آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيڪي ياد پيوم

فتاح ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخص آھي. فتاح ملڪ پنھنجي يادگيرين ۾ اھڙا ورق پڻ کوليا آھن جيڪي نہ اعتبار ۾ ايندڙ آھن، خاص ڪري شيخ اياز ۽ ٻين بابت جيڪي اڳ ڍڪيل ھيا. فتاح ملڪ ھن ڪتاب ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين، عوام جي مثالي نمائندن، اسڪولن ۽ مدرسن جي ماحول، گهر ڀاتين، خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن، ون يونٽ جي تحريڪ، نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ، سکر جي اڻمٽ يادن ۽ شخصيتن، غربت ۽ وڪالت جي ڏينھڙن، شاگرد جدوجھد، پرڏيھہ ياترا، ھندستان ۽ چين جي يادن، ڀلي پار جي سفر، سميت ڪيئي يادون شامل ڪيون آھن.

  • 4.5/5.0
  • 153
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فتاح ملڪ
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Jeki Yaad Payom

دهلي ياترا

صبح جو وقت پنجويھہ تاريخ ۽ جمع جو ڏينھن هو، جيئن جو اسان ٻنھين ڄڻن يعني مان ۽ منھنجي گهرواريءَ کي فقط دهلي جي ويزا مليل هئي. سو اسان آگري جي اجازت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي سون. ٻين ساٿين کي آگري جي ويزا لڳل هئي. باقي اجمير شريف جي اجازت ڪنھن بہ پاڪستاني کي نہ ڏنائون. سبب اهو ٻڌايو ٿي ويو تہ اجمير شريف ۾ جتي حضرت معين الدين چشتيءَ جي درگاھہ آهي، تازو بم ڦاٽو هو. درگاھہ ۽ ان جي زيارتين کي ڪافي نقصان پھتو هو. بھرحال مون ۽ راجو وڃي گهرو کاتي جي آفيس جو صبح سان در ورتو ۽ هڪ فارم ڀري پاسپورٽن ۾ وجهي ڏنوسون. اتي ٻيا بہ گهڻا ماڻھو مختلف ملڪن جا ويٺل هئا ڪن کي ويزا جو مدو وڌائڻو هو، ڪن کي وڌيڪ شھر کپندا هئا. آمريڪي، آفريڪي، مغربي ۽ مشرقي، يورپ ڀوٽان، سڪم، بنگلاديش وغيرہ جا تمام گهڻا ماڻھو ويٺل هئا، هڪڙا آفيسر آيا، جيڪي شڪل شبيھہ ڪپڙن ۽ پوشاڪن ۾ اسان جي ڪلارڪن ۽ پٽيوالن کان بہ سادو لباس پھريل هئا ۽ پيش اچڻ جو انداز بہ عوامي هين. اسان سڀني کان پاسپورٽ وٺي هليا ويا ۽ شام جو پنجين وڳي وري آيس اچڻ لاءِ چيو ويو. اسان وري شام جو پنجين وڳي واپس آياسون. گهرو کاتي جو دفتر انتھائي ڪشادو ۽ سرسبز هو. ٻاهرين گيٽ تي ٻہ سپاهي جن جي هٿن ۾ ڪوبہ هٿيار ڪونہ هو. اسان کي صبح جو ئي داخلا پاس ٺاهي ڏني وئي هئي. جيڪا ڏيکاري موٽي آياسون. اٽڪل ڇھين وڳي ڌاري ان هال ۾ مختلف ٽيبلون لڳل هيون. جن تي اهي صبح وارا صاحب اچي ويٺا . سڀني لفافن ۾ اجازت ناما وجهي وڏي عزت ۽ مان سان ڏنا ويا. باقي اسان کي آخر ۾ سڌ ڪري ٻڌايائون تہ اسانکي آگري وڃڻ جي اجازت نہ ڏني وئي آهي.
