هند ياترا (2)
بھرحال هندستان پنھنجي گورنر جنرل مائونٽ بيٽن کي ويھاري پھريائين آئين ساز اسيمبلي جي معرفت آئين ٺاهي پاس ڪيو. ان آئين تي عمل ڪندي پارليامينٽ جي چونڊ ٿي ۽ حڪومت جوڙي وئي، صدر، وزيراعظم ۽ ڪابينا جوڙي وئي ۽ پھريون ڀيرو ڀارت هڪ جمھوري ملڪ جي صورت ۾ وجود هيٺ آيو. اهو مرحلو 26 جنوري 1950ع تي مڪمل ٿيو ۽ اڄ ڀارت ان ڏينھن کي ملھائي رهيو آهي ۽ ملڪ ان آئين تي هلي رهيو آهي.
هاڻي اچو پنھنجي پياري پاڪستان تي 14 آگسٽ 1947ع تي جناح صاحب گورنر جنرل ۽ لياقت علي خان وزيراعظم طور قسم کنيو. اڳ جي متحدہ هندستان ۾ 1947ع ڌاري چونڊون ڪرايون ويون هيون، ڀارت تہ آئين ٺاهي ڇڏيو پر اسان وٽ ٻيو دفعو آئين ساز اسيمبلي جون 1954ع ۾ چونڊون ٿيون. چوڌري غلام محمد گرونر جنرل پاڪستان ان اسيمبلي کي 1955ع ۾ ٽوڙي ڇڏيو، نون سالن کان پوءِ پھريون دفعو 1956ع ۾ آئين ٺھيو جنھن کي 1958ع ۾ مارشل لا هڻي ختم ڪيو ويو، وري 1973ع ۾ آئين ٺھيو جنھن کي 1977ع ۾ ختم ڪيو ويو.
جھاز ۾ مون ڄام ساقي کان پڇيو تہ هڪ ڪمائيندڙ وڪيل آهيان، جھاز جي دهليءَ لاءِ پنج هزار اوٽ موٽ ٽڪيٽ برداشت ٿو ڪري سگهان باقي ڄام پئسا ڪٿان آندا جو مون کي خبر آهي تہ اڪثر سياستدان صفا مولائي مڙس آهن. پوءِ بہ هو ڪڏهن آمريڪا، ڪڏهن روس، ڪڏهن چين ڪڏهن برطانيا، ڪڏهن سائوٿ آفريڪا ۽ ڀارت جا دورا ٿا ڪندا وتن. اهي پئسا ۽ خرچ پکا هو ڪٿان ٿا آڻين؟ ڄام ڪو خاطر خواھہ جواب ڪونہ ڏنو.
بھرحال جڏهن مان پھريون ڀيرو بمبئي ويو هئس تہ اهو 1983جو سن هو. پوءِ اتان پنجين ڏينھن سينگاپور ويو هئس. وري اتي چار ڏينھن رهي بئنڪاڪ ويس جتي فقط ٻہ ڏينھن رهي ڪري ڪراچي واپس آيو هئس. ان وقت ڊالر ساڍا نوَ رپيا هو. سينگاپور جي ٽيڪسي ۾ ٻہ رپيا پاڪستاني ٿي پيا ۽ وري بہ ٿائي هڪ پاڪستاني رپئي جي برابر هئا. وري جڏهن اٺين جولاءِ 1985ع تي لنڊن جي Heathro ايئرپورٽ تي لٿس تہ ڊالر ٻارهن رپيا پاڪستاني هو ۽ پائونڊ ويھہ روپين ۾ هو. دهلي مان 23 آڪٽوبر 1991ع تي پھتس تہ ڊالر پاڪستان ۾ ستاويھہ رپيا هو ۽ ڀارت ۾ ٽيھہ رپيا هو. پاڪستان جا سؤ رپيا هندستان ۾ هڪ سؤ ٽيويھين رپي ۾ ٿي مليا.
اسان کي سينگاپور، برطانيا وغيرہ لاءِ پاڪستان جي سرڪار هڪ هزار ڊالر کڻڻ جي اجازت ڏني هئي پر ڀارت لاءِ صرف پنجاھہ ڊالر کڻي وڃڻ جي اجازت هئي سو ايئرپورٽ دهليءَ تي ڄام ۽ مان جڏهن لٿاسون تہ مان اهي پنجاھہ ڊالر اسٽيٽ بئنڪ آف انڊيا جي ڪائونٽر تي کڻي ويس مٽائڻ. اتي بئنڪ وارن مون کي گذارش ڪئي تہ مان کين ٻہ انگريزي شراب جون بوتلون ڊيوٽي فري شاپ تان وٺي ڏيان. Wine shop ان بئنڪ جي ڪائونٽر سا ن گڏ هئي ۽ ان جو مالڪ بہ اها ٻڌي پيو. مون کي عجب آيو تہ هي ماڻھو ديسي شراب تہ جيترو وڻين وٺي پئي سگهيا پرڏيھي شراب هنن لاءِ ممڪن هو بھرحال مون کين انڪار ڪيو.
