بنا سڱن
سنڌي محاورو آهي ته، ’گنجي کي ننهن ۽ گڏهه کي سڱ الله نه ڏي‘ هتي هڪڙو ٻيو ڪڙم جو ويري به آهي جنهن کي سڱ اصل ڪونه ٿين... ان ۾ موليٰ جي ڪانه ڪا حڪمت ضرور هوندي.... ورنه انهن ڀٽارن کي جيڪڏهن ڪي کُتيون به نڪتل هجن ها ته پاڻ وارا سڀاڳا ڪاسائي هڪڙن کي وهڙا ۽ پاڏا... ٻين کي ٻڪر ۽ ڇيلا سمجهي... بنا تڪبير حلال ڪري رکن ها... رڳو رکن ها نه... پر واقعي ڪجهه سال اڳي باقاعده حلال ڪري رکيو هئائون (هن وقت خبر ڪانهي) اخبار بينن کي ياد هوندو ته ويهارو سال اڳ نوابشاهه – ميرپورخاص - حيدرآباد ۽ ڪراچي جي درآمدي ڪاساين گوشت جي مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ، ڪڙهائيءَ جي شوقين همراهن جو وات گلاب ۽ پڇ تيلي ڪري رکيو هو.... ڪوڙين ڪَنَين ٻڌون پيا ته هن وقت اها ڊيوٽي، ٻن چهنبن وارين مرغين جي درآمدي قيمي مان بنايل برگر ۽ پيزا واريون جديد HUTS نهايت خيرخوبيءَ سان سر انجام ڏئي رهيون آهن... کائڻ وارن کي گهرجي ته خود تصديق ڪن...
ان سانحي کان اڳ، اسين راتين جا رول، ادبي ۽ اخباري ٺڪائن تي تبصرن لاءِ اڪثر انهن ئي هوٽلن تي چئنڪ چانهه جي چشڪي تي ويهندا هئاسون، اسان جو مشاهدو هو ته جيئن ئي همراهه جيپن ۽ بائيڪن تان لهي... پانچا ڇنڊي... ڪلف لڳل ڦوڪيل ڪاٽن جا گهنج وڏي احتياط سان سڌا ڪري... اڃا ڪرسين يا کٽن تي مس ويهندا هئا ته بيري جون اکيون چمڪڻ لڳنديون هيون... پاڻيءَ جو جڳ ميز تي رکي وڏي آواز ۾ صدا لڳائيندو هو ته ’لائو اسپيشل ٻاڪرا ڪڙهائي مصالحا مڪس سونهري صفائي سي‘ اسان مولاين جو به وات پاڻي ٿيندو هو ته ايندڙ پگهار تي اهو صفائيءَ وارو مال ضرور چکي ڏسبو، مگر هر ڳالهه ۾ حڪمت... مرشد وتائي فقير چواڻي ته ڪڏهن ڪڏهن سڃائي به ڪم اچي ويندي آهي، سو ٿيو ائين جو پوين تاريخن ۾ پوليس سڳوري به بک ۾ ڇرڪ ڀري جاڳي پئي ۽ ڪاسائي ۽ هوٽلن وارا ٻڌجي ويا... اڄ تقريبن پنجويهن ٽيهن سالن بعد ان عظيم المرتبت ڪڙهائي واپرائڻ جي اهل اولاد ۾ ان جا مابعدالطبيعاتي جينيٽڪ ايٽمي اثرات هُوبهو ظاهر ٿيڻ لڳا آهن... اهو هيئن ته اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواريءَ لاءِ ڪي همراه باهوڙجي... نرا کڻي... گيريون ڪري هڪٻئي کي ڏاڙهڻ لڳا... ڪن هينگون ۽ پُستيون به هنيون...
هاڻِ وري اردو جي مشهور افسانه نگار ڪرشن چندر جي ٻڌايل بين الاقوامي دانشورن جي تندوري رانن ۽ چاپُن ٺوڪڻ وارن جو احوالِ حالِ زار راوي هن طرح بيان ٿو ڪري ته اڃا شام ئي ناهي ته فون ڪَنن تي ۽ ڊرائيور ڊيوٽين تي... پوءِ ڪئين ببليون سَبليون ۽ باليون ساليون اچيو ڌنڌي سان لڳن... وڏا ڀاڳ انهن ’بوليءَ‘ وارين جا جيڪي ماروِين ۽ موملن جون اچيو حويليون والارين... سندن رکوالا پهرين ڪمدارين سان لڳندا ۽ پوءِ حصيداريون ڪندا...
روزانه اخبارن ۽ رسالن جي سڄاڻ ڪالم نگار بين السطور آگاه ڪندار رهن ٿا ته خبردار ڌاريان ئي ڌاريان مِٽَ مُئيءَ جا نه ٿيا وغيره... ليڪن اسان کي مُڙڻ موٽن مهڻو... چون ٿا ته ڪنهن رئيس پنهنجي جيپ مان ريورس گيئر به ڪڍائي ڇڏيو هو، ته جنهن ڏينهن رئيس پويان پير ڪيا ۽ پوئتي نهاريو ته پنڊ پهڻ ٿي ويندو...
حڪيم قاضي وڏو فرمائي ٿو ته ان جمبو سائز مال جا ماليڪيولم به جمبو سائز هجن ٿا ۽ ان امان جيڪو رت پِت ٺهندو، ان جو اثر ستن پيڙهين تائين هلي ٿو... تنهن ڪري اسين هن مطالبي ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌ جا وڏا لقمان حڪيم پاڻ ۾ مشورو ڪري، ڪو اهڙو نج جمال گهوٽي مدبر دوآتشه وارو اڪسيري جلاب ايجاد ڪن، جو سهڻي صفائي ٿي وڃي...
ان سان گڏ اسين افلاطون سول سرجن صاحبان کي پڻ التماس ٿا ڪريون ته هنن جمبو سائيز حيواني مال جي حاملن جو (بنا ڪينچي گهتڻ جي) ڪو فَس ڪِلاس آپريشن ڪري، انساني ماڊل اسٽينڊرڊ سائز بحال ڪن ته من ڪو افاقو ٿئي (هيءَ ڳالهه غور طلب آهي ته لوڊشيڊنگ ۾ اتفاقن اگر هٿ ٿڙي وڃي ۽ ڪو تکو اوزار وهي وڃي ته به خير آهي.)