پُنهونءَ هنيو ڇڪو
پاڻ پنهون آئون آهيان ڙي ڀينر ڀلي ناهيان...
جيڪڏهن پاڻ پنهون نه هجان ۽ ڀينر ڀلي به نه هجان ته پرواهه ناهي... هُو بيشڪ پاڻ پنهون هئا... دريءَ مان دوست به ڏٺو هئاسون... مَڌُ پيئندي ساجن به صحيح سڃاتو هيائون... باقي هن وقت جيڪي همراهه پاڻ کي بزعم خود وڏي پنهونءَ جو نائب نڙو، خيلفو خڙو يا ڪمدار ڪڙو سمجهندا ۽ سڏائيندا وتن، انهن جي چاندي آهي...
هتي پاڻ وٽ قلم 144 لڳل ڪونهي تنهن ڪري هر ڪو چار ڪتاب پڙهيو، پاڻ کي اجتهادالبحر سڏايو... قديم بادشاهي ڊڪٽيشن تي لکيل جعلي ڪتابن مان حسبِ ضرورت حوالا ۽ ڪهاڻيون ڪڍيو... گڙيب عوام کي برين واش ۽ پاڻ کي ٺاش باش ڪندو وتي...
ماما سام وارن کي لُڙ ۾ مزو... تازو سلمان رشدي ۽ تسليم ڦشدي کان وٺي گوهر شاهي تائين جنهن ۾ به داڻا ڪڻا ڏسن ٿا، انهن جي وڏي پيماني تي پبلسٽي ۽ چاڪنگ ڪرائي، مريدن کي ڏاڍا گاهه پائي چاريندا آهن... اڳ به راولپنڊي لاهور ۽ ڪوٽڙيءَ تائين سڀني ’خدا جي بستين‘ جون چارجون وٽن هيون... سڀني ملڪي غير ملڪي بحري ۽ هوائي اڏن جون پورايون سندن حوالي هيون... اسين سنڌي محبتي ماڻهو اڳ ۾ ئي پنهنجن پراين جا ستايل بک ۽ بيروزگاري جا ماريل آهيون... سو اها ڳالهه سهي ڪانه سگهياسون... تنهن ڪري ڪالهه خميس ڏينهن، سليماني چانهه ۾ سُڪل پاپو ٻوڙي، زهر مار ڪرڻ بعد ٻئي هٿ ۾ پيٽ ۾ وجهي، حسبِ روايت بنا ٽڪيٽ لاريءَ ۾ سوار ٿي هلياسون سنڌ جي سائين شاهه لطيف کي دانهن ڏيڻ ته اسان ۾ حال ڪونهي، باقي غيب مان ڪا واهر ٿئي ۽ ڪو ابابيلن جو لشڪر گهرائجي، ورنه تنهنجي سنڌ گدڙ کائي ويندا...
سو زيارت ڪري، سبيل ڍُڪ پيئڻ لاءِ ناديءَ وٽ پهتاسون ته اتي ڦاڙهو فقير، اڳئي ڇتا ڇوڙيو، ڌمال جي سَٽ سَٽان لايو ويٺو هو... اسان کي ڏسڻ شرط سمجهي ويو ته هي همراهه ’وَٽِ‘ وٺڻ آيا آهن... سو نذرانو وٺي، جمني ڀري اهڙي مغز ۾ ٺوڪيائين، جو ست ئي طبق روشن ٿي ويا... هڪڙي ’چيز‘ اسان جي تريءَ تي رکي، پاڻ الوپ ٿي ويو، غور سان ڏٺوسون ته هڪ ست رنگو ڍر ڍارو پئون ٻارهو، پرزم وانگر چمڪي رهيو هو، اوهين به ديدار ڪريو:
1. پهرين ٽِڪِي کير ڀري، ٻِي به ڏيندو الله
هڪ وڏي مناري واري جديد مسجد وانگر ڪا تصوير هئي، جتي VVIP جنٽري عبادت بهاني برگر ۽ پزا هضم ڪري رهي هئي. پڇاڙي دعائن ۾ اوورهيڊ برجن ۽ ٻين سڻڀن ٺيڪن جون تمنائون به هيون، جيڪي اڃا ٺهي بس ٿين ته ٻئي ڏينهن ڌُو پَٽَ تي... پڇاڙي لنڊن واري يار معرفت ’حسنِ ڪارڪردگي‘ جا تمغا ڊوڙندا اچن...
