ڀلي پار جو سفر (2)
مون کي ٻڌايو ويو تہ سعودي ڊرينيج سسٽم ڪنھن جرمن ڪمپني کان ستن سالن جي محنت سان ٺھرايو آهي. امن امان تہ ايترو هو جو مون واري حاجاڻي تہ ڄڻ ڳوٺ ڪري ڇڏيو. اڪيلي سر صبح جو نماز وقت هلي ويندي هئي. ۽ پاڻمرادو واپس ايندي هئي. ڪوبہ مسئلو ڪونہ هو. هر ماڻھو پنھنجي مسلڪ آهر عبادتون پيو ڪري، ڪئين فرقن جا ماڻھو آزادي سان عبادت ڪري رهيا هئا.
ايراني، ترڪ ۽ انڊونيشيا جا ماڻھو ڏاڍو منظم هئا. اسان سنگ اسود تائين ڪونہ پھچي سگهياسون. اسان کي فقط هڪ شڪايت هئي تہ جيئن پاڪستاني بغير ڪنھن طور طريقي سان هئا. ائين اسان بہ هياسي، باقي ايراني، ترڪ ۽ انڊونيشيا جا ماڻھو ڏڍا منظم هئا. روسي، ترڪستان ۽ بوسنيا کان حاجي آيل هئا. وڏي ڳالھہ تہ سڀ ماڻھو امن امان سان هڪڙي ئي پيش امام جي پويان نماز پڙهي رهيا هئا، باقي پاڪستانين کي نہ حرم پاڪ جو ادب ۽ نہ زبان تي قبضو. حرم پاڪ ۾ واندي وقت ۾ ڳوٺ جون ڳالھيون ٿي ڪيائون ۽ ڀرواري پاڪستاني کان هروڀرو پار پتا پڇي پوءِ کيس عبادت جا طور طريقا ويٺي سمجهايائون.
هر قسم جا کاڌي جا انتظام هئا، غريبن لاءِ بہ ٻن ريالن ۾ سڀ ڪجهہ ٿي مليو. حڪومت طرفان مفت جي ماني جا لنچ باڪس بہ ورهايا ٿي ويا. جن ۾ چانور ۽ هڪ چڪن پيس بہ هو. گهٽ ۾ گهٽ ٻن ماڻھن لاءِ ڪافي هوندا هئا.
اسان پنج ڏينھن مڪي شريف ۾ رهڻ کان پوءِ مديني شريف لاءِ ساڳين بسن ۾ روانا ٿياسون. اتي اسان کي ڏھہ ڏينھن رهڻو هو، اسان جون بسون رات جو ڏهين وڳي هليون. وري معلم جي آفيس وٽ ساڳي ڳڻپ ٿي. اتي ڪجهہ مونجهارو ٿي پيو. اهو جدہ ايئرپورٽ تي بہ ٿيو هو. ڇا هو جو اسان سان هڪ صغير ڇوڪرو بہ هو، جيڪو پري کان سيٽ تي ويٺل نظر نہ ايندو هو، هو بس جا ڊرائيور گيٽ وٽان بيھي ڳڻپ ڪندا هئا. اتان ڇوڪرو نظر ڪونہ ايندو هو. اڪثر ڳڻپ رات جو ٿيندي هئي ۽ بس جون بتيون بہ ايتريون روشن ڪونہ ٿينديون آهن. سو همراھہ منجهي پوندا هئا. آخر ڊرائيور ڳالھہ سمجهي ويو. سو اڳ ۾ هڪ رڙ ڪندو هو، پوءِ وقت بچائڻ خاطر حاجي صاحب هڪ آواز ٿي چوندا هئا. ”صغيرن واحدن“ تڏهن جان ڇٽندي هئي ۽ اهو هر اسٽاپ تي ٿيندو هو.