بي آبرو ٿي سڄو ڏينھن وڃائي موٽي آياسون، مون سمجهيو هو تہ سارڪ ٺھڻ کان پوءِ اسان ڀائر ٿي ويا آهيون. ڪشمير تان هٿ کڻڻ کان پوءِ اسان جي پيار ۽ قرب ۾ واڌارو آيو هوندو، پر لڳو ٿي تہ مٿان حالات اسان جي پاڪستانين لاءِ وڌيڪ خراب ٿي ويا آهن. حڪومتي ليول تي بي اعتمادي ۽ نفرت ۾ اضافو ٿيو آهي. اسان تي تمام گهڻي نظر رکي وئي ۽ وڌيڪ سختي هئي. 1989ع ۾ ساڳيو مارئي وارن جي سيمينار ۾ مان ويو هوس. ان وقت بہ فقط دهليءَ جي ويزا بنا دير هڪ ڏينھن ۾ ملي وئي. ڇاڪاڻ جو مان ستين جون تي سنڌي ساهتيہ وارن جي سڏ تي ڀارت وڃڻو هيس. جيڪو مان پنھنجي سببن ڪري نہ وڃي سگهيس. اهو انتظام ڪيسراڻي صاحب وارن جو هو. ان ۾ اسان کي ڪافي شھرن جي بغير پوليس رپورٽنگ جي اجازت هئي. ۽ ايڪويھہ ڏينھن مليل هئا، جن ۾ بمبئي، احمد آباد، اجين، اندور، دهلي، آگرو، جئه پور، اجمير ۽ آخر ۾ لداخ لاءِ بہ چيو ويو هو. ڇويھہ تاريخ تي صبح جو وينا ۽ ان جي ڀيڻ شالني ساگر ۽ ساگر صاحب پنھنجي ڌيءَ سميت گاڏيون ڪاهي وٺڻ آيا. اسان کي هندوڀون ۾ آندو ويو، جيڪو نھايت خوبصورت هال هو، جتي سيمينار جو افتتاح ٿيو، ان ميڙ جو مان وڌائڻ لاءِ جسٽس آءِ ايس ايسراڻي، مس گرجا وياس، چيئرمين نيشنل ڪميشن فار وومين، ڊاڪٽر رام بخشاڻي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، سيد خادم علي شاھہ ۽ مون کي اسٽيج تي ويھاريو ويو. ڪجهہ سوکڙيون بہ ڏنيون ويون. وينا ۽ شاني آجياڻي جون تقريرون ڪيون. واري واري سان ٿورو گهڻو سڀني ڳالھايوسين. سائين چانڊو رام جيڪو منھنجي ڳوٺ پنو عاقل جو آهي ۽ هينئر لکنو ۾ ٿو رهي. سنت ڀڳت ڪنور رام جو پورٽريٽ موڪليو هو، جيڪو سڀني آيل مھمانن ۾ ورهايو ويو. تنھن کان پوءِ شفيع فقير پنھنجا سر وکيريا. ڏاڍو سريلو نوجوان آهي ۽ عمرڪوٽ جي ڀرسان هندستان جي بارڊر تي ”ٻاڙ مير“ جو ويٺل آهي. سندس مامو ۽ ٻيا عزيز ٻاڙ مير هندوستان مان ساڻس ملڻ آيا هئا. شفيع فقير خاص ڪري ڀڳت ڪنور رام جو ڳايل ڪلام” آءُ ڪانگ ڪر ڳالھہ مون کي پنھنجي ماروئڙن جي“ ڳائي سڀني کي روئاڙي وڌو. هال ڏاڍو ڀريل هو. فنڪشن ڪافي دير تائين هليو پوءِ اسان کي سينٽرل ساهتيا اڪيڊمي تي وٺي آيا، جتي اسان کي ويجيٽرين کاڌو کارايو ويو. 27 تاريخ تي سينٽرل ساهتيا اڪيڊمي ۾ وري گڏ ٿياسين. ٻہ ويھڪون ٿيون، هڪ صبح جو ٻي شام ڌاري، منجهند جو مانجهاندو اتي ئي ڊائننگ هال ۾ ويجيٽرين کاڌي سان ڪرايو ويو. سينٽرل ساهتيا اڪيڊمي هڪ تمام وڏي ايريا تي آهي. وڏو باغ ۽ وچ ۾ ڪئين هيٺ مٿي هال اٿس. جن ۾ ميوزڪ، دانش، ناٽڪ، ليڪچر هال لائبريري ۽ هڪ بھترين ”ڪتابن“ جو دڪان آهي. اسان کان سواءِ ٻين لاڳيتن هالن ۾ فنڪشن هئا. هڪ ۾ اسرائيلي سفير بہ آيل هو، ان ويھڪ ۾ مون بہ پنھنجو پيپر پڙهيو، جيڪو پڙهندڙن لاءِ هيٺ ڏجي ٿو.

