ڪارڪنن جي فاتحا ڪئي. هن مرين ۽ مينگل جهڙن رٺل بلوچن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نواز شريف جهڙن سياسي مخالفن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن ملڪ جي لاءِ جمهوريت جي هڪ ميثاق تي صحيح ڪئي ۽ جمهوريت جو اهو وچن پاڙڻ لاءِ، پتوڙيندي پتوڙيندي مارجي وئي ۽ پوءِ پاڻ هڪ وچن بنجي وئي. اها جدوجهد جيڪا هن 18 آڪٽوبر جي واقعي کان پوءِ شروع ڪئي، اها نئين، نرالي، همه گير ۽ ناقابل تخسير جدوجهد هئي. تنهن ڪري ان جدوجهد جي شروعات واري ڏينهن کي جيڪڏهن جمهوريت جي ڏينهن عرف ”يوم جمهوريا“ طور ياد ڪجي ته به شايد غلط نه ٿيندو.
هونئن ته هن ملڪ جي کوٽي قسمت ۾ مارشل لا جا وٽ سدائين ڳورا رهيا آهن پر پرويز مشرف پاڪستان جي آمرن جي تاريخ جو هڪ عجيب غريب ۽ ڍيٽ قسم جو آمر هو، جنهن جهڙي اک ۽ نڪ جي پڪائي اڳ ۾ ڪنهن به آمر ۾ نه ڏٺي وئي آهي. سندس وصفن جي وضاحت ڪندي پير پاڳاري (شاهه مردان شاهه) هڪ ڀيري کيس ”دهليءَ جو ٺڳ“ قرار ڏنو هو. نواز شريف جي چونڊيل حڪومت ختم ڪرڻ ۽ اقتدار تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ جنرل پرويز مشرف هن ملڪ ۽ ان جي اقتدار کي مالِ غنيمت سمجهي لٽڻ ۽ ورهائڻ لڳو هو. ظفرالله جمالي، چوڌري شجاعت، شير افگن نيازي، علي محمد مهر ۽ ارباب غلام رحيم جهڙا سياستدان، جن مان اڪثريت ڳالهائڻ جي سياسي رنگ ڍنگ کان به واقف نه هئي، اهي ڪرسين تي رکيا ويا ۽ پوءِ انهن سياستدانن پتلين جي ٻولين وانگي اهو چوڻ شروع ڪيو ته هاڻي نواز شريف ۽ بينظير ڪڏهن به ملڪ واپس نه ايندا.
وفاقي ڪابينا ۾ نيب جي جوابدارن جي اڪثريت کي شامل ڪرڻ کان پوءِ پرويز مشرف نيب زدهه وزيرن کي وري مڪاني ادارن جو نئون نظام تحفي ۾ ڏنو ۽ انهن نون وزيرن کي ضلعي حڪومتون حوالي ڪيون ويون. نتيجو اهو نڪتو جو اهي ماڻهو جيڪي صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ به وڏي زور سان کٽندا هئا، اهي ضلعن جا مالڪ بنجي ويا ۽ اهي سياستدان جيڪي سڄي ملڪ ۾ چونڊون کٽندا هئا، انهن کي ملڪ کان ٻاهر رکيو ويو. آمر هن ملڪ ۾ ٻيا به هئا ۽ انهن به پنهنجي مخالفن کي چونڊن کان پري رکيو پر پرويزمشرف اهو واحد ڊڪٽيٽر هو جنهن پنهنجي ملڪ جي مقبول اڳواڻن کي سياست سان گڏوگڏ ملڪ کان به ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو هن ملڪ مان آمريت جون پاڙون سدائين پٽڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهي، ۽ ان جي پهرين ڪڙي طور ملڪ جي مکيه سياسي پارٽين کي گڏائي جمهوريت جي ميثاق يا ”چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ“ تي متفق ڪيو. ان کان پوءِ محترما بينظير ڀٽو پاڪستان اچڻ جي تياري ڪئي. محترما جي پاڪستان اچڻ مان پرويز مشرف ۽ ان جي رنگ به