وڪالت جا ڏينھن ۽ غربت جا ڏهاڙا
بھرحال تنھن هوندي بہ ڇھہ سئو رپيا کپندا هئا. اهي هيا ڪو نہ ”آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ وارو ڪم هوندو هيو.
اميد ڪري خيرپور هليو ويس. اتي منھنجو پراڻو يار سيد نور احمد شاھہ سٽي مئجسٽريٽ هيو. مون ان کي چيو تہ مون کي ڇھہ سو رپيا کپن. سي بہ اڌورا نہ پر مون کي ڪو ڪيس وٺي ڏي. جنھن مان مون کي گهٽ ۾ گهٽ اڄ جو اڄ ڇھہ سو رپيا ملن. مون کيس اهو ڪونہ ٻڌايو تہ اهڙي ڪھڙي ضرورت آهي پر اهو ضرور چيو تہ مون لاءِ ايمرجنسي آهي جيڪا ٻڌائيندس ڪونہ. اتي هڪڙو ٻيو آفيسر ڊپٽي ڪليڪٽر ڪوٽ ڏيجي بہ ويٺو هيو، نور احمد شاھہ ۽ ان آفيسر کي گڏجي ڪا سرزمين ڏسڻي هئي سو ان آفيسر چيو تہ جي مان ساڻن ڪوٽڏيجي هلان ۽ اتان پوءِ ان وزٽ تي بہ هلان تہ هي ڇھہ سو رپيا بہ مون کي ڪمرائيندو، ماني بہ کارائيندو ۽ شام جو سکر بہ پھچائيندو. مون کي ٻيو ڇا کپي. مان گهران ڪارو ڪوٽ پائي نڪتو ئي ان مقصد خاطر هيس.
سو آياسين ڪوٽڏيجي هن يار پنھنجي ريڊر کي گهرايو ۽ حڪم ڪيائينس تہ ملڪ صاحب کي ڪو ڪيس وٺي ڏي، جنھن ۾ کيس ڇھہ سو رپيا ملن. هُن جهٽ ڪري هڪڙي ماڻھوءَ کي هٿ ڪري کانئس پئسا وٺي ڏنا. هن جي ضمانت جي درخواست ڏيڻي هئي. مون اها هٿ سان لکي ان وچ ۾ هو جيل کان وڪالت نامو بہ وٺي آيو. مون صاحب کي عرض ڪيو تہ ڪورٽ ۾ اچي ويھي جتي مان تقرير ڪريان پوءِ هن کي جيڪي وڻي سو ڪري، جيئن منھنجا پئسا حلال ٿين. ويچاري سڀ اهي ڪم ڪيا، جن لاءِ مون کيس چيو.
پئسا مون کي ملي ويا، باقي مون کي شرطن موجب هن سان وزٽ تي بہ وڃڻو هيو ۽ سارو ڏينھن گذرڻو بہ هيو، سو سرزمين وڏا بوزدار ۾ هئي. اتي سڀ وياسين، ڪنھن ماڻھو ڪن هندن جي گهٽي بند ڪري ڇڏي هئي سڄو شھر گڏ هيو، فيصلو ٿيو، گهٽي کلي وئي.
ڪوٽڏيجيءَ ۾ صاحب وٽ ماني کاڌي سون ۽ ويھي ڪچھري ڪرڻ لڳاسون. منھنجو سڄو ساھہ گهر ۾ ڦاٿل هيو، پر مان سڄي ڏينھن لاءِ بُڪ ٿيل هيس. سو نيٺ شام ڌاري انجام مطابق سکر آياسين، اچي لٿاسين الصحرا هوٽل تي، اتي هنن يارن جو ڪو ٻيو پروگرام هيو.
هوٽل تي لھڻ وقت سردار علي نواز خان مھر بہ پنھنجي امپالا ڪار مان پيو لھي. سو مون تي نظر پوندي وٺي کنڀيائين. مان ساڻس واپس اچڻ جا ڪوڙا واعدا ڪري سندس ئي ڪار ۾ هليو آيس. اهو آفيسر جنھن وقت سر مدد ڪئي اهو هيو مسٽر امداد ﷲ انڙ جيڪو بعد ۾ وڏو آفيسر ٿيو ۽ ڪجهہ تڪليفون بہ ڏٺائين.