من ترا حاجي بگويم تو مرا حاجي بگو... مين انڌا ته ميڏا يار به انڌا
2. آجوڙو سجوڙو مولا ڪندو ميڙو
هن تصوير ۾ شايد سنڌ سڳوريءَ جو ڪو گهر هئو، جتي معصوم نينگر کير بدرانORS پِي رهيو هو... ٻيا گهر ڀاتي مليريا، ڪانگو وائرس، گردن توڙ بخار، سوائين فلو ۽A کانZ تائين هيپاٽائيٽس جو بيچينيءَ سان انتظار فرمائي رهيا هئا. اڪلوتي مينهن ۽ ٽي ٻڪريون گل گهوٽي ۽ سمهاڙيءَ ۾ سٽيون رکيون هيون... ڪڪڙيون بيضن بدران راڻي کيت لاهي رهيون هيون... دروازي تي گهر ڌڻيءَ جو لاش سڃاڻپ لاءِ کڄي آيو هو، جيڪو ڪمدار جي قرب سبب ڌاڙيلن ڌوڙ ڪري رکيو هو... ٻُڌڻ ۾ پئي آيو ته ان جو سبب سندس تازي سامايل خوبصورت ڌيءَ هئي، جنهن لاءِ ننڍي ڀوتار ’ٿانءَ ٻهاري‘ لاءِ زور پئي ڀريو، ليڪن چريو پڻس تڪڙ ۾ سؤٽ سان شاديءَ جا ڏينهن ٻڌي آيو هو.
3. آ... ٽي داڻا شرع جا
هن ٽڪنڊي ۾ شايد سنڌ سڳوريءَ جون ڪجهه بند پيل يونيورسٽيون ۽ ڪاليج هئا... شاگردن جا جلوس ۽ رينجرس جي لوهي دستن وارين لٺين جا ڌڪيل، رت ٻُڏل لاشا هئا... امتحان ملتوي رزلٽون 6 مهينا ليٽ... فارين اسڪالرشپون ۽ نوڪريون انهن خوشنصيبن لاءِ، جن جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون سڄو سال کليل رهنديون آهن.
4. آ... چؤنڪو چار سڀ چؤنڪ پورا
هي چؤنڪو عجيب ڏٺوسين هڪڙي ڪنڊ ۾ چار ونيون عروسي لباس ۾ گلن جا هار کڻي انتظار ۾ بيٺيون آهن، ٻيءَ ڪنڊ ۾ چار ڳڀرو نوجوان گهوٽ بنجڻ لاءِ هارن بدران پلي ڪارڊ جهليو بيٺا آهن، جن تي جهيز متعلق مزيد مطالبات ۽ طلاق وغيره بابت اڳواٽ شرط لکيل آهن (شايد سڄي زندگي ساٿ نباهڻ جو ڪو ارادو ڪونه اٿن) ٽينءَ ڪنڊ ۾ پوڙهي پيءُ چار کڏون/قبرون کوٽي تيار ڪيون آهن ۽ ڪوڏر ڪلهي تي رکي ڪجهه سوچي رهيو آهي.
چون ٿا ته بعثت نبويءَ صلعم کان اڳ نياڻين کي زنده دفن ڪرڻ جو ڪو ٻيو سبب هو ۽ هن وقت الاجي ڪهڙو آهي! انڊيا ۾ ته اڳواٽ ليبارٽري ٽيسٽ بعد ايبارشن ڪرايو ڇڏين... چوٿين ڪنڊ ۾ ڪو مؤرخ... مصنف بنا پگهار... بنا ڊڪٽيشن ڪجهه لکي رهيو آهي، جيڪو شايد ايندڙ نسلن جي ڪم اچي... باقي هن وقت اسان واري برگر ڪَٽَ، ڇليل جهينگي ڇاپ نئين نسل کي نڪو مطالعي جو وقت آهي، نڪا ان جي ضرورت..!
5. آ پنج گنج پنجتني: سڀ سڻايون
هي پاسو عامل ڪامل جوڳي ڦوڳي... رملي سملي، جنن ڀوتن، ستارن ابجدن، ڌاڳن ڦيڻن، تعويذن ۽ اڇن ڪارن علمن ڪرڻ وارن... ٺهيل ٺُڪيل ۽ بنيل بنايل ڀوپن ۽ پاڙُهن جو ڏٺوسين.
