معياري تعليمي ادارن جي قيام لاءِ جاکوڙ
رشيد ڀٽي مايوس ڪونہ ٿيو ۽ ٻيو پراجيڪٽ کڻي آيو. ﷲ بخش سومرو سکر جو ڪمشنر ٿي آيو. سکر ثقافتي سوسائٽي ٺاهي سون. ڪمشنر صاحب ان جو سربراھہ ۽ باقي سمورا ڊپٽي ڪمشنر ۽ سنڌ سڌارڪ دوست ڪَٺا ڪياسون. سنڌ جا ماڳ ۽ مڪان بچائڻ جو شوق ٿيو، سکر جون ويران لائبريريون آباد ڪجن. گهنٽا گهر، پير الاهي بخش ٽاور گهڙيال وري هڻجن، بندر روڊ صاف ڪرائجي، ستين جو آستان، زندھہ پير ۽ معصوم شاھہ جو منارو ٺيڪ ٺاڪ ڪجن. مير عبدالباقي، مير مڪي شاھہ هفت گنبذ جي سنڀار لھجي. بکر جي قلعي ۾ هڪ سٺو آڊيٽوريم ٺھرائجي.
ان زماني ۾ مرحوم ڀٽي صاحب جي حڪومت اچي چڪي هجي. حفيظ پيرزادي صاحب سان رابطو ڪري ورتوسين. ان طرح جي مدد ڪرڻ جي دلجاءِ ڏني، پوءِ اتان واندا ٿي خدا آباد، روپا ماڙي کان وٺي سڄي سنڌ جا ماڳ مڪان سنڀالڻا هئا.
هڪ دفعي ثقافتي سوسائٽي جي ميٽنگ منھنجي گهر ۾ ئي. ﷲ بخش سومرو، اعجاز قاضي جيڪو ان وقت شھر جي ميونسپالٽيءَ جو ايڊمنسٽريٽر بہ هو ۽ ٻيا سڀ معزز ميمبر بہ آيا، ميٽنگ کان پوءِ سومري صاحب منھنجي جڳھہ ڏسي پڇيو، تہ هيءَ ڪنھن جي آهي؟ ”مسواڙي آهي“ مون وراڻيو، ”ڇو؟“ هن عجب مان پڇيو، ”مون کي پلاٽ ڪير ڏيندو، آغا شھاب پنھنجي ايام ڪاري ۾ سکر جا روڊ بہ وڪرو ڪري ڇڏيا هئا. اها ”ڪھڙي ڳالھہ آهي جيڪڏهن مان ڪنھن مسواڙي جڳھہ ۾ گذاريويس. ماڻھو، پلين هيٺان پائيپن ۽ فوٽ پاٿن تي ٿا گذارين.“ قاضي اعجاز ڪمشنر صاحب کي چيو: ” جي اوهان اجازت ڏيو تہ ما هن کي هڪ پلاٽ ڪڍي ڏيان.“ اعجاز مون کي ادب وچان ادا چوندو آهي جو مان سندس وڏي ڀاءَ مرحوم اشفاق جو دوست هيس. اشفاق، حميد جي معرفت دوست ٿيو هو ۽ روح رهاڻ ۾ ”جوڳيءَ جي ڊائري“ نالي آرٽيڪل لکندو هو، سو ﷲ بخش سومري جي اجازت سان هڪ پلاٽ قاضي اعجاز مون کي ڪڍي ڏنو، جيڪو مون پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران منظور ڪرايو ۽ قاضي قبضو بہ سرڪاري طور ڏنو، پلاٽ کي چار ديواري بہ هئي ۽ هڪ ڪمرو بہ ٺھيل هو، مان ان ۾ آفيس ٺاهي ويھي رهيس. اڃان مان داخل مس ٿيس تہ چار پنج همراھہ هٿيارن سان اندر داخل ٿيا، ان سياسي پارٽيءَ جي سکر سورمن اهي ماڻھو موڪليا هئا جو هو اها ڳالھہ برداشت نہ ڪندا، تہ سندن مٺ گرم ڪرڻ کان سواءِ ڪيئن ٿو، ڪنھن بي گهر کي گهر ملي. سو بہ هڪ سنڌي اديب کي! سو مون وٽ بہ ڪاٽڪو ڪنھن ڪيس جي سلسلي ۾ آيا هئا. هو هڪٻئي کي سڃاڻيندا هئا. ڪاٽڪن، هڪ ٻئي سان ڪنن ۾ ڳالھايو ۽ هو هليا ويا. خبر اها پئي تہ هنن کي پلاٽ جو قبضو کسڻ لاءِ موڪليو ويو هو.