رنگي رفيقن مان ڪوبه خوش نه هو. دستارون مٿي تي رکندڙ مولوين کي پنهنجي اقتدار وڃڻ جو خدشو هو ۽ پاجامو پهريندڙ ڀائين کي پنهنجو حصو گهٽ ٿيڻ جو خطرو هو. پيپلزپارٽيءَ مان پيٽرياٽ ٺاهيندڙن کي پنهنجي شڪست جو اونو هو ۽ ارباب، مهر توڙي جماليءَ جهڙن کي وري پنهنجي ٻڏي وڃڻ جو انديشو هو. نتيجي طور سڀئي ڪورس جي انداز ۾ چوڻ لڳا ته ”محترما بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کي پاڪستان اچڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.“ پرويز مشرف قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ پنهنجي هٿ جي پاليلن کي ڀرتي ڪرايو ۽ پوءِ وري ضلعا به سندن خاندانن حوالي ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي هڪ سؤ ڏهن ضلعن ۾ نوان سياسي خاندان پيدا ڪيا ويا. ضلعي حڪومتن ذريعي نون خاندانن جي پولٽري فارمنگ ڪرڻ کان پوءِ پرويز مشرف ميڊيا ۽ عدالتن ۾ به هٿ وجهڻ شروع ڪيا. ملڪ، ميڊيا ۽ اعليٰ عدالتن جو اهڙو حشر ڏسڻ کان پوءِ محترما بينظير ڀٽو پاڪستان ورڻ جو اعلان ڪيو. پر سندن اعلان کان اڳ ۾ کيس اهڙا پيغام ۽ رپورٽون پهچايون ويون ته جيڪڏهن هوءَ هن ملڪ ۾ آئي ته پهرئين ڏينهن حملي جو شڪار ٿيندي.
جيتوڻيڪ محترما بينظير ڀٽو تي ڪنهن به مخالف کي مارائڻ جو الزام نه هو، نه وري مٿس ڪنهن مخالف جو ڪو مائٽ اغوا ڪرڻ جو ڪيس هو. هن جي قافلي مان ڪڏهن به غير قانوني هٿيار نه نڪتا هئا ۽ نه ئي وري هن جي باڊي گارڊن ۾ گنجا، شيرا، ڪاڻا ۽ لنگڙا شامل هئا. هن ڪڏهن به ڪنهن جي جلسي ۾ بم نه ڦاڙايو هو ۽ نه ڪنهن پارٽيءَ جي قائد تي ڪو قاتلاڻو حملو ڪرايو هو پر پوءِ به هن کي ملڪي سياست مان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي.
2002ع جي چونڊن کان پوءِ جڏهن سرحد صوبو عملي طرح طالبان جي حوالي ڪيو ويو ۽ بلوچستان ۾ جڏهن بلوچن کي ڇڙوڇڙ ۽ ويران ڪيو ويو. ڊي ايس پين کي نِوڙي هٿ ڏيڻ وارا چوڌري جڏهن پنجاب ۾ ڊئريڪٽ ڊي ايس پي ڀرتي ڪرڻ لڳا ۽ جڏهن ڏيپلي کان ٻاهر نه ڏسندڙ ارباب لٺ جي زور تي لاڙڪاڻي مان به پنهنجا ماڻهو چونڊرائڻ لڳو، تڏهن محترما بينظير ڀٽو “بس هاڻي گهڻو ٿي ويو. انف از انف ” چئي. سر جو سانگو لاهي، وطن اچڻ لاءِ تيار ٿي. پر پيپلزپارٽي محترما کي سلامتي جي خطري سبب ملڪ اچڻ کان روڪيندي رهي. 2005ع جي بلدياتي چونڊن کان اڳ جڏهن حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر جي ضلعن ۽ تعلقن کي ٽوڙي هڪ ڌر کي فائدو پهچايو ويو ۽ ٻئي پاسي وري ڪراچيءَ جا پنج ضلعا گڏائي ان ئي ڌر کي فائدو ڏنو ويو ته محترما جي صبر جو پيالو پُر ٿي ويو ۽ هوءَ سڀني خطرن باوجود ملڪ اچڻ لاءِ تيار ٿي وئي ۽ آخرڪار 18 آڪٽوبر 2007 جو ڏينهن هن جي آمد جي آجيان لاءِ مقرر ڪيو ويو.