سڀئي عاليشان اڪيڊميءَ جا ايوارڊ يافته اداڪار، ايڪٽر... جيڪو به اڙيات اڻ گهڙيو ڪاٺ ڳنڍ جو ڳوڙهو، مَتِ جو موڙهو، ڪارو ڪڪڙ، ڳاڙهو ٻڪر ۽ سائو نوٽ نذر نِياز ۾ گهوريندو... ان جون جائز/ناجائز دل گهريون مرادون اوش پوريون ٿينديون...
هن وقت ٻيلا وڍجي چڪا آهن... سڀئي جن ڀوت ۽ مؤڪل پرائي ميڪ اپ لاهيو، ڪلين شيو بنجيو، پينٽ ڪوٽ ۽ ٽاءِ لڳايو، اسان جي اوسي پاسي گهمي ڦري رهيا آهن... موبائيل جي گهنٽي وڳي ناهي ته همران ڊيوٽين تي... قبضن اغوائن ڀنگن ۽ ڀتن کان وٺي، ارينجنڊ ايڪسيڊنٽس تائين سڀ دلي مرادون پوريون (هڪ گاڏي/ٽرڪ اڳيان ٻي پويان... وچ ۾ همراهه جي ڪار... روڊ تان هيٺ نه لٿو ته قيمون... هيٺ لٿو ته ڪلٽي)
ڪي فنڪار وري تقريربازيءَ جي فن ۾ تاڪ/طاق... مختلف رفرنس وارين دو نمبر ملفوظات ۽ مقولات جا صحفا نمبر ياد ڪريو، پنهنجو پاڻ کي علامت الدهر ۽ اجتهادالبحر جي جديد لقبن سان نوازيو، محبتي عوام کي گشا پتا ٺوڪيو، جان بنائيندا وتن.
گذريل صديءَ جي سيٺ شاهوڪارن جو به شايد اڄ وارو حال هو، جو اهلِ نگاهه اوليائن گڏجي درگاهن خانقاهن ۽ بارگاهن تي لنگر جو انتظام شروع ڪرايو... اجمير شريف ۾ ته 100 مڻن جي هڪ ئي وڏي ديڳ چڙهندي آهي، جتي ڏاڪڻين تي چڙهي بالٽين سان لنگر ڪڍي تقسيم ڪيو ويندو آهي. سنڌ هند ۾ اڄ تائين درگاهن ۽ بزرگن جي آستانن تي جانور ذبح ڪري خيرات ڪرڻ جو رواج موجود آهي.
6. آ... ڍر ڍارا پئون ٻارها ٺڪ ٺون ٺڙاڪ
هر پاسو جيئن ته تام اثرات جو حامل آهي، تنهن ڪري هن جون صورتون رنگ بدلائي رهيون آهن. ڪڏهن ڪي نيوٽران پروٽان جي جاءِ تي هليا وڃن، ته ڪڏهن وائيس ورسا... ڪڏهن ابتا پيا ڦرن، ڪڏهن سبتا... ساڳيو حال اليڪٽران جو آهي... ڪي گردش مان نڪريو فري پيا گهمن... جنهن ۾ مغز ۾ لڳن، انهن جي مرضي...