ان سيمينار ۾ هڪ شرماجي جيڪو گيڙو ساڙهي ۽ چاکڙي پاتل هو آيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ سٺي سنسڪرت ۾ تقرير ڪيائين. تقرير پوري ٿيڻ شرط سامعين سندس پيرن تي وڃي ڪريا. ڄام ۽ ميمڻ صاحب شرما جي پيرن تي ڄڻ سمھي پيا. مان اسٽيج جي سامھون ويٺو هئس. سو مان نہ اٿيس ۽ نہ وڃي شرما سان مليس. اسٽيج تان اعلان ٿيو تہ شرما جي منھنجي ملڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺو آهي پر مان نہ اٿيس. ان تي شرما مائيڪ وٺي وري ڳالھائڻ شروع ٿي ويو، چي سنڌ مان آيل هڪ ڪوي پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي، سو مون تي ضرور ڳالھائي. نيٺ مون مائيڪ ورتومانس. مون چيو تہ ”شرما جي هڪ وڏو عالم آهي ۽ وڏي پائي جو مقرر آهي. اسان وٽ بہ نصيرالاجتھادي جھڙا عالم آهن جيڪي تمام سٺي تقرير ڪرڻ ڄاڻن. شرماجي سنسڪرت ۾ تقرير ڪئي آهي. باقي جيتري قدر پيرين پوڻ وارو معاملو آهي، سو سنسڪرت جي ماتر ڀومي سنڌ آهي جيڪا سنسڪرت جي ماءُ ۽ مان ان سرزمين تان آيو آهيان. سو مان ڇو پيرين پوان؟ اهو اپمان سنڌ جو ٿيندو.“ ان تي شرما جي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ مون کي ڇڪي ڀاڪر پاتائين.
مون کي ٻڌايو ويو هو تہ ڀارت ۾ ٽوئرزم ڏاڍي منظم آهي، اسان کي وينا شھر جون خاص خاص جڳھيون گهمايون. دهلي هڪ وڏو شھر آهي. هندستان جي گادي جو هنڌ بہ آهي. وينا اسان سان هڪ ميمبر پارليامنٽ رامچندر جي ملايو، جنھن اسان جي پارليامينٽ هائوس دهليءَ جي ڪئنٽين ۾ دعوت بہ ڪئي ۽ پوءِ سڄو هائوس بہ گهمايو. پارليامينٽ جو سيڪريٽري جيڪو ڪنھن وڏي گريڊ ۾ هو اسان کي پاڻ وٺڻ آيو ۽ ان سان هن جو ڊپٽي بہ هو جنھن کي خاڪي ڪپڙي جو هڪ يونيفارم پيل هو. ٻنھي جو رنگ روپ ۽ ڪپڙا هڪ جھڙا هئا. ڪا خبر ڪانہ ٿي پئي تہ صاحب ڪھڙو آهي ۽ ڊپٽي ڪھڙو؟
اتان پارليامينٽ هائوس مان رامچندر جي مون کي ۽ ڄام کي هڪ ڳجهو اشارو ڪيو. اسان سندس گاڏيءَ ۾ چڙهي ويھي رهياسون. گاڏي وري ڇا هئي. هڪ ڀڳل پراڻو ڍانڍو هو جنھن کي پويان هُڊ ڏنل هو ۽ ٻہ بينچ سيٽون ۽ اڳيان هڪ ڊرائيور ۽ هڪ ٻي سيٽ هئي. پويان ٻہ تغاريون ۽ هڪ ڀاڻ جي ٻوري بہ رکيل هئي. رامچندر جي اڳيان ڊرائيور سان ويٺو. باقي مان ۽ ڄام پويان بينچن تي چنبڙي ويٺاسون. اسان ڪجهہ وقت کان پوءِ شھر کان پري هڪ وڏي ڪوٽ ڏنل عمارت وٽ اچي پھتاسون. ٻاهران وڏو گيٽ جتي چوڪيدار مقرر هئا اچي بيٺاسون. رامچندر جي اسان کي اندر وٺي وڃي هڪ ننڍي ڪمري ۾ ويھاريو. ڪمري ۾ انگريزن جي زماني جون نيٽ جون اوائلي ڪرسيون رکيون هيون.
ٿوري دير کان پوءِ هڪ اڌيڙ عمر وارو نٻيل ۽ ڏٻرو شخص گهر جي ڌوتل کاڌيءَ جي پنجابي شلوار قميص پھريل آيو. سندس ڏاڙهي ڪجهہ وٽيل ۽ وارو چوٽو ڪري ٻڌل ۽ خضاب ۾ ٻڏل هئا. خوش مزاج انسان هو. معلوم هو تہ ڀارت جو اڳوڻو صدر گياني ذيل سنگهہ آهي.
