هند ياترا
وينا، عورتن جي ”مارئي“ نالي هڪ ايسوسيئيشن ٺاهي آهي ان ”مارئي“ ايسوسيئيشن جي طرفان دهليءَ ۾ ڪئين ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون آهن. نيٺ مان وينا جي قرب جي ڪوٺ تي دهليءَ لاءِ سنبريس. انھن ڏينھن ۾ انڊيا جو سفارتخانو ڪراچيءَ ۾ بہ هوندو، وينا اسان جي ويزا جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو، سو سفارتخاني وارن فضيلت سان گهرائي ويزا هڻي ڏني. باقي اسان جا پاڪستاني ڀائر سفارخاني جي مڙني دروازن وٽ سادن ڪپڙن ۾ موجود هئا. سو فقط سنڌين جي ڪڍ ڊوڙندا ٿي وتيا. ”او ڀائو، هيڏانھن اچ، ڇو ٿو وڃين ڀارت، تون ڪير آن، “ وغيرہ جھڙا سوال پڇي نھايت بدفضيلتي نموني ستائيندا ٿي وتيا.
23 آڪٽوبر 1991ع تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز ذريعي دهليءَ لاءِ روانو ٿيس. ايئر پورٽ تي ڄام ساقي بہ مليو ۽ اهو بہ اوڏانھن ٿي ويو. مون کي ويزا فقط دهليءَ جي ملي هئي. سا بہ پوليس رپورٽنگ سان، يعني دهلي لھڻ شرط پوليس اسٽيشن وڃي اطلاع ڪرڻو هو تہ ”مان آيو آهيان.“ ڄام ساقيءَ کي سڄي هندستان گهمڻ جي اجازت هئي سا بہ بغير پوليس رپورٽنگ جي. اسان کي ايئرپورٽ تي وينا جو ڀاءُ راجو ۽ مس ائن آڏواڻي وٺڻ آيا هئا. اسان سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي خاندان جون ڪي عورتون بہ لٿيون. مس آڏواڻي انھن کي پاڻ سان وٺي وئي. شيخ عبدالمجيد سنڌي هندوءَ مان مسلمان ٿيو هو ۽ مس آڏواڻي چواڻي هو سندس ”ڪزنس“ هيون. ڄام پوءِ ٻڌايو تہ هو هندستان ايندو ويندو هو ۽ وينا وٽ هميشہ ديرو ڄمائيندو هو. هونئن بہ ڄام جو ڳوٺ ٿر ۾ هندستان جي شھر ”ٻاڙمير“ جي سڏ پنڌ تي آهي.
اسان کان اڳ انعام، حميد سبزوئي ۽ ٻيا نوجوان اديب ۽ شاعر اتي پھتل هئا. وينا شرنگي، مارئيءَ جي معرفت ”شاھہ، شچل، سامي سيمينار ڪاٺايو هو. اسان ان ۾ شريڪ ٿيڻ وياسون. اسان کي وينا دهليءَ جي هڪ پوش علائقي ”اندر پوري“ ۾ هڪ خالي بنگلي ۾ رهايو. وينا جو گهر بہ ان جڳھہ جي ويجهو هو، وينا جو گهر چار سؤ والن تي ٺھيل هڪ ننڍو بنگلو هو جتي اسان رهياسون. اها هڪ ڪرسچن جي جڳھہ هئي. هن جو سمورو خاندان آسٽريليا هليو ويو هو. هو هي بنگلو وڪرو ڪرڻ لاءِ اڪيلو فقط چڍي ۽ چمپل ۾ ويٺو هو. سندس فقط هڪ سک دوست هو، جنھن سان ٻاهر ڪرسي وجهي ڪچھري بہ ڪندو هو ۽ اخبار بہ گڏجي پڙهندا هئا جيڪا اخبار واري کان ٿوري دير لاءِ اوڌاري وٺندا هئا ۽ بنا پئسي باخبر ٿي کيس موٽائي ڏيندا هئا. بنگلي جي مالڪ کي هڪ ٻي سھولت هئي تہ رستي واري پاسي کان هڪ ساوڪ جي ڪنڊ هئي، جنھن کي جهنگلو ڏنل هو ۽ ان جهنگلي کي هڪ ننڍو لوهي دروازو هو. هڪڙو سبزي وارو رات جو سبزي وارو ريڙهو ان جهنگلي ۾ واڙي زنجير هڻي ڇڏيندو ان ڳالھہ ڪري سبزي وارو هڪ ڏينھن جي سبزي مالڪ مڪان کي مفت ڏيندو هو. سومدا هن ڪرسچن جو نہ ڪپڙن جو خرچ هو نہ مانيءَ جو سندس بنگلي جو هُن چواڻي ان وقت ستر يا اسي لک کان مٿي ملھہ هيو، جيڪو هو وڪڻي آسٽريليا هليو ويندو، جتي سندس پٽ هن جو انتظار پيا ڪن.