منھنجو پراڻو دوست برادرم رحيم بخش مھر جيڪوپڻ ادب جو شوق رکندو آهي، مدد طور ايندو رهندو هو، پاڻ سان گڏ بشير ڪمانگر کي بہ وٺي آيو، بشير هڪ پورهيت نوجوان هو. هن جو هوٽل ۽ گهر گڏ هئا، جتي هو ٽن بيروزگار ڀائرن ۽ پوڙهي پيءُ ماءُ سان گڏ رهندو هو. بشير کي بہ ان سياسي سربراھہ دڙڪو ڏنو هو تہ يا هوٽل اڌو اڌ يا دربدر! ايتري ۾ ٻي مصيبت اچي ڪڙڪي. جناب ضياءُ الحق صاحب جو اسلامي مارشل لا لڳي ويو. هن ڀٽي صاحب جي دور جا سمورا منظور ٿيل پلاٽ رد ڪري ڇڏيا. پر پوءِ ڪراچيءَ وارن جي گوڙ ڪرڻ تي اهو اعلان واپس ورتائين وري واپڊا وارا منھنجي پلاٽ تي مڇرجي پيا. مون قرض پکو وٺي جڳھہ ٺھرائڻ شروع ڪئي تہ والد صاحب هڪ نوٽس هٿ ۾ ڏنو، ميونسپالٽي وارن ڪم بند ڪرڻ لاءِ چيو هو جو واپڊا وارن پلاٽ تي پنھنجو حق ٻڌايو هو.
ڪڏهن فوجي پيا اچن، ڪنھن مھل ڪير، مون نيٺ غياث جوڻيجي جي صلاح سان سول ڪورٽ ۾ ڪيس ڪري جان ڇڏائي غياث ان وقت سکر جو ڊپٽي ڪمشنر هو. منھنجي ڏاڍي مدد ڪيائين. نيٺ منھنجو گهر ٺھي ويو ۽ مان گهر وارو ٿي ويس. ان تي سکر جي هڪ سينيئر وڪيل مرحوم رحمت علي نقوي ڏاڍو جملو چيو. ”اسان تہ توکي هڪ لفنگو سمجهندا هئاسون، پر تون تہ گهر ٿو ٺھرائين.“
ويچارو بشير ڪمانگر جيڪو هڪ هوشيار رازو هو ان ڏينھن رات ڪري منھنجي جڳھہ تيار ڪئي. رحيم بخش مھر بہ ان سان ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺو. هڪ طرف بشير پنھنجي گهر کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ هو ٻي طرف رحيم بخش سان بہ ساڳي مصيبت هئي. ٽين طرف منھنجي جڳھہ بہ انھن دوستن پئي سنڀالي، اجهي، اٽي ۽ لٽي جو خواب اتي پورو ڪيوسين، مان اهي سڀ معاملا ڪورٽن ۾ کڻي ويس. اونھاري ۾ مون بشير ۽ رحيم بخش مھر جي صلاح سان مسواڙي جاءِ خالي ڪري ڇڏي ۽ ٻارن کي ڪوئيٽا وٺي ويس. فيصلو اهو هو تہ هڪ ٻن مھينن ۾ جڳھہ مڪمل ٿي ويندي. مون آخر ۾ بشير کي سکر بار جي پٽيوالي معرفت گهرائي ٽيليفون تي حال احوال ورتو، هن ٻڌايو تہ جڳھہ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ مان اچي رهي سگهان ٿو. بشير جيئن ئي مون کي فون ڪري واپس ٿي آيو تہ ڪي شاهينگ سندس تاڙ ۾ ويٺل هئا، کيس پستول هڻي قتل ڪري ڇڏيائون. قاتل پھچ وارا هئا. هي غريب پورهيت هو. سندس گهر بہ کسجي ويو. هوٽل بہ ختم ٿي ويو. بشير جي زال بيواھہ ۽ هڪ نياڻي يتيم ٿي وئي. ڪيس جي پيروي نہ هجڻ ۽ شاهد بہ ڪمزور هجڻ سبب بشير جي موت کي ڪاغذن ۾ ئي دفن ڪيو ويو، داداگير کٽي ويا، ڪوڙ ۽ ڏاڍ سوڀ ماڻي، هيڻو ۽ ڪمزور هارجي ويو.
