وينا شرنگي
اٽڪل پندرهن ڏينھن کان پوءِ ويزائون اچي ويون، جنھن ۾ اسان کي فقط هڪ شھر دهلي مليو هو، جتي اسان کي ڏهن ڏينھن جي رهڻ جي اجازت ملي هئي، اها بہ پوليس رپورٽنگ سان يعني جئين دهلي پھچون تہ پھريائين پوليس هيڊڪوارٽر تي وڃي پنھنجي پھچڻ جي خبر ڏيون ۽ ٻڌايون تہ ڪٿي ترسيل آهيون، وري جڏهن دهلي مان نڪرون تہ وري پوليس هيڊڪوارٽر کي اطلاع ڏيون تہ اسان ڀارت مان واپس وڃي رهيا آهيون. هيڏو سارو ڪرايو ڀرڻ کان پوءِ بہ فقط هڪ شھر سو بہ هن حالت ۾ پھريان سوچيم تہ جيڪر نہ وڃان پر وري سوچيم تہ واعدو ڪري ويٺو آهيان ۽ هنن ڪارڊ بہ ڇپرائي ڇڏيا هوندا. ان کان اڳ سنڌي ساهتيا وارن وٽ ڪافي پئسو آهي ۽ انھن جا مرد ميمبر پارليامينٽ جناب ڪيسواڻي صاحب ڪري رهيو هو. مون کي جيڪو وينا ٻڌايو اهو سبب هي هو تہ جڏهن ڪو گروپ ويزا لاءِ درخواست ڏيندو آهي تہ هن کي ڪافي سھولتون ملنديون آهن، جيئن جو مان گروپ کان الڳ ٿي اڪيلي سر درخواست ڏني هئي، ان ڪري مون سان اها حالت ٿي هئي.
هڪ ٻيو سبب بہ هو، مون کي اها ڄاڻ ڪانہ هئي تہ مون کان سواءِ ٻيو ڪير هلي رهيو آهي تہ مان بہ ان گروپ ۾ شامل ٿي وڃان ها. مون کي بعد ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي خبر پئي تہ اسان کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترائي ڊيليگيٽ هئا ۽ اسان جو ليڊر محترم ڊاڪٽر سليمان شيخ هو ۽ هنن گروپ جي حيثيت ۾ ويزا لاءِ درخواستون موڪليون هيون پر انھن کي فقط دهلي ۽ آگرو ٻہ شھر گهمڻ جي اجازت ملي هئي، باقي پوليس رپورٽنگ معاف.
اڳ گهمري اسان جو ليڊر برادرم قمر شھباز هو، جيڪو مسلسل مون سان رابطي ۾ هو. هن دفعي ڊاڪٽر سليمان شيخ مون سان ڪوبہ رابطو نہ ڪيو، شايد ان کي منھنجي هلڻ جي ڄاڻ ڪانہ هئي ۽ هو مون کي ايئرپورٽ تي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو، بھرحال جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو.
اسان هتي ٻہ ڏينھن اڳ ڪراچي وياسون ۽ 24 جون واري فلائيٽ لاءِ ايئرپورٽ پھتاسون، اتي اسان کي ڊاڪٽر سليمان شيخ، نظير ناز، نجمہ شيخ، مھرالنساءِ، شفيع فقير، محمد خان سيال، فقير محمد لاشاري جي ڌيءَ ۽ عبدﷲ جيسر مليا. بعد ۾ سيد خادم حسين شاھہ بہ اچي دهلي پھتو.
ڪل ڏيڍ ڪلاڪ جي اڏام کان پوءِ هوائي جھاز دهلي جي اندرا گانڌي انٽر نيشنل ايئرپورٽ تي لٿو. ڪجهہ سرڪاري فارم جھاز ۾ مليا، جيڪي ڀرياسون، ڊارون جي مطابق انسان پھريائين جانور هو، ان جانور کي انسان ٿيڻ ۾ صديون لڳيون ۽ ان انسان کي جانور ٿيڻ ۾ هڪ گهڙي بہ نہ ٿي لڳي. منھنجو خدا تنھنجي خدا کان وڏو آهي، تون هندو آن، مان مسلمان آهيان، ساڳيا ماڻھو، ساڳي رنگ، نسل ۽ تھذيبن جا وارث، انگن اگهاڙا، پيٽ بکيا، ڪاتيون، تلوارون، تمنچا کڻي هڪٻئي کي ماريندا وتن، ڪرفيو لڳا، رت جا درياھہ وهيا، انگريز هندوستان کي تہ آزاد ڪيو پر لکين انسان قتل ڪرائي، هندوستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ورهاڱو ڪيو، ان ورهاڱي ۾ ٻيو تہ ٺھيو پر چريا بہ ورهايا ويا تہ هي پاڳل هندو آهي. هندوستان وڃي ۽ هي چريو مسلمان آهي. پاڪستان وڃي، نہ بھتر مسلمان اسان ٿي سگهياسون ۽ سٺا هندو هو ٿي سگهيا، دهلي اچي وئي، ملڪ صاحب اٿو، اهو آواز ڊاڪٽر سليمان شيخ جو هو، جنھن مون کي سجاڳ ڪيو،
ايئرپورٽ تي لائونج ۾ سامان کڻي مون پھريائين هندوستان بئنڪ جي ڪائونٽر ڏانھن رخ ڪيو، مون سان گڏ ٻيا بہ هئا، مون کي پٽن ڊالر ڏئي ڇڏيا هئا، جيڪي هنن پاڪستان مان في آمريڪي ڊالر ايڪهٺ رپيا سٺ پئسن ۾ ورتو هو، انڊين وارن في ڊالر اٺٽيھہ رپيا ستر پئسن ۾ ورتو. واھہ شوڪت عزيز واھہ، دل مان دعائون ٿي نڪتيون، ڏيڍ ڪلاڪ ۾ اسان جي اقتصادي پاليسي جو پٽڙو ٿي ويو، بلڪہ ڪارو منھن ٿي ويو. اسان وارن سؤ روپين جا پنجاھہ رپيا بہ ڪونہ ٿي مليا، گهڙي پل ۾ اسان هڪ غريب ملڪ مان آسودي ملڪ ۾ اچي پھتاسون. 1983ع ۾ مون پاڪستان مان ساڍن نون روپين ۾ ڊالر ورتو هو ۽ ڀارت ۾ ٻارهن يا تيرهن رپين ۾ ڏنو هو ۽ وري 1989ع ۾ ٻاويھن رپين جو ڊالر پاڪستان مان ورتم ڀارت ۾ ٽيٽيھہ رپين ۾ ڏنو هيم، هينئر هي حالت هئي.