ايتري ۾ هڪ ٻي فيملي بہ اتي اچي وئي. مرحوم پروفيسر محمد احمد ميمڻ حيدرآباد جي ڪنھن لا ڪاليج جو پرنسيپال بہ هو، هو بہ پنھنجي ڌيءَ ۽ ڏوهٽي سميت اچي لٿا، بنگلي جا چار ڪمرا هئا ۽ هڪ ڊرائينگ هال، ٻن ڪمرن ۾ کٽون هيون، باٿ رومن جو بہ حال ڪونہ هو، ڊرائينگ روم بلڪل خالي، حقيقت ۾ اهو بنگلو وڪامڻ لاءِ خالي هو. هي تہ وينا جي سڏايل سيمينار جي ڪري ڪجهہ ڏينھن لاءِ آباد ٿيو هو. سو ميمڻ صاحب وارن کي رهائش پسند ڪونہ آئي. سندس فرزند شايد پاڪستان جي پرڏيھي وزارت ۾ وڏي عھدي تي هو سو هن سندن انتظام دهليءَ جي ڪنھن سٺي ”هائوس“ ۾ ڪرايو. باقي بچيا ٽي ڇوڪرا، ڄام ۽ مان، سو اتي رهي پياسون. ماني وينا جي گهر وڃي کائيندا هئاسون.
سيمينار کان اڳ وينا اسان جي جشن واسواڻي سان ملائڻ وٺي وئي، ڪجهہ مھمان جتي اتم ۽ سندري بہ هئا جن کي دهليءَ جي پاليڪا سينٽر ۾ رهايو ويو هو. پاليڪا سينٽر ۾ هڪ هال جتي اجتماعي ماني جو بندوسبت هو، ان ۾ سؤ کان مٿي مھمان ماني کائي ٿي سگهيا، اتي مھمانن لاءِ رهائش جو جوڳو بندوبست هيو. هي ماڳ روڊ تي هيو، اهي سمورا مھمان گڏجي هڪ نئين ٺھيل هاءِ اسڪول پھتاسون. اسڪول تمام وڏو هيو، ٻڌايو ويو تہ ان اسڪول ۾ انگريزيءَ سان گڏ مادري زبان ۾ بہ لازمي تعليم ٿي ڏني وئي ۽ سنڌي مضمون کڻندڙ شاگرد کي في ۾ ڪافي رعايت مليل هئي. سنڌي هونئن بہ هندستان جي قومي زبانن مان هڪ آهي ۽ حڪومت پنھنجي بجيٽ ۾ جيترا هندي ۽ انگريزي لاءِ پئسا ٿي رکيا اوترا ئي سنڌيءَ لاءِ ٿي رکيا. هونئن تہ ڇڙو بمبئيءَ ۾ ڇھہ يا ست سنڌي ميڊيم هاءِ اسڪول هيا. پونو تہ ڄڻ سڄو ئي سنڌين جي حوالي هيو. جشن واسواڻي سنڌ مان ويل سنت گهراڻي جو معتبر شخص آهي. هنن پوني ۾ پنھنجي رهائش ڪئي آهي جتي سندن اسپتالون، اسڪول ۽ ٻين ڌرمي ڪمن جو سينٽر آهي. واسواڻي کي وڏي عزت مليل هئي. تعليم جي مرڪزي وزير ڪا محترم واسواڻيءَ جي عزت افزائي لاءِ آيل هئي. اسڪول ۾ اسان کي پري کان پير اگهاڙا ڪرايا ويا. اسان جا بوٽ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي مان سان ورتا ۽ سنڀاريا.. شاگردن کي اسڪول جو يونيفارم مھريل هو ۽ هو وڏي ڊسيپلين سان قطارون ڪيون هر مھمان جو آڌر ڀاءُ پيا ڪن. شام جو پھر هيو، هڪ وڏي ميدان ۾ ننڍي اسٽيج ٺھيل هئي. جتي واسواڻي صاحب کي ليڪچر ڏيڻو هيو، اٽڪل ٻہ يا ٽي هزار ماڻھو اڇا ڪپڙا پھريل موجود هيا. طبلي ۽ هارمونيم تي ڇوڪرين ۽ ٻين عورتن اڇي رنگ جي ساڙهين ۾ ويٺي ڀڄن ۽ گيت ڳايا.