سڀئي قابل احترام دوستو!
السلام عليڪم
وينا جي سڪ ڀري سڏ وري هڪ ڀيرو ٻيھر هت آندو آهي. مان دراصل هن کان اڳ ستين جون تي ڪرشن راهي جي ياد ۾ سنڌي ساهتيہ سميلن ۾ شريڪ ٿيڻ پي آيس تہ اوچتو مون سان اهڙو حادثو پيش آيو، جو ڪنھن دشمن کي بہ ﷲ اهو ڏينھن نہ ڏيکاري، منھنجو جوان جماڻ ڊاڪٽر پٽ ڦوھہ جواني ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مان هن عمر ۾ اوندھہ ۾ هليو ويس. ڪجهہ نظر نہ پئي آيو. اولاد جو درد ئي اهڙو ٿيندو آهي. درد ڇا پر گهاءُ ٿيندو آهي. وينا کي شاباش هجي. هُن پنھنجو ڀاءُ موڪليو، جنھن اچي پرچايو، پاڻ وينا بہ مون سان فون تي ڏک ونڊيو. مان سندس اهو پير کڻڻ ڪڏهن بہ نہ وساريندس.
اهو ئي سبب آهي جو مان وينا جي هن ڪوٺ کي لنوائي نہ سگهيس ۽ هليو آيس. مون سان گڏ منھنجي گهرواري بہ ساڻ آهي ان جو بہ من جاءِ ۽ شھر مٽجڻ سان ٿي سگهي ٿو، چت چريو ٿيڻ کان بچي وڃي.
”مارئي“ ڪافي عرصي کان سنڌين کي خاص طرح سنڌي اديبن کي گڏ ڪرڻ جو پليٽ فارم مھيا ڪيو آهي. اها حقيقت آهي ۽ ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونہ آهي تہ سنڌي اديبن کي گڏ ڪرڻ، سنڌ جي عظيم شخصيتن، شاھہ، سچل ۽ ساميءَ جي ياد ۾ سيمينار گهرائڻ جي شروعات ئي ”مارئي“ ڪئي. باقي ٻيا دوست بعد ۾ ان ڏسيل راھہ تي هلي پيا آهن. مارئي اهڙي وقت ۾ سنڌي اديبن کي گڏ ڪيو. جڏهن هند ۽ پاڪستان ۾ حالتون ڏاڍيون خراب هيون. ٻئي ملڪ هڪٻئي خلاف ڪات ڪھاڙا کنيو بيٺا هئا. هڪٻئي جي رت سا پياسا هئا، ٻہ جنگيون لڳي چڪيون هيون، ڪيترا ڳڀرو ڪُسجي چڪا هئا، ڪئين مامتائون ٻاڏائي رهيون هيون. ڪيتريون سينڌون سُڃيون ٿي چڪيون هيون. هي ٻئي ڏيھہ ڏائڻ جھڙا ٿي لڳا. تڏهن وينا شرنگي امن جو علم کنيو ۽ پيار جي پل ٺاهڻ لاءِ جتن ڪيا، ان کان پوءِ پنجابين بہ امن جا ڳيت ڳائڻ شروع ڪيا.
سياستدانن تہ جنگيون ۽ ائٽم بم ڏنا آهن. اديبن ئي فقط پيار جي پل ٺاهي آهي. ان جي شروعات بہ سنڌي اديبن ڪئي ۽ ان جو سھرو بہ وينا شرنگي تي ٿو اچي، جنھن همت ڪري ان جي شروعات ڪئي . هي سلور جوبلي وينا جي محنت ۽ ان جي ساٿين ۽ سنگتين جي ڪاوش جو سبب آهي. مان وينا شرنگي ۽ ”مارئي“ جي سمورن ساٿين کي ۽ سنگتين کي مبارڪون ٿو ڏيان تہ اهي هيڏو سفر گذاري اڄ وري پنھنجي عظيم مقصد ماڻڻ لاءِ ثابت قدم ٿي بيٺا آهن.