ٿوري دير کان پوءِ هڪ ڇڪي ۾ گلاس چانھہ جا آيا، جيڪا گهڻو ڪري اسٽيشننن تي ملندي آهي. گيانيءَ کي هي بنگلو رٽائرمينٽ جي ڪري سرڪاري طور مليل هو. گيانيءَ اول تہ اسان کي ٻڌايو تہ هو ڊکاڻڪي ڪندو هو ۽ منجون ٺاهيندو هو کيس انڌراگانڌيءَ سياست ۾ آندو ۽ مرتبي تي پھچايو. گيانيءَ اسان کي چيو تہ رامچندر جي کي بہ انڌرا گانڌيءَ وزير ٿيڻ لاءِ ڏاڍو ستايو پر هن نہ مڃيو ۽ هينئر وري کيس نرسمارائو بہ منٿ ڪندو ٿو رهي تہ پر رامچندر جي وزير ٿيڻ لاءِ تيار نہ آهي اسان رامچندر جي کان پڇيو تہ هو آخر ڇو وزير ٿيڻ لاءِ تيار نہ آهي؟ رامچندر جي فرمايو تہ کيس ٻہ ڀائيٽيا ۽ ٻہ پٽ آهن. ٻہ ڀاءَ جون نياڻيون ۽ ٻہ پنھنجون اٿس. هڪ ڀائيٽيو سندس سيڪريٽري ۽ ڊرائيور بہ آهي. هڪ ڀائيٽيو سورهن ايڪڙ زمين سنڀاليندو آهي. باقي موٽر سائيڪلن جي دڪان سندس ٻہ پُٽ سنڀاليندا آهن. سواري لاءِ کيس اها ٻاهر بيٺل ڍانڍو مليل آهي. هو ان زندگي مان مطمئن هو ۽ گهڻي خفي ۾ پوڻ نہ پئي چاهيائين.
مون کي ياد پيو تہ هڪ دفعي سڀني پارٽين ڪميونسٽ ليڊر جوتي باسوءَ کي ڀارت جو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا پر هن نہ مڃيو آخر جڏهن ڏٺائين تہ همراھہ ساڻس زوري ٿا ڪن تہ هن باٿ روم جي پوئين دروازي مان ڀڄي جان ڇڏائي ۽ وڃي ڪلڪتي نڪتو.
ڀارت جو مزاج الڳ آهي. اڳواڻ گهڻو ڪري مزدور، هاري، وچولي طبقي وارا عوامي، هڏڏوکي ۽ سادگي پسند آهن. پارٽي ڪارڪنن تمام سلجهليل، پڙهيل ۽ محنتي آهن. اسان سان بہ هڪ ڪانگريسي ڪارڪن رابطي ۾ هوندو هو. سادي کاڌيءَ جي ڊريس، پير ۾ چول، ننڍڙي ڏاڙهيءَ وارو ۽ سادو ٿيلھو بغل ۾ هئس. هر ڪنھن سان سڀاءُ سان پيش ٿي آيو، بغير ڪنھن غرور جي. هر وزير کان وزيراعظم تائين سندس رسائي هئي. هول ٽائمر هو. سندس پارٽيءَ طرفان سندس پگهار مقرر ٿيل هئي. کيس هڪ ننڍو گهر پارٽيءَ طرفان مليل هو. ٻارن جي پڙهائي جو ذمو بہ شايد پارٽي کنيو هو.
ڄام ۽ مان لڇمڻ ڪومل جي سڏ تي سندس گهر بہ وياسون. اهو گهر هڪ فليٽ تي هو جيڪو شھر کان ٻاهر حڪومت طرفان اديبن، شاعرن ۽ صحافين کي مليل آهن. قرة العين حيدر کان وٺي خوشونت سنگهہ ۽ ٻيا اديب جن جو معاوضو بہ مقرر ٿيل آهي انھن کي گهڻو ڪري مفت ۾ گهر مليل آهن. جن هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ هلائي انھن کي بہ ڪافي اعزاز ۽ پينشنون ٿيون ملن ۽ ڪافي سھولتون مليل آهن. انھن جا نالا انڊيا گيٽ تي اڪريل آهن ۽ چوويھہ ڪلاڪ ٽارچ ٻريل آهي ۽ ان تي گارڊ مقرر آهن.
گانڌيءَ، نھرو، اندرا ۽ سنجي جون سماڌيون آهن، جتي هزارن ۾ ماڻھو قطار ڪري گلن جي ورکا ڪندا آهن. ٽورسٽ بسون آهن، گائيڊ آهن، جيڪي قلعي کان قطب مينار تائين گهمائن ٿا. سرڪاري ۽ غير سرڪاري هر صوبي جا شاپنگ سينٽر آهن جتي ڀارتي ڇوڪريون رنگارنگي ساڙهيون پھري قاتلانہ مرڪن ۾ هر گراهڪ کي سستي ۽ سٺي شاپنگ جي ترغيب ڏينديون آهن.