وري مون پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪي سرگرميون شروع ڪيون، ان وچ ۾ منھنجو والد صاحب راھہ رباني وٺي ويو. هڪ برجستو ماڻھو هو. اسان جي مٿان ڄڻ ڇت اڏامي وئي پر امڙ جي هنج ۾ اچي ويٺاسون، جيڪا اڃا حال حيات هئي. مھراج سيتداس هڪ سڌارڪ برهمڻ هو. کيس پني عاقل ۾ ڪافي جائيداد هئي. هن پنھنجي سموري ملڪيت وڪڻي هڪ هاءِ اسڪول ٺھرايو، جيڪو اڄ بہ قائم آهي. هن سڀ ڪجهہ دان ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ڪمري ۾ گذاري ويو.
مھراج سان گڏ مرحوم انور الدين شيخ جيڪو تعليم کاتي ۾ استاد کان پوءِ بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ۾ ڪنٽرولر جي نوڪري تان جلد رٽائر ٿي اچي مون سان گڏ ٿيو. مھراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي ٺاهي سون. غياث جوڻيجي جي مدد سان هڪ گرلز هاءِ اسڪول منظور ڪرايوسين. آخر ۾ هڪ ٻارهين درجي تائين وڏي اسڪول جو منصوبو جوڙيوسين. اسڪول لاءِ پلاٽ هڪ ڪامريڊ شفيع پنجابي اوڌر تي ڏنو. 180 ڪلاس خيرات ۾ ٺھي ويا. يعني هر ماڻھو پنھنجي وڏڙن جي نالي سورنھن هزار رپيا خيرات ۾ پيو ڏئي جنھن مان ڪلاس روم ٺھي تيار ٿي ويو ۽ ان جي يادگار تختي هر هڪ ڪلاس تي پي لڳي. سوسائٽي جي ميمبرن جن ۾ رحيم بخش مھر، ڊاڪٽر هري لعل، محمد پنجل مھيسر، محمد نواز ڀٽو، محمد عالم عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي مرحوم انور الدين پنھنجي سموري زندگي ان اداري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هينئر ويجهڙائي ۾ فوت ٿي ويو آهي پر ادارو ٺاهيو ويو جنھن ۾ ساڍا ٽي هزار شاگرد پڙهن ٿا . محترم بينظير ڀٽو سٺ لک رپيا چندو ڏنو. عبدﷲ شاھہ سنڌ جي چيف منسٽر هڪ ڪوسٽر بس بہ وٺي ڏني. تمام معمولي في تي اعلى درجي جي تعليم ۽ با اصول تربيت جو مرڪز ٺھيل آهي. مان پھريائين چيئرمين هئس. پوءِ مسٽر عباسي چيئرمين ٿيو. هي ادارو غريب، وچولي طبقي وارن ۽ اميرن لاءِ بہ سستي، هڪ جھڙي تعليم ۽ تربيت ڏئي رهيو آهي. مادري زبان سان گڏ انگلش ميڊيم بہ آهي. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجي اخلاقي حدن اندر تعليم ٿا حاصل ڪن. اهو ڪم هر هنڌ ٿي سگهي ٿو، پر نيت صاف تہ مرادون حاصل.