اداري پاران
برگِ سبز يا تحفهءِ درويش
اسان جي محبوب شاعر سائين سوز هالائيءَ ۽ سندس ئي ڳوٺائي نامياري شاعر سائين حميد شهيد هالائيءَ جو هيءُ ڳوٺائي شاعر ۽ نثرنگار آهي پنهنجو ’سائين عبدالقيوم روح رمزي عرف زخمي هالائي‘... جنهن قسم موليٰ جو ته مون کي پنهنجي لکڻيءَ جي سدارنگي رنگ ڍنگ ۽ اعليٰ اسلوب سان ڄڻ ته موهي کڻي پنهنجو معتقد بڻائي ورتو آهي. جَي آءٌ في سبيل الله سچ ڳالهايان ته هن قسم جو نثر توڙي نظم هاڻ سنڌي ادب ۾ ته خيرڪو آهي... هن ريت وارو وڄائڻ وارا پنهنجو وارو وڄائي ويا ۽ ڀري وڄائي ويا. جيئن نه ڪو فنڪار پنهنجي پرفارمنس سان ماڻهن کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏي يا وري ماٺ ڪرائي ڇڏي، هن ڪتاب کي پڙهندي ڪيفيت مون مٿان بس اهڙي ئي قائم رهي آهي.
هڪ درويش، مست الست فقير ۽ يگاني لِکاريءَ جو هيءُ يگانو نثر ۽ نظم آهي، جنهن جو لفظ لفظ ڌيان طلب آهي، الاءِ ڪيتريون شيون ته طنز و مزاح جي اهڙي زمري ۾ ٿي آيون، جو اُهي اسان جو سماج هضم ئي نه ڪري سگهي ها، ان ڪري انهن کي هن مجموعي ۾ شامل نه ڪري سگهياسين، جنهن جو ڏک بي پناهه آهي ۽ ان ڏک کي بيان ڪرڻ کان قاصر آهيان يا لفظن جي اهڙي چونڊ نٿو ڪري سگهان، جيڪا ان درد و الم کي هتي اوتي اوهان تي اُنَ پَر عيان ڪري سگهي، جيڪا منهنجي اندر جي ڀوڳنا آهي. ڇا ڪجي خواتين و حضرات! هتي هن سماج، هن دؤر ۽ هنن حالتن ۾ ائين ڪرڻو ئي پئي ٿو. مان نٿو ڄاڻان ته جيڪڏهن سائين ’زخمي‘ هالائي صاحب حال حيات هجن ها ته انهن جي اهڙي درد جو درمان ڪيئن ڪجي ها!
مالڪ سائين مٿن هميشه پنهنجو ڪرم قائم رکندو ۽ هُو پنهنجي مرقد ۾ آسوده هوندا، باغ بهار هوندا - آمين.
هي ڪتاب جنهن جو نالو سائينءَ پاڻ ’واڌُو ادب عرف حدِ ادب‘ يا ’برگِ سبز يا تحفهءِ درويش‘ رکيائون... نالو رکڻ ۾ ڪمال ڪيائون بلڪل ائين ئي جيئن سندن تحرير جو سواد چسڪيدار آهي، ائين ئي هي نالو به ڪمال هُنر جو اعتراف آهي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته سائين زخميءَ جي قلم مان نڪتل اکرن جڏهن لفظن جي صورت جوڙي هوندي ته انهن منجهه اعزاز جو فخر نمايان ٿيو هوندو. هنن ڄاتو هوندو ته هن قلم منجهان جيڪو سندن قد ڪاٺ عالمن ۽ اڪابرن جي نظر ۾ وڃي بيهندو، سو ڪنهن به طرح گهٽ قطعي ڪونه هوندو.
سائين زخمي هالائيءَ جي تحرير ۾ لفظن جي جادوگري ۽ سحرانگيزي جداگانه آهي، جيڪا هر ڪنهن تخيلق نگار جو نصيب ڪونهي. ان سموري عمل ۾ جتي قدرت پاران ڏات جو عمل دخل آهي، اتي ڪُهنه مشقيءَ سان گڏ رفاقتن جو به وڏو هٿ آهي، اهو ئي سڀ سائين زخمي هالائيءَ کي به ميسر هيو. هالا جهڙو علمي شهر ۽ اتي جا عالم، اڪابر، شاعر، نثر نگار ۽ مخدومانِ هالا ۽ پوءِ مخدوم نُوح رح جي مُرشديءَ واري نسبت ڄڻ ته سندن مٿان ڪيئي نسبتون نڇاور ڪري ڇڏيون ۽ پاڻ ويا اڳتي ڏاڪا به ڏاڪا چاڙهيون چڙهندا... نثر هجي، نثر ۾ طنز هجي يا مزاح، شعر هجي ان ۾ طنز هجي يا مزاح، طرح هجي يا وري في البديهه شعر چوڻو هجي... سڀني تي سندن دسترس جو حاڪمُ، حُڪم ڪندو رهيو ٿي. اچو ته هن مجموعي جي نثر توڙي نظم ۾ هڪ بادشاهه جي بادشاهيءَ جو سئروسفر ڪريون ۽ بعد سئروسفر جي سندن بقا واري حياتيءَ لاءِ دعا گهرون ته مُهابي سرور نُوح رح جي سندن مغفرت ٿئي ۽ درجات بُلند ٿين - آمين.
نيازمند:
فقير محمد ڍول