اسان کي به جديد علوم جي پياس، اصلي تي وڏي ۽ باتصوير پنهونءَ تائين پهچڻ جو اتساهه ڏياريو... ان کان اڳ استاد به اسان جي ڪَنَ ۾ ڦُوڪ ڏني هئي ته متان انهن ماليڪيولن ۽ ايٽمي ذرڙن کي ’ملائڪ‘ نه چوندا هجن... بهرحال وڏي ڳولا بعد مس مس وڃي، ’نيوڪلئيس‘ واري جاءِ لڌيسون... ست ڦيرا پورا ڪري جو سلام ورايوسون، ته سائي پاسي سائين امر جليل جهڙي صورت نظر آئي ۽ ڏائي پاسي سائين حليم بروهي ڪرسيءَ تي بالم ٿيو ويٺو هو... اسان کي پريشانيءَ ۾ ڦاٿل ڏسي اشارو ڪيائون ته، ”ٻچا اسان وارن تعويزي ڪتابن سان رابطو ڪريو ته مشڪل آسان ٿيندوَ...“
سو پڙهندي پڙهندي پنڪي اچي وئي، ڇا ڏسون ته هر طرف جناتي مؤڪل محوِ رقص هئا، اسان کي سڃاڻي حڪم ڪيائون ته ٻالڪا! پنهنجي سدا سريلي آواز ۾ ’پاڻ پنهون آئون آهيان‘ واري ڪافي ڳائي... آرسيءَ ۾ پنهنجو سداملوڪ ٻُوٿ ملاحظٰه فرمايو ته ڪا ڪَسَرَ ته ڪانه رهجي وئي آهي... پوءِ نَڪَ جي سِڌائيءَ ۾ هلڻ شروع ڪريو... ڪٿي نه ڪٿي ته ضرور پهچي ويندائو... تڪڙ ۾ حسين آباد هليا ويائو ته پاڻ ٻَڌل ناهيون...
اسين جئين ته سندن چڳ وڍيا مريد آهيون، تنهن ڪري حڪم موجب نه ڪا ڪئيسون هَمَ نڪا تَمَ... سڌو ورتوسون ڪيچ مڪران جو گَسُ... پوءِ واءَ وڃايس ڪپڙا، اجرڪ ٿي اڳڙيون ۽ لوئي ٿي ليڙون... رستي تي ڇورن کي الاجي ڪهڙو پُورَ پيو، جو ٺڪر ڀتر چونڊي وسڪارو لائي ڏنائون... جهٽ ۾ وڏو ڍڳ ٺهي ويو، اسين ان کي ئي سسئيءَ جو مزار سمجهي پهرين ويهي رهياسون، پوءِ وري ليٽي پياسون... ايل پنوهار ۽ ٻڪرين جو ڌڻ به اوسي پاسي ضرور هوندو... زمين ڦاٽِي الاجي نه، باقي پنهونءَ جو مٿو ضرور ڦاٽو پيو هو ۽ ايڌي ايمبولينس وارا اڃان پنڌ ۾ هئا.
هاڻي اميد ته پنهونءَ وارا منهن مونن ۾، ٽنگون سسيءَ ۾ وجهي سَٽَي وارن بانڊن جا نمبر به ٻُڌائيندا ۽ بي اولادن کي پُٽ ڏيڻ يا ڏيارڻ جو ترت بندوبست ڪندا رهندا.
آخر ۾ عرض ڪريو ٿا وڃون، ته اسان کان سواءِ ٻيو ڪوبه مٿي ڦريل ليکڪ، بنا اجازت ڇڪي هڻڻ جي ڪوشش نه ڪري، ورنه ان کي پهرين ايٽي وان ۽ ويليم تي گذارو ڪرڻو پوندو، پڇاڙيءَ خميره گاؤزبان عنبري جواهر والا تي....
تنهن ڪري اسين في الحال سائين طوطل شاهه بادشاهه جي مزارِ مقدس تي دعا گهري، سبيل جي جمني نوشِ جان ڪري، وڏي پنهونءَ لاءِ دعا گهرنداسين، ته دنيا دم گذر آهي، گهڻئي مال پاڻي عالمي بئڪن ۾ جمع ٿي چڪو... هاڻي گڙيب عوام کي نڪو رات جو تارا ٿا نظر اچن، نڪو ڏينهن جو... تيل ته هاڻي ترن ۾ به ڪونه بچيو آهي، جو مزيد پيڙجي سگهندا...
اڄڪلهه انبن جي کوکن جو به رواج ڪونهي هاڻي ته روزانو رموٽ ڪنٽرول جي ٽُنگ ۾، ستارن ڀرئي ڊراڪولا جي وچين آڱر پئي، اچي ۽ وڃي... پوءِ متان اوچتو ڌڙ ڳوليان ته سسِي نه لهان واري ڪار ٿئي... باقي کنڊ جي ڪارخانن، پيٽرول پمپن ۽ هزارين ايڪڙ مقبوضه زمين مان به ويلي تي فقط ٻه مانيون ئي نصيب ٿينديون، زور ڪري ٽِي کائبي ته دست ٿي پوندا... تنهن ڪري نعرو ماريو ڇڪو زنده باد پنهون پائنده باد