وڏيرڪي رياست
رياست کان ٻاهر برٽش راڄ هو، جتي هر شيءِ قاعدي قانون سان هلندي هئي، منھنجو مامو ڪڏهن ايڪسائيز ۾ تہ وري ڪڏهن ڪٿي رياست جا ملازم ڪنھن مھل فوج ۾ تہ ڪنھن مھل سول ۾ مقرر ٿيندا هئا.
بھرحال مون خيرپور کي ٻي رنگ ۾ ڏٺو، ان وقت مير علي مراد تخت تي ننڍي عمر ۾ ويٺو. سندس والدہ شايد هندستان جي ڪنھن ننڍڙي رياست جي راڄ گهراڻي مان هئي. چون ٿا تہ موجودہ مير صاحب جي ڄڃ کي واپس آڻڻ لاءِ ميرن وٽ ڪرايو بہ ڪونہ بچيو جو هنن اتي ڏيکاءَ ۾ شاھہ خرچي ڪئي، ڄڃ کي واپس آڻڻ لاءِ کين ڏاج ۾ مليل گهوڙي جا سونا سنج گروي رکڻا پيا، ان محترمہ سڄي عمر لاهور ۾ گذاري.
علامہ آءِ آءِ قاضي بہ چون ٿا تہ ڪنھن وقت رياست جي عدالت ۾ وڏو جج هو، کيس مير صاحبن ڪنھن قتل جي ملزم لاءِ سفارشي چٺي لکي. قاضي صاحب جن ناراض ٿي، نوڪري تان استعيفا ڏئي هليا ويا، کين پرچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ٿي پر قاضي صاحب جن نوڪري ڇڏي ويا.
ٻيو هڪڙو واقعو مشھور هو تہ ڪنھن مير صاحب مذاق ۾ پنھنجي حجام کي ڪوٽ ڏجي جي قلعي ۾ بند ڪرائي ڇڏيو، پوءِ کانئن اها ڳالھہ وسري وئي تہ حجام بي گناھہ ڪوٽ ۾ بند آهي ۽ سپاهين جون ونگار ۾ ويٺو ٿو مفت ۾ سيربيون ٺاهي. ان مير صاحب جو ڪو فرزند ڪوٽ گهمڻ ويو تہ حجام رڙيون ڪوڪون ڪري کيس حقيقت بيان ڪئي تہ هو بيگناھہ قيد ۾ آهي. مير صاحب جن پنھنجن ڪارندن کان پڇيو تہ هنن فقط ايترو چيو تہ ”قبلہ! اي تہ سائين دي بابي دي نشاني هي!“ مير صاحب حجام کي بابي جي نشاني سمجهي ساڳيو ڪوٽ ۾ قيد رکيو.
هڪڙي ٻي مير صاحب لاءِ مشھور هو تہ همراھہ ڳائڻ جو شوقين هو ۽ ڳائڻي جو قدردان هو، سو پاڻ وٽ وڏا وڏا ڳائڻا گهرائي راڳ ڳائرائين. جڏهن ترنگ ۾ اچي ويو تہ پاڻ ڳائڻ شروع ڪيائين. سڀ چپ ڪري مير صاحب کي ٻڌڻ ويٺا. جڏهن ڳائڻ ختم ڪيائين تہ سڀني واھہ واھہ ڪئي پر هڪڙو حجائتو داد نہ پيو ڏئي، جنھن کان مير صاحب خاموشيءَ جو سبب پڇيو تہ هن چيو ”جي جان جي امان ملي تہ عرض ڪجي!“ مير صاحب چيو تہ آزادي سان راءِ ڏي! جنھن تي هن چئي ڏنو تہ ”ڳائيندي سائين پئي هن، منھن ڪالا اسا ڏا پيا ٿيوي!“ مير صاحب جن سرائيڪي ۾ مخاطب ٿيندا هئا.
بھرحال مون جڏهن اسڪول ۾ داخلا ورتي، ان وقت ممتاز قزلباس خيرپور جو چيف منسٽر هو، جنھن خيرپور کي ترقي وٺرائي، هڪ وڏي ڪپڙي ٺاهڻ جي مل ”خيرپور ٽيڪسٽائيل مل“ هڻائي وئي. هڪ سگريٽ ٺاهڻ جو ڪارخانو ۽ هڪ پرنٽنگ پريس بہ لڳي، جنھن جي ڪري رياست مان بيروزگاري ڪافي گهٽجي وئي، باقي ڀنگ پيئڻ تہ خيرپور جي Natural Drink هئي. موالين ۽ مفتخورن جو انگر بہ تمام گهڻو هو، چوري چڪاري گهٽ هئي، تعليمي معيار تمام وڌيڪ هو، نھايت قابل استاد ها، سڀئي ڊگرين سان ۽ ٽريننگون ورتل هئا، نئون هاءِ اسڪول ٺھرايو ويو، في تمام معمولي هئي، ڪسرت، پي ٽي، ملٽري ٽريننگ، سول ڊفينس اسڪائوٽنگ لازمي هيون. ان لاءِ يونيفارم بہ گورنمنٽ وٽان ملندو هو، هر شاگرد کي هڪ گلاس کير جو سرڪاري طور روزانو پياريو ويندو هو. ڪتاب بہ گهڻو ڪري سرڪار ڏيندي هئي، غريبن لاءِ فري بورڊنگ بہ هئي.
