قطعه
فرد:
آئينو آڏو رکي پوءِ خوب جوڙيائين جهان
ساري عالم ۾ فقط هڪ يار جي تصوير آ
فرد:
ڀل رقيبِ روسيه ڪيڏي به غيبت پيو ڪري
اڳ به تنهنجو اڄ به تنهنجو ’زخميءِ‘ دلگير آ
سائين زخمي هالائيءَ جي تحرير ۾ لفظن جي جادوگري ۽ سحرانگيزي جداگانہ آهي، جيڪا هر ڪنھن تخيلق نگار جو نصيب ڪونھي. ان سموري عمل ۾ جتي قدرت پاران ڏات جو عمل دخل آهي، اتي ڪُھنہ مشقيءَ سان گڏ رفاقتن جو بہ وڏو هٿ آهي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ ۾ زخمي ھالائيءَ جو نثر جڏھن تہ ٻئي حصي ۾ سندس شاعري شامل آھي.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو