ضميمو: منھنجي سامھون ڇا ڇا ٿي گذريو؟
27 آڪٽوبر 1947ع هندستان رياست جمون ۽ ڪشمير تي زبردستي پنھنجو تسلط قائم ڪيو.
21 مارچ 1948ع باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح مشرقي پاڪستان جو دورو ڪندي ڍاڪا ۾ اعلان ڪيو تہ پاڪستان جي سرڪاري زبان صرف اڙدو هوندي، جنھن جي نتيجي ۾ صرف مشرقي پاڪستان ۾ مظاهرا ٿيا، مجيب الرحمان سميت ڪيترائي شاگرد گرفتار ٿيا.
11 سيپٽمبر 1948ع محمد علي جناح گذاري ويو، خواجہ ناظم الدين گورنر جنرل مقرر ٿيو. لياقت علي خان هن ملڪ جو وزير اعظم مقرر ٿيو.
16 آڪٽوبر 1951ع مسٽر لياقت علي خان کي راول پنڊي جي جلسه عام ۾ قتل ڪيو ويو، ان جي جاءِ تي خواجہ ناظ۾ الدين وزير اعظم مقرر ٿيو ۽ چوڌري غلام محمد جيڪو سرڪاري ملازم هو ان کي گورنر جنرل پاڪستان مقرر ڪيو ويو.
26 جنوري 1952ع قرارداد مقاصد جوڙڻ لاءِ دستور اسيمبلي سفارش ڪئي تہ پاڪستان جي واحد سرڪاري زبان اردو ڪئي وڃي. جنھن تي وري ٻيھر مشرقي پاڪستان ۾ غم ۽ غصو ڇانئجي ويو ۽ 21 فيبروري 1952ع تي وري زبان جي مسئلي تي بنگال ۾ مظاهرا ٿيا ڪيئي شھادتون ٿيون ۽ اتي يادگار شھيد مينار قائم ٿيو هينئر اقوام متحدہ پاران بنگالين جي تحريڪ ۽ قربانين جي سبب ان ڏينھن کي مادري زبان جي ڏينھن طور ملھايو وڃي ٿو.
11 مارچ 1954ع بنگالي کي اردوءَ سان گڏ قومي زبان تسليم ڪيو ويو.
14 آڪٽوبر 1955ع پنجاب سرحد بلوچستان ۽ سنڌ گڏ ڪري ون يونٽ ٺاهيو ويو، جنھن کي مغربي پاڪستان جو نالو ڏٺو ويو ۽ ون يونٽ جوڙي ٻئي حصي کي مشرقي پاڪستان جو نالو ڏنو ويو جيئن تہ سنڌ 1943ع ۾ انگريزن بحيثيت هڪ آزاد مملڪت جي ختم ڪئي وئي هئي ۽ ان کان پوءِ انگريزن سنڌ تي بمبئي پريزيڊنسي سان مدغم ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ مسلسل جدوجھد کان پوءِ1935ع ۾ سنڌ کي صوبائي حيثيت ڏني وئي هئي جيڪا بہ هينئر 7 سيپٽمبر 1955ع تي ختم ڪئي وئي ان ۾ ڪيترن اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سنڌ جي سرواڻ ليڊر محترم خان بھادر محمد ايوب کھڙو ۽ پير علي محمد شاھہ راشدي جو ڪردار ناقابل تعريف آهي،
29 فيبروري 1956ع چوڌري محمد علي جيڪو هڪ سرڪاري ملازم هو ۽ تاڦيل وزيراعظم پاڪستان هو انھيءَ جي سازشن سان ون يونٽ مسلط ٿيو هو. ان هڪڙو آئين پاس ڪرايو هو جنھن ۾ پيرٽي متعارف ڪرائي، جنھن جي مطابق ٻن بنگالين کي هڪ ووٽ ۽ مغربي پاڪستان جي هڪ ووٽ جي برابر ڪيو ويو. 27 آڪٽوبر 1958ع تي جنرل ايوب خان 1956ع جو آئين منسوخ ڪري مارشلا مسلط ڪئي.
سيپٽمبر 1965ع هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ۽ شيخ اياز کي گرفتار ڪيو ويو.
6 فيبروري 1966ع شيخ مجيب الرحمان پنھنجا ڇھہ نقطا متعارف ڪرايا.
28 فيبروري 1969ع يحى خان ون يونٽ ختم ڪري ڇڏيو.
25 مارچ 1969ع فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جنرل آغا محمد يحى خان کي حڪومت حوالي ڪئي جنھن پڻ مارشلا هنئي.
1969ع شيخ، رشيد ڀٽي، شيخ اياز ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شيخ اياز کي ساهيوال جيل موڪليو ويو. 1969ع ۾ رشيد ڀٽي کي ملٽري ڪورٽ مان هڪ سال جي سزا لڳي جنھن ۾ حسن حميدي ۽ ڊاڪٽر اعزاز جو ڪردار مشڪوڪ رهيو.
1 جنوري 1970ع چونڊون ٿيون جنھن ۾ شيخ مجيب الرحمان وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي آيو ۽ ڀٽو صاحب مغربي پاڪستان ۾ اليڪشن کٽي عوامي ليگ مشرقي پاڪستان ۾ 162 مان 160 سيٽون مليون ۽ پيپلز پارٽي کي مغربي پاڪستان ۾ 81 سيٽون مليون.
21 مئي 1970ع ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي فوت ٿي ويو جنھن جي جنازي ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو شريڪ ٿيو.
1971 هندساتن ۽ پاڪستان جي جنگ جي نتيجي ۾ ۽ بنگال جي عوام جي ساٿ ۽ مرضيءَ سان مشرقي پاڪستان، پاڪستان کان الڳ ٿي بنگلاديش ٿي ويو.
4 اپريل 1977ع فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق 1973ع جي عوامي ۽ جمھوري آئين معطل ڪري مارشل هنئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري کيس گرفتار ڪيو.
4 اپريل 1979ع محترم شھيد ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ ڦاسي ڏني وئي، ان جڙتو عدالت جي فيصلي کي اڄ تائين ڪنھن بہ عدالت يا عوام قبول نہ ڪيو آهي.
16 فيبروري 1988ع ڪافي علالت کان رشيد ڀٽي وفات ڪري ويو.
25 اپريل 1995ع سائين جي ايم سيد وفات ڪري ويو.
28 ڊسمبر 1997ع شيخ اياز وفات ڪري ويو ان ڏينھن حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ اجلاس ۾ شيخ اياز مخاطب ٿيڻو هو، پر سندس اوچتي وفات جي ڪري ان کي تعزيتي اجلاس ۾ تبديل ڪيو ويو. هونئن تہ شيخ اياز مون کي ٻڌايو هو تہ هن وصيت ڪئي آهي تہ سندس وفات جي صورت ۾ کيس ڪراچيءَ ۾ عبدﷲ شاھہ غازيءَ جي ڀرسان دفنايو وڃي پر اياز جي پٽن جي غير موجودگي ۾ سندس گھرن دوستن ڀڄ ڊڪ ڪري ۽ سيڪريٽري ڪلچر جي ڪوششن سان ڀٽ شاھہ تي دفنايو ويو. مون کي ائين لڳو جيئن دهليءَ ۾ غالب جي مزار خواجہ نظام الدين اولياءَ جي نزديڪ آهي ۽ خواجہ نظام الدين تي 24 ڪلاڪ زائرين نظر ايندا ۽ غالب جي مزار نڌڻڪي، اڪيلي ۽ مٽيءَ جي جهلن جي حوالي ٿيل آهي. ساڳي ريت شاھہ لطيف تي هزارين پانڌيئڙا نظر ايندا ۽ اياز تي فقط ڪنھن مخصوص ڏينھن ڪي مخصوص اديب سندس سار سنڀال لھندي نظر ٿا اچن. سندس اولاد تہ خبر ناهي ڪٿي آهي.
25 نومبر 1999ع تنوير عباسي اسلام آباد ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس گهرواري ۽ ان جي پٽ ڪيترن عزيزن، دوستن ۽ چاهيندڙن جي منشا جي خلاف اسلام آباد جي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو، جتي تنوير جي قبر هڪ گمنام ۽ نڌڻڪي حيثيت ٿي رکي.
27 ڊسمبر 2007ع محترمہ بينظير ڀٽو، راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ شھيد ڪئي وئي.