وطن اچڻ کان اڳ هن کي زندگيءَ جي کسجڻ جا ايترا ته خطرا ٻڌايا ويا جو هوءَ فيصلي جي ٻه واٽي تي اچي بيٺي. هن سوچيو پئي ته جيڪڏهن وطن نه ويندي ته هوءَ عوام کان وڇڙي ويندي ۽ جيڪڏهن عوام ڏانهن ويندي ته کانئس زندگي وڇڙي ويندي. آخرڪار شهيد راڻي پنهنجي حياتي مٿان عوام کي ترجيح ڏني ۽ ساهه جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ساڻيهه ڏانهن نڪري پئي. پنهنجي وطن جي سرزمين تي پير رکڻ کان اڳ جهاز جي سيڙهيءَتي هن ڪارساز وٽ منتظر موت جو منظر ڏسي ورتو هو. جنهن هن جي اکين ۾ ڏک جي اوت به آندي هئي. پر پوءِ پنهنجي مارن جون مرڪون ڏسي، هوءَ روئندي به مرڪي پئي ۽ اهڙيءَ طرح هن جي ارڙهين آڪٽوبر جو سفر شروع ٿيو.
18 آڪٽوبر جو ڏينهن پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ نئين سفر جو ڏينهن يا يوم جمهوريا آهي. هن سفر جي شروع ٿيڻ کان اڳ ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير (ارباب غلام رحيم) اهو بيان ڏنو هو ته محترما جي استقبال جو کيل رات جو ٻارهين وڳي کان اڳ ختم ٿي ويندو. رات جو ٻارهين کان اڳ شاهراهه فيصل جون بتيون بند ڪيون ويون. ان کان پوءِ پهريون ڌماڪو، جنهن بعد ٻيو وڏو ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ شهيد راڻيءَ جي آجيان ۾ هلندڙ 175 پروانا مارجي ويا ۽ محترما ٿوري فرق سان بچي ويئي. ان وقت جي وڏي وزير کي اهو پتو ڪيئن پيو ته شهيد راڻيءَ جو استقبالي جلوس رات جو 12 وڳي کان اڳ ختم ٿيندو؟ پنهنجي عظيم قائد جي استقبال ۾ جڏهن لکين ٻهڪندڙ چهرا چمڪي رهيا هئا تڏهن شاهراهه فيصل جي بتين کي ڪنهن وسايو؟ اتي موجود ڪجهه اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته آخري وڏو ڌماڪو پوليس جي گاڏي ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ محترما جي گاڏيءَ سان گڏ هلندڙ پوليس جي گاڏيءَ ۾ سوار سڀ پوليس وارا سڙي ڪوئلو ٿي ويا. محترما کي مارڻ واري ان پلان جو ڪراچيءَ ۾ ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟ سيڪورٽي پلان ڇا هو؟ انهن سمورن واقعن جي جاچ ٿيڻي آهي. جيڪڏهن شهيد راڻي زندهه هجي ها ۽ اقتدار ۾ هجي ها ته ڪارساز سازش جا اڇا ڪارا پڌرا ٿي وڃن ٿا، پر جمهوريت جي مڪمل بحاليءَ جو اڃا به انتظار آهي.
(18 آڪٽوبر 2008 تي نشر ٿيل)