اسان جا ڪافي دوست لاڏاڻو ڪري ويا آهن. هي دنيا فاني آ، هت ڪير نہ رهڻو آ، فقط ڪي ڳڻ رهجي ويندا آهن. ڪنھن پياري گذري ويل دوست جي باري ۾ ڪجهہ ڳالھائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جڏهن وات ئي وھہ سان ڀريل هجي تہ اکر ڪيئن اڪلن، منھنجون ڪن سان ملاقاتون تہ ڪونہ هيون پر تڏهن بہ رسالن ۾ هڪٻئي سان رهاڻيون ڪندا آهيون، ڪجهہ سال اڳ هو مون سان سنڌ ۾ منھنجي شھر پنو عاقل واري مندر ۾ مليو هو، اسان ٻنھي هڪٻئي سان حال احوال اورڻ ٿي چاهيو. ڪجهہ ٻڌڻ ٿي چاهيو، ڪجهہ ٻڌائڻ ٿي گهريوسي پر ڪيسواڻي صاحب کي ڀڄ ڀڄان لڳي پئي هئي. سو همراھہ کي کنڀي کڻي ويو، اهڙو کڻي ويو ڄڻ جاني جدا ڪري ڇڏيائين.
هن آڪاش منڊل ۾ هونءَ تہ ڪئين جهرمٽ آهن پر ڪي ستارا طبعي لحاظ کان ستارا تہ آهن پر شاعرن لاءِ حسين علامتون آهن، سج، چنڊ ۽ تارا علامتن کان سواءِ محبوب جا مھانڊا بہ آهن، اسان سڀ هيڏي ساري منڊل ۾ گڏ هوندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ پنھون ٿي ويندا آيون پر جي ڪڏهن ڪو ستارو پنھنجي محور مان نڪري وسمي ويندو آهي تہ سڀني کي اڪيلائپ ۽ اٻاڻڪائي ٿيندي آهي. اسان ڀل ڪٿي بہ هجون پر ساٿ سان سلھاڙيل هوندا آهيون.
تــــري لڳــي ڪنگري ٺلھا ڦـــيرا ڏي،
نہ ني نہ ڏي، تہ بہ سلھاڙيل ساٿ سان.

اها بہ حقيقت آهي تہ شاعري هڪ اظھار جو طاقتور، خوبصورت ۽ دل کي ڇھندڙ ذريعو آهي، جنھن ساننظر ايندڙ ۽ محسوس ٿيندڙ خوبصورتين کي وڌيڪ خوبصورت ۽ زماني جي درد کي پنھنجو درد ۽ پنھنجي درد کي جڳ جھان جو درد ڪري پيش ڪري سگهجي ٿو.
يڪسانيت کان بيزاري، نت نين شين جي ڳولا ۽ تخليق ۽ تجربن جي کوري ۾ پچي راس ٿيڻ جي خواهش شاعري آهي. جھڙي ريت ڪنھن صنف نازڪ کي سينگار وڌيڪ سھڻو ٿو ڪري، اهڙي ريت ادب ۾ شاعري سندس سينڌ ۾ وڌيڪ سجاوٽ پيدا ڪندي آهي.
پيار سھپ، ڪشادہ دلي ۽ اهنسا، اهي وري سنڌي تھذيب جا بنيادي پٿر آهن، پر ان سڀ ۾ سنڌي ماڻھن جو پنھنجي وطن سان پيار مرڪزي ستون جي حيثيت رکي ٿو. ايتريقدر جو سنڌ جي لاطمع صوفي درويشن بہ ان جي ڀٽن، ٻُٽن ۽ ٻوڙن، ٻٻرن ۽ ٻيرن جو اهڙي طرح سان ذڪر ڪيو آهي ڄڻ هي آسمان مان لٿل نعمتون آهن.
اسان هڪ اهڙي ئي تھذيبي ورثي جا مالڪ آهيون ۽ امين آهيون، جنھن ۾ انسان جي برابري ۽ نيڪي سڀ اعلى قدر آهن، جنھن ۾ ڪوبہ اوچ نيچ ڪونھي، جنھن ۾ هر انسان ٻئي انسان جو ڀاءُ آهي پوءِ هن جو ڪھڙو بہ مذهب يا ڌرم هجي. هن جو ڪھڙو بہ رنگ هجي، ڪھڙو بہ نسل هجي. سنڌ ۾ انساني تھذيب انھيءَ آدرش جي تجربيگاھہ آهي، ان ڪري ان سان محبت بہ آفاقي قدر آهي. سنڌ کي سنڌي سماج ۾ جوکم پھچائيندڙن ڄڻ تہ سموري انسان ذات کي جپکم رسايو آهي، نتيجي ۾ سڄي انسان ذات لاءِ هاڃيڪار ٿي پيا آهن. اسان هينئر حدون اورانگهي آيا آهيون. تاريخ ۾ ائين ٿيو آهي. شمع مندر ۾ هجي يا مسجد ۾، پرواني کي پرواھہ نہ هوندي آهي، هن جو ڇا تہ شمع ٿي ٻري.