فرشي نشست هئي، سو اسان کي بہ ان اسٽيج جي ويجهو ويھاريو ويو. ڪجهہ وقت کان پوءِ جشن واسواڻي جن آيا ۽ ان جي تعظيم ۾ سڀ اٿي بيٺاسون. واسواڻي اسان کي هٿ ٻڌي پرنام ڪيو. هي هڪ نٻل ۽ منھن تي وڏي مرڪن ڀريل شخصيت آهي. سندس اکيون اندر ۾ پيھي وڃڻ واريون هيون. واسواڻي شاھہ لطيف جي ڪنھن سٽ کي کڻي پھريائين سنڌيءَ ۾ ۽ پوءِ هنديءَ ۾ ليڪچر ڏنو. چاليھہ منٽن جو ليڪچر هو ۽ پوءِ هو اسڪول جي اندر هليو ويو جتي اسان کي اڪيلو ملايو ويو. اهو ڄڻ اسان لاءِ وڏو اعزاز هيو.
ان کان پوءِ ٻي ڏينھن صبح جو دهليءَ جي انٽرنيشنل ڪلب ۾ ڏهين وڳي سيمينار شروع ٿيو. اها ڪلب گرائونڊ فلور تي هڪ وڏي عمارت آهي جنھن ۾ ڪيترا وڏا هال ٺھيل آهن. هر هڪ هال ۾ ڪي سياسي، ڪي سماجي، ڪي مذهبي گڏجاڻيون هلي رهيون هيون. اسان کي بہ هڪ هال مليل هو. هن عمارت جي چوڌاري ڪئين ايڪڙن تي باغ هيو جنھن ۾ مختلف لانن ۾ ڪي سياسي جلسا هلي رهيا هئا. ڪجهہ حڪومتي بہ هئا. سڀ پنھنجي پروگرامن مطابق پرامن طريقي ۽ سليقي سان ٿي هليا. نہ نعريبازي، نہ لٺبازي، وزير آيا ويا ٿي پر کين فقط اڇي ڪار جنھن تي سلڪي جهنڊو هيو، نہ پروٽوڪول نہ باڊي گارڊ، نہ وري ڪي سيڪيورٽي لاءِ ڪمپائونڊ پوليس سان وڪوڙيا ويا هئا. ائين پئي آيا ويا ڄڻ رواجي ماڻھو هجن. خود اسان جي سيمينار جي هر نشست ۾ هڪ وزير هوندو هو. نہ توتارا نہ نغارا. هتي تہ هنن اسان جي اڌ پوليس پروٽوڪول ۾ سيڙائي ڇڏي آهي. ان سيمينار ۾ اسان وينا جي چوڻ تي حڪومتي اهلڪارن کان آگگري، جئپور ۽ اجمير شريف وڃڻ جي اجازت ورتي جيڪا هنن بنا دير منظور ڪري ڇڏي ۽ پاسپورٽ وينا وٺي وئي ۽ پوليس رپورٽنگ ويزا هڻائي آئي.
ٽي ڏينھن سيمينار هليو. اسان روزانو منجهند جي ماني کائڻ پاليڪا سينٽر ويندا هئاسون، هڪڙي بس اسان کي کڻڻ ايندي هئي ۽ وري واپس وڃي سيمينار ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين. رات جو وري ڪڏهن سٺي هوٽل ۾ يا ڪڏهن ڪنھن سنڌيءَ جي دعوت ۾ شريڪ ٿيندا هئاسون. اسان سان ميان غوث محمد پيرزادو ڪوٽڙي ڪبير وارو بہ پنھنجن ٻن مريدن سان گڏ هيو، اسان کي خبر نہ هئي تہ اسان سان گڏ راجسٿان جو هڪ هيلٿ منسٽر جيڪو سنڌي هيو ڪٺو هيو. همراھہ هڪ ٿيلھو هٿ ۾ کنيو ٿي هليو. آخري ڏينھن هن جي اڇي ڪار آئي جنھن ۾ هو چڙهيو، ”توهان ڇا ڪندا آهيون؟“ مون کانئس اچرج مان پڇيو. ”مان هيلٿ منسٽر آهيان.“ هن کلي ورندي ڏني. ” اچو تہ توهان کي راجسٿان گهمايان“ هن يار موٽ ۾ راجسٿان گهمڻ جي دعوت ڏني، پوءِ فضيلت سان ڀاڪر پائي موڪلائي هليو ويو.