وينا شرنگي سندس ڀيڻ شالني ساگر، سندس ڀاءُ راجو اسان کي ايئرپورٽ تي وٺڻ آيا هئا، اسان جو سامان گاڏين ۾ چاڙهيو ويو، وينا ۽ شالني سڀني سان مليون. مون سندس تعارف پنھنجي ڌرم پتني سان ڪرايو، ڏاڍيءَ محبت سان مليس. گاڏين تي چڙهي جڏهن شھر ڏانھن هلياسون تہ رنگ جا موچارا ماڻھو، سادن ڪپڙن سان مرد ۽ مايون پينٽن، شرٽن، سوٽي ساڙهين ۾ سانوريون مايون ويڙهيل نٻل ۽ سنھڙا اسڪوٽرن تي رڪشائن تي، سائيڪلن تي، نون پراڻن اڌوراڻن موٽرن تي انسان اگهاڙا، پير ننگا، اڻڀن وارن ۾ گداگر ٻار رستن تي ڳڀي جي ڳولا لاءِ هزارن ۾ ڪٽڪ پيا هلن. ڪٿي جهنگ، ڪٿي آبادي ڏسي منھنجي گهرواريءَ چيو اهو آهي، هندوستان. مون کيس جواب ڪونہ ڏنو. اسان جي ڪراچي جي لاهور جو ۽ اسلام آباد وارا ايئرپورٽ سجايل، نوان، چمڪندڙ رستا ڪشادا، صاف ۽ سٺا آهن. هوءَ ڳالھائيندي رهي، اسان جي ماڻھن وٽ ڪروڙن جون پيجارو گاڏيون، هونڊا، ڪرولا ۽ مرسڊيز آهن. ڪلف ڪاٽن، ولائتي فل سوٽ پھريل، عطر انبير سان ڌوتل، ولايتي ميڪ اپ ۽ امپورٽيڊ ڪپڙن سان صحتمند مايون ۽ زيبائش سان ڀريل بازارون هي ڇا آهي.“
سنڌ جي سامونڊي ڪنارن تي پڌرن تي سمھندڙ بکين ۽ اگهاڙن کي شايد اسان نہ ڏٺو آهي. انھن کي وسندڙ شھرن طرف رخ بہ ڪرڻو نہ ٿو ڏنو وڃي، ٿر مان ماروئڙا ٿڌي ۽ گرميءَ ۾ ڏهرن ۾ سائون کائي ٿا وقت ڪڍن. جتان اسان جو وزيراعظم چونڊيو ۽ شيخ رشيد کان رڙ نڪري وئي تہ ”ايتري غربت، جبلن ۾ رهندڙ انسان، تعويزن ۽ ڌاڳن ٽوڻن ذريعي ڪيڙن ۽ ماڪوڙن جي زندگي گذاريندا آهن. ٿلھن متارن سردارن جي ڪتن جي بچيل ڳڀن تي پاڻ ۾ وڙهندا آهن. مايون ٻارن کي خالي ديڳڙا کڙڪائي سمھارينديون آهن. غريب پنھنجو سھڻيون ڌيئر تر جي وڏن ماڻھن جي عياشين لاءِ وقف ڪندا آهن، اهو ڪنھن ڏٺو آهي؟ ڪامورا، پوليس، فوجي عملدار بنا ڪنھن پڇا جي ڪنھن بہ عزت واري جي عزت لاهي وٺندا آهن. جيڪا ڳالھہ ڪنھن آزاد ملڪ ۾ ناممڪن آهي، سا اسان وٽ ممڪن آهي. اسان ڪلاڪ ڏيڍ جي سفر ڪرڻ کان پوءِ نئين دهلي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان پھاڙ گنج واري علائقي ۾ هوٽل بليسنگ تي اچي پھتاسون، جتي اسان کي رهايو ويو، هوٽل ننڍو پر سٺو ۽ صاف هو. اها آڪٽوبر جي چوويھين تاريخ هئي. اسان کان پاسپورٽ جون فوٽو ڪاپيون ورتيون ويون ۽ داخلائون رکي ڇڏيائون. ٿوري دير کان پوءِ مان ۽ منھنجي گهرواري وينا جي ڀاءُ راجوءَ کي ساڻ ڪري پوليس هيڊڪوارٽر تي رپورٽ ڪرڻ وياسون.