ان وقت منھنجو گهڻو وقت ڊاڪٽر ابراهيم شاھہ بخاري جي اوطاق يا ڪڏهن جسٽس علي اسلم جعفري جي والد علي مظاهر جعفري وٽ گذرندو هو، ابراهيم شاھہ جو وڏو ڀاءُ محمد شاھہ هڪڙو گرونڊنگ جو ريڊيو وٺي آيو، جيڪو سندس چاچو سائين نياز علي شاھہ اڪثر بند ڪري اسان کي اسڪول جي پڙهائي لاءِ تلقين ڪندو هو، سائين نياز علي شاھہ سنڌ مدرسي مان بطور استاد رٽائر ٿيو هو، کيس ڪارتوسن ۽ بندوقن ٺاهڻ جي ڪارخاني هئڻ جو ڏاڌو شوق هو، جيڪو هن ”بخاري آرمري“ جي نالي سان هڪ دڪان کولي پورو ڪيو. رياست جون پراڻيون تلوارون نيلام مان خريد ڪري رکيائين، جيڪي ڪير بہ ڪونہ پيو وٺي. محمد شاھہ هڪ ماڊرن ريسٽورنٽ اي بي سي جي نالي سان کوليو، جتي سائين نياز علي شاھہ ڪنھن بہ گراهڪ کي اجائي وقت وڃائڻ جو چئي، اٿاري نيٺ بند ڪرائي ڇڏيو.
انھن ڏينھن ۾ روس خلا ۾ راڪيٽ موڪليو ۽ سڄي دنيا ۾ واھہ واھہ لڳي پئي هئي. سائين بہ ڊان اخبار باقاعدگي سان گهرائي ان ڳالھہ تي بحث ڪندو هو، سو کين بہ هڪ راڪيٽ ٺاهڻ جو شوق ٿيو، سو گهر جي ڀرسان هڪ خالي جڳھہ ۾ ان جو تجربو ٿيو. يعني هڪ پائيپ ۾ بارود ڀري ويھي رهيو، رات جي پھر اچڻ جي انتظار ۾ نيٺ اڌ رات جو هڪ زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ سڄو شھر لڏي ويو، اها رياست هئي، جتي سيدن جي هلندي پڄندي هئي ۽ ڳالھہ ختم ٿي وئي.
خيرپور لائبريري جڳ مشھور هئي ۽ اسان جي گهرن جي ويجهو هئي. سليم خواجہ کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو، سو مون کي بہ ان جو ميمبر ڪرايائين، مسٽر ظھير حسين جيڪو هن وقت وڪالت ٿو ڪري ان وقت لائبريرين هو، هن اسان کي نوان نوان ڪتاب پڙهايا، جيڪي اسان ڪڏهن خريد نہ ڪري سگهون ها.
جمال رند کي سنڌي ادبي سنگت جو شوق ٿيو، سنڌي ادبي سنگت جون شاخون جتي ڪٿي کلڻ لڳيون، اسان بہ خيرپور ۾ ڊاڪٽر ابراهيم شاھہ وارن جو خالي دڪان وٺي ان ۾ سنڌي ادبي سنگت سنگت جي شاخ کولي، جنھن جو افتتاح رشيد ڀٽيءَ ڪيو. جمال رند سيڪريٽري مان جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ابراهيم شاھہ خزانچي ٿياسين. شروع ۾ ميمبرشپ گهٽ هئي پر پوءِ آهستي آهستي وڌندي وئي. منير سولنگي، اميد خيرپوري، رفيق مھيسر ۽ ٻيا ڪيترا ميمبر ٿيا. هفتيوار گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون. مان فلمي ڌنن تي شيرل باڊاهي وانگر شعر لکي ايندو هيس. جمال ۽ سليم افسانا لکي ايندا هئا. ٻيا دوست بہ شروع شروع ۾ مون وانگر شعر لکي ايندا هئا. اميد خيرپوري فقط چوسٽا لکي ايندو هو، تنقيد بہ ٿيندي هئي. اتان پڙهڻ لکڻ جو شوق وڌندو ويو ۽ آهستي آهستي قومي شاعري طرف مائل ٿيس، جو سنڌ تي ڌاري يلغار شروع ٿيڻ لڳي ۽ سڀني ان جو اثر وٺڻ شروع ڪيو.
سنڌي ادبي سنگت خيرپور جي طرفان غريبن لاءِ شام جو اسڪول بہ کوليو ويو، جيڪو پراڻي ناز هاءِ اسڪول جي بلڊنگ ۾ هو، ڏينھن جو اسڪول سرڪاري، شام جو بلڊنگ ۽ فرنيچر سرڪاري استعمال ڪندا هئاسين. ان وقت جا چوٽيءَ جا استاد شام ڌاري مفت ڪلاس وٺندا هئا، خاص طرح سان استاد شھاب الديب ڏاڍو ساٿ ڏنو، هن لاءِ مفت ڪم ڪرڻ هڪ جهاد هو.
اسان جي اسڪول ۾ داخلا ايتري وڌي وئي جو سفارشون ٿيڻ لڳيون، هي اسڪول فقط انھن سنڌين لاءِ هو، جيڪي سرڪاري ملازمت ۾ هئا پر مئٽرڪ پاس نہ هئا يا اهڙا ڪي ٻيا ماڻھو جيڪي ڪنھن بہ سبب ڪري مئٽرڪ پاس نہ پئي ڪري سگهيا. في تمام گهٽ هئي. ان وقت جا پرنسيپال، انسپيڪٽر آف اسڪولس، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ۽ اهڙا ٻيا ناليوارا استاد هن قومي ڪم اسان سان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ٻانھن ٻيلي تي بيٺا، هي اسڪول ايستائين هليو، جيستائين رياست هئي، پوءِ ان جي ختم ٿيڻ سان ختم ٿي ويو.