اڄ بہ لاتعداد بکيا ۽ اگهاڙا انسان آهن، هر طرف انسان دشمن هٿيار ٺاهيا ٿا وڃن، اهي پئسا بک، بيروزگاري، غربت، بيماري ۽ جھالت تي خرچ ڪيا وڃن ها. اهو خيال اسان شاعرن جو ڄڻ ديواني جي خواب وانگر آهي.
هڪ طرف بہ سھاڳڻين کي نٿون نڪن ۾ آهن. اڄ بہ ڏڌ ماٽيءَ ۾ جهڳجي ٿو. ساڳي بيل گاڏي آهي. اڄ بہ اسان موهن جي دڙي جي تھذيب کي ڀاڪر ڀريو بيٺا آهيون. اڄ بہ بکين ٻارن کي مائرون خالي ديڳڙا کڙڪائي سمھارن ٿيون، اڄ بہ ڏاڍو سو گابو آگي. شاھہ، سچل ۽ سامي امن جا پرچارڪ آهن. انھن جا آدرش جڳ مشھور ڪري دنيا ۾ امن قائم ڪرائي سگهجي ٿو.
اڳ امن ۽ ڀائيچارو اسان وٽ هڪ چڙ ڏياريندڙ عمل هو، ان ڪري اياز کي جنگ خلاف لکيل شعرن ڪري جيل ڀوڳڻو پيو هو. هينئر اسان جو موقف مڃيو ويو آهي تہ دنيا رت ۾ ٻڏل ڪبوتر وانگي نہ ٿي رهي سگهي. ” امن فقط امن“ ئي سنڌ ۽ سنڌين جو سنيھو آهي.
اي راھہ وٺي ويل دوست، مان تو وٽ هلي آيو آهيان. تو قرب جي ڪوٺ ڏني، مان هليو آيس. مون کي پڪ آهي تہ تون ٻڌندو هوندين. اياز چواڻي: ”شاعر ڪڏهن ڪونہ مرندا آهن، وري وري ورندا آهن!“ مان ۽ تون بہ وري وري ورڻا آهيون، ڪڏهن مرڻا ناهيون، ڪڏهن مرڻا ناهيون.
آخر ۾ اسان اوهان جا ٿورا ٿا مڃون، جيڪو اوهان اسان کي مان ڏنو آهي، دراصل اهو مان اوهان اسان کي نہ پر سنڌ کي ڏنو آ.
ٿورا نہ ٿورا مــــون تي ماروئڙن جا
ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيان ڪيترا

28 آڪٽوبر تي ساڳي جڳھہ تي مشاعرو هو، جنھن جي صدارت مون ڪئي ۽ خاص مھمان ارجن چاولا روهڙي جو آهي انھن سڀني ويھڪن ۾ خاص طرح سان ڪلڪتي، بمبئي، احمد آباد، اندور ۽ ٻين ڪيترن شھرن کان سنڌي آيل هئا. سي سمورا عمر جي آخري پيٽي ۾ هئا. ڪي نون ورهين جي ڄمار ۾ 1947ع ڌاري ڀارت آيل هئا. مان ڪجهہ سکر، ڪنڊيارو، نوشھروفيروز، لاڙڪاڻو، رتوديرو، جيڪب آباد ۽ هڪ مائي پنو عاقل جي هئي. سڀئي مرد ۽ عورتون پڙهيل ۽ وچولي طبقي سان واسطو پيا رکن ۽ ڀارت ۾ بہ سرڪاري، نيم سرڪاري کاتي ۾ سٺا عھدا ماڻي چڪا هئا يا ماڻي رهيا هئا. سڀني وٽ ورهاڱي واري ڪھاڻي هئي. جن ”اسٽيج تي اچي ٿي بڌائي. خاص طرح سان عورتن واري جرئت سان پنھنجي مايوس ۽ ڏتڙيل مردن ۽ گهرن کي ڪيئن سنڀاريو، ان وقت ريلوي اسٽيشنن تي ريل جي پٽڙين جي ويجهو ۽ کليل پڌرن تي طنبو هڻي