امان ، بابا ۽ ٻيا گهرڀاتي
سياري جي اونداهي ڏائڻ جھڙي رات ڏاڍي ڏک ڪٽبي هئي. رات جو ٻاهر کڙڪو ٿيندو هو تہ سوين پور پوندا هئا. بجلي نہ هجڻ سبب سج لھڻ سان سڄي شھر تي راڪاس گهمي ويندو هو. اڪيلائي جو احساس ڏائڻ جھڙي رات! ڪٿي ڪٿي ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ايندو هو، سدائين ڇنڇر جو انتظار ڪندا هئاسين، ڇنڇر وارو ڏينھن ڄڻ اسان لاءِ عيد جو ڏينھن هوندو هو، بابو ان ڏينھن شام جو ريل ۾ ايندو هو، ريل پوري پنجين وڳي پھچندي هئي. اسان وٽ ڀت تي ٽنگيل گهڙيال هوندو هو، ان ڏينھن ان کي چاٻي ضرور ڦيرائبي، جيئن هلندو رهي ۽ پوري پنجين وڳي ريل گاڏي اچڻ مھل اسان باخبر رهون. انھن ڏينھن ۾ ريلوي ٽائيم بلڪل صحيح هوندو هو، هيڏانھن گهڙيال جا گهنٽا وڄايا ۽ هوڏانھن ريل گاڏي جو آواز اسان کي ٻڌڻ ۾ ايندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن اسان بابي کي وٺڻ لاءِ رستي تي اڳڀرو اڳواٽ نڪري بيھندا هئاسين، پيءُ هڪ آسمان، هڪ ڇت هڪ حفاظت جو احساس ۽ ماءُ هڪ ڌرتي، جنھنجي جهول ۾ سمھي رهيو ۽ سڪون ملندو، پھريائين اسان کي کارائي پوءِ پاڻ کائي، الائجي کائي بہ يا نہ هجي نہ هجي، اسان لاءِ سڀ ڪجهہ هوندو، جانورن ۽ پکين کي تہ فقط مائرون ٿينديون آهن. کين پيءُ هجڻ جي ضرورت بہ محسوس ٿيڻ نہ ڏيندي آهي. پنھنجي گجيءَ مان ڪڍي کارائي. ٻچن جي حفاظت لاءِ باز بہ اڏامي ۽ الرون سان سامھون ٿي بيھي. مامتا لفظ اچارڻ سان منھن ۾ ميٺاج جو احساس ٿيڻ ٿو لڳي ۽ ٿڃ سان وات ڀرجي ٿو وڃي، هر مصيبت جي وقت ۾ ”امان“ لفظ وات مان نڪري ٿو اچي. جانورن جو ڦر مري وڃي تہ ماءُ کان کاڌو ڇڏائجي ٿو وڃي کير ڏهڻ بہ ڏي.
اسان جي امڙ اڪيلائپ ۾ ڏک سک ۾ هر مصيبت پاڻ تي کنئي. برادرين جا نفاق ۽ ٻڌيون، ننڍن ۽ وڏن کي عزت آبرو وارو رستو وٺرائڻ بہ ان جي حوالي هو. خانداني جهڳڙن کان سواءِ بہ ڪي معاملا هئا، اسان جي مٽي مائٽي ه زميندار گهراڻي سان بہ هئي. ان جو فائدو اهو ٿيو تہ مون ننڍپڻ ۾ ان ڪلاس کي ويجهو وڃي ڏٺو، غريبن جي ٻارڙن کي ٻارن کيڏائڻ لاءِ ونگا طور بيھارڻ، نوڪرن کي بچيل ماني جا ٽڪر ڏيڻ ، هارين کي ڌرتيءَ تي ويھارڻ ، غريبن جون لڄو تڪڻ، مسڪينن جا مال مفت ڦٻائڻ، جي ڪڇن تہ ڏاڙهيون پٽڻ ۽ مارون ڏيڻ اهو سڀ ڪجهہ مون اکين سان ڏٺو، انسانيت جي مڪمل لتاڙ ڪبي، فرعون بہ انھن جي سامھون شرمسار ٿين. مون تي انھن ڳالھين ڏاڍو اثر ڪيو ۽ مان ننڍي هوندي هڪ اڻ ڄاتل انقلاب لاءِ سوچيندو هيس، جنھن ۾ سڀني انسانن کي هڪ جيترو حق ملي.
نقصان اهو ٿيو تہ اهي اسان جا وڏيرا مائٽ سدائين اسان وٽ زالين، مڙسين ڪٽڪ ڪيو اچي اوچتو ڪڙڪندا هئا، اسان ٻار تہ ڏاڍو خوش ٿي ويندا هئاسين تہ گهر ۾ هيڏي ساري رونق اچي وئي آهي پر هڪ ضرورت ۽ ٻيو مجبوري ۾ ڪئين طعام پچندا هئا. هجي نہ هجي گهٽ ناهي ڪرڻو، پوءِ اهڙڻ وقتن ۾ پاڙي واريون هندو عورتون ڏاڍو ڪم اينديون هيون، زيورن کان وٺي هر قيمتي سامان وياج تي، چپ چپات ۾ گروي ٿيندا ويا. انھيءَ قرض لاءِ گهڻو ڪجهہ کپي ويو، ڪجهہ خانداني تڪرار ۾ ۽ ڪجهہ اجائي ڏيکاءَ ۾، بابي کي ڪافي ملڪيت کپائڻي پئي پر پوءِ بہ آجا شايد ڪونہ ٿياسين.