صبح جي نماز کان اڳ مديني شريف جي ٻاهرين چيڪ پوسٽ تي پھچي وياسون. اسان کي ٻڌايو ويو تہ هتي چار پنج ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا. جو اسان کان اڳ ڇھہ هزار بسون چيڪنگ ٿي رهي هئي. ڊرائيور سموريون لسٽون سرڪاري آفيس ۾ کڻي ٿي ويا. ان کان پوءِ بسن ۾ ويھاري هر هڪ حاجي جي ڳڻپ ٿي ٿي. منجهند ڌاري واندا ٿياسون ۽ شھر مديني شريف ۾ داخل ٿياسون.
شھر تمام وڏو وائکو ۽ پکڙيل آهي. جديد قسم جون ڪافي عمارتون ٺھيل آهن. ننڍا وڏا بنگلا ۽ فليٽ بہ ٺھيل آهن. مڪو بہ وڏو شھر آهي، پر ڪافي پراڻيون جايون ۽ سوڙهيون گهٽيون بہ آهن، جڏهن تہ مديني ۾ ڪشادا روڊ ۽ جديد قسم جون ڪافي عمارتون آهن. مڪي ۽ مديني ۾ وچ ۾ مفاصلو گهڻو ڪري اڍائي يا ٽي سؤ ڪلوميٽر ٿيندو. سڄو پٽ پھاڙي علائقو آهي. غيرآباد خشڪ پھاڙ آهن. ڪٿي ڪٿي ڪا معمولي آبادي آهي. زمينون غيرآباد ڇا پر لائق ئي نہ آهن. ڪٿي ڪٿي ڪي اٺ چرندي نظر آيا. ٻڌڻ ۾ آيو دور دراز علائقن ۾ ڪافي ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ شھر بہ آهن. اتي جي ماڻھن کي بدو سڏيو ٿو وڃي. هي سمورو علائقو دراصل حجاز جو علائقو هو. اتي شريف مڪي قريشي خاندان جو فرد حاڪم هو. هي بہ ترڪي جي عثمانيہ سلطنت جي ماتحت هو. هتان ريل گاڏي ترڪي تائين ويندي هئي. هتي انگريزن ابن سعود کان قبضو ڪرايو، جنھن کي سعودي عرب سڏيو ويو. هي نجدي گهراڻي جا آهن ۽ وهابي فرقي سان تعلق ٿا رکن. سمورا قبرستان ۽ انھن اصحابن ۽ اسلامي معتبر شخصيتن جا مقبرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن. بدو ماڻھو جي رهڻي ڪھڻي جي معلومات نہ آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي تہ قريش خاندان جنھن جي نبي ڪريم ﷺ سان وڏي نسبت آهي. شاهي عتاب هيٺ آهن. حسينيت فرقو بہ آهي ۽ ڪافي ڪثرت ۾ آهي پر اهي بہ شاهي عتاب هيٺ آهن. مغربي ملڪن جي خاص طور تي آمريڪي عملداري تمام گهڻي آهي. اسرائيل بہ خانہ ڪعبہ تي مالڪي ويٺو جتائيندو آهي. سعودي عرب وٽ بلڪل غير فعال ناڪارہ فوج آهي، جنھن کي ڪوبہ ڪنھن بہ وقت فتح ٿو ڪري سگهي. اسلامي قانون ۽ شريعت جو نفاذ نھايت سختي سان آهي. ماڻھو ٻن قسمن جي زندگي بسر ڪن ٿا. هڪ گهريلو جنھن ۾ مغربي طرز جا طريقا آهن ٻيو ٻاهر جتي عورتن جي لباس جي زبردست سختي آهي.
مون کي ٻڌايو ويو تہ اتي بہ هر قسم جا نشا ڪيا وڃن ٿا ۽ گناھہ بہ ڪيا ٿا وڃن، باقي جيڪو پڪڙيو، ان لاءِ قاضي ڪورٽ ۽ اسلامي سزائن واري عقوبت گاھہ ان جي سامھون ٺھيل آهي. هيڏانھن قاضي فتوى ڏني، هوڏانھن همراھہ کي گهلي گردن زني ڪئي وئي. ڪو ٻڙڪ بہ نہ ڪڇندو.