گذارو ڪيو هو. عورتون پاپڙ، وڙيون، ڪچوريون ٺاهي ماڻھن جي درن تي وڪري لاءِ کڻي وينديون هيون ۽ پوءِ ڪا اسڪول ۾ ماسترياڻي، ڪا ڪٿي ڪلارڪي يا ٻي نوڪري ڪري ڪمائي اچي ٻچڙن جو پيٽ بہ ڀرينديون هيون ۽ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخلا ٿي وٺي ڏنائون ۽ مرد بہ صبح جو روزگار جي تلاش ۾ هليا ويندا هيئا. ڇاڪاڻ جو هي سڀئي پڙهيل ۽ مانائتا ماڻھو هئا. سو ستت ئي پنھنجي جاءِ ٺاهي ويا. مايون اسڪولن ۽ ڪاليجن جون هييڊ مسٽريس، پرنسيپال ۽ ڊائريڪٽر جي عھدن تان يا تہ رٽائر ٿيون يا رٽائر ٿيڻ تي هيون، مرد بہ ساڳيا عھدا ماڻي چڪا هئا. سنڌين کي ڪوبہ ڪليم وغيرہ ڪونہ مليو هو، جو اسان جا ڀائر هندوستان ۾ ڪجهہ بہ ڇڏي ڪونہ آيا هئا. سنڌين بھادري سان حالات سان منھن ڏنو، نہ ڪوڙو ڪليم نہ ڪوڙيون ڊگريون پيش ڪري ڪو فائدو حاصل ڪيائون. ڌنڌي ۾ بہ پنھنجو نالو ڪڍيو اٿائون. سنڌي ٿي سنڌ کي بہ نہ وساريو اٿائون، هتان سنڌ ۽ سنڌين جي عزت وڌائي بہ اٿائون. سنڌي هندوستان جي ٻين ٻولين وانگر قومي ٻولي آهي ۽ حڪومت سنڌيءَ لاءِ بہ اوتري رقم بجيٽ ۾ رکندي آهي، جيتري ڪنھن ٻي زبان لاءِ رکيل آهي.
هن پيڙهي کان پوءِ خبر نہ آهي تہ سنڌين جو ڀارتي نئون نسل ڇا ڪندو، ڇاڪاڻ جو هو گهرن ۾ هندي ٿا ڳالھائن، سنڌي سمجهن ٿا پر ڳالھائن ڪونہ ٿا. سنڌي سان ڪابہ دلچسپي ڪانہ اٿن. ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا مغربي لباس پھري هندي ۽ انگريزي ٿا ڳالھائن. ڀارت ۾ سنڌي وڏا سرمائيدار آهن. ڀارت جي ٽيھہ سيڪڙو اقتصاديات ۾ سنڌين جو حصو آهي. فلم انڊسٽري کان وٺي وڏن هوٽلن ۾ بہ سنڌي ڀائيوار آهن. سنڌين جو وڻج واپار يورپ، ايشيا، عربن، روسين، چينين ۽ آمريڪي ملڪن تائين ڦھليل آهي. هو هر لحاظ کان ڏاڍا خوش آهن. هڪ وڏي جمھوري ملڪ ۾ ٿا رهن. کليل ماحول ۾ ٿا رهن پر وري بہ وطن ڏي نھاري کانئن ڳوڙها ڳڙي ٿا وڃن. ۽ ٿڌو ساھہ نہ ٿو بيھين، ڀاڪر ۾ جهلي ماءُ جي مٽي جي آسيس ٿا وٺن. سنڌي ساهتيا اڪيڊمي ٺاهي وئي آهي، جنھن جي معرفت سنڌي ادب کي ڪافي واڌارو مليو آهي، ڪيئي سنڌي ۾ رسالا ۽ ڪتاب ڇپرايا ويا آهن. سنڌي جي ڊڪشنري کي ٻيھر نئين ترتيب سان ڇپرايو ويو آهي. حڪومت سنڌي اديبن ۽ ادب جي جوڳي پرگهور ٿي لھي ۽ دل سان سنڌي کي ڀارت ۾ قومي زبان تسليم ڪيو ويو آهي.