هڪ واقعو ڪنھن ٻڌايو تہ سعودي عرب ۾ ڪار ڊرائيونگ لاءِ عورت تي بندش آهي. چون ٿا تہ سفارخاني جي ڪنھن علائقي ۾ ڪن سعودي اميرن جي ڇوڪرين يورپي ڇوڪرين سان لڪ چوري ۾ ڪار ڊرائيونگ ڪئي. جيئن ئي حڪمرانن کي خبر پئي تہ انھن هڪدم پنھنجي ڇوڪرين کي پڪڙي گولي سان ماري چپ چاپ ۾ دفن ڪري ڇڏيو. ڪنھن ٻڙڪ نہ ڪڇي. ڳالھہ آئي وئي ٿي وئي، ڄڻ ڪي ٿيو ئي ڪونہ هو. آمريڪي دوستي سبب يا ڪي ٻيا بہ سبب هجن، حڪومت جي خلاف اندر ئي اندر مخالف بہ آهن، جن ڪافي دفعا انقلاب آڻڻ جون ڪوششون ڪيون آهن انھن کي بچائڻ لاءِ هتان پاڪستان مان فوج گهرائي حالتن تي ضابطو آندو ويندو آهي. ان ڪري هر ماڻھو پنھنجي ڪم سان ڪم ٿو رکي. باقي ڪوبہ خارجي يعني غير عرب اتي نہ ملڪيت خريد ٿو ڪري سگهي، نہ ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪري ٿو سگهي. هر ڳالھہ ۾ هن کي ڪنھن سعودي کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻو آهي. توڙي مزدوري ڪري ان کي پنھنجي مزدوري مان ڪجهہ حصو ڪنھن سعودي وٽ رکڻو آهي. قانون قاعدا سعودين، عربن ۽ خارجي شھرين لاءِ الڳ الڳ آهن. اسان کي طيبہ اپارٽمنٽس ۾ رهايو ويو. اهي بہ روضي پاڪ جو حصو آهن. مون واري حاجاڻي تہ مون کان بغير پڇڻ جي صبح جي نماز لاءِ هلي ويندي هئي. رسول پاڪ ﷺ جي روضي جو مقبرو ڪاٺي جو ٺھيل آهي. اسان جي قاري ٻڌايو تہ اهو بہ ترڪن ٺھرايو هو. پھريائين اڇو رنگ هو، پوءِ سعودين سائو ڪري ڇڏيو آهي، سعودي بادشاھہ مسجد کي تمام جديد وڏو ڪري ڇڏيو آهي. دروازن تي اندر بہ سنگ مرمر ۽ سون جو ڪم ٿيل آهي. ڇٽين جي ڇت بہ آهي. جيڪا اليڪٽرڪ جي ذريعي پنھنجو پاڻ کلي ۽ بند ٿي وڃي ٿي. اندر اعلى درجي جا قالين وڇايل آهن. آب زم زم جا ڪئين ڪولر رکيل آهن. روضي پاڪ ۾ حضرت ابو بڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق ؐ ۽ رسول ﷲ ﷺ جي مرقدن لاءِ ٽي دروازا آهن، جيڪي لڳولڳ آهن. انھن دروازن جي ڄارين کي اندران پردو آهي. نبي ڪريم ﷺ جي دروازي سان ڀت ڏنل آهي. ان ڪري اندر ڪجهہ بہ نظر نہ ايندو آهي. اسان کي ٻڌايو ويو تہ اندرين صفائي لاءِ هڪ خاص گهراڻو آهي، جنھن جي حوالي آهي نان جڳھہ کي عرض الجنة چئجي ٿو. ڏينھن جو ٻہ دفعا دروازا مردن ۽ عورتن لاءِ زيارت ۽ سلام لاءِ کلندا آهن. ڪنھن کي بہ خوشبوءِ استعمال نہ ڪرڻي آهي. لکن ۾ ماڻھو گهڙي پوندا آهن، مون گنھگار کي بہ اها سعادت نصيب ٿي.