مان گهر پھتس تہ گهروارا ڏاڍو پريشان هيا. جو مان صبح سان هليو ويو هيس ۽ رات ڌاري موٽي آيس. هتي معاملو تيار هيو، مان پنھنجي سس کي ٽانگي تي ويھاري گهر ڇڏي وري پيدل ريڊڪراس اسپتال ويس، جتان ان ليڊي هيلٿ وزيٽر کي اچڻو هيو. سياري جي رات، مس مس چوڪيدار در کوليو. مائي تيار ٿي ۽ ۽ هڪ نرس بہ کنيائين. مان رڪشا ڪرائي تي ڪري آيس. اسر ويل گلاب جي گل کان سھڻي مومل ڄائي. مون کي هڪ ڌيءَ آهي. ڏاڍن ڪشالن ۽ جنگين سان ڊاڪٽري پڙهائي مانس. هينئر ٻن پٽن جي ماءَ آهي ۽ منھنجي مربي ڀائٽي ثناءُ ﷲ جي گهرواري آهي. ڊاڪٽري تہ ڪانہ ٿي ڪري پر پنھنجي گهر ۾ خوش آهي.
ملڪي حالتون ڇڪتاڻ جي طرف ويون هڪ طرف مجيب الرحمان جنھن جو مطالبو ڇھہ نقطا هيا ٻي طرف محترم ذوالفقار علي ڀٽو جنھن جو نعرو اجهو، اٽو، ۽ لٽو، هندستان سان جنگ، ٽئين طرف سنڌ جا قوم پرست جن جو واحد اڳواڻ سائين جي ايم سيد جنھن جو مطالبو سنڌوديش، چوٿين ڌر ۾ مھاجر حضرات جماعت اسلامي ۽ آمريت پرست ٽولا جن جو مقصد ڪنھن کي ڪجهہ بہ ناهي ڏيڻو. اقتدار پنھنجي قبضي ۾ رکڻو آهي ۽ آمريت کي هميشہ لاءِ پاڪستان جو مقدر ڪري ڇڏڻو آهي.
اياز جي آفيس ۾ ميٽنگ ٿي، في الحال بنگال وڃڻ جو پروگرام ملتوي ٿيو. ڀاڙي جا پيسا عثماني صاحب واپس ڪري ڏنا، جن مان آءُ ۽ قادر صديقي ريفريجريٽر وٺي آياسين.
نيپ جي ڪامريڊن جي خيال ۾ استعفائون رشيد ڀٽيءَ ڏياريون آهن. سو هو ڀٽيءَ خلاف پنھنجا عملي قدم کڻڻ لڳا.
مان ۽ ڀٽي سيشن ڪورٽ جي بار طرف ٿي آياسون تہ هڪ نوجوان جنھن جو نالو هينئر ياد نہ ٿو اچي ۽ هينئر ڪراچيءَ ۾ وڪالت ٿو ڪري. سو هُن ڪا شيءِ بار روم جي دريءَ کان اڇلائي ۽ تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو. اسان اندر وڃي ڏٺو تہ هڪ بنڊل هيو جنھن ۾ پمفليٽ هيا. هڪ طرف سنڌيءَ ۾ ٻي طرف اردوءَ ۾ لکيل هيا. انھن پمفليٽن ۾ پاڪ فوج لاءِ گهٽ وڌ ۽ گندي زبان استعمال ٿيل هئي. ٿوري دير ۾ ڪنھن همدرد ڊي سي آفيس مان فون ڪري ٻڌايو تہ اهي پمفليٽ نيپ وارا ڪارا ڪامريڊ ۽ هڪ مذهبي پارٽيءَ وارا گڏجي شھر ۾ ورهائيندا پيا وتن. ٿوري دير کان پوءِ خبر آئي تہ رشيد ڀٽيءَ مٿان سرڪار فرياد داخل ڪرائي آهي تہ هو اهي پمفليٽ ڇپرائي ۽ ورهائي رهيو هيو.
شام تائين رشيد ڀٽيءَ کي گرفتار ڪري اي سيڪشن پوليس اسٽيشن سکر تي رکيو ويو. ڀٽي کي بلڊپريشر ۽ شگر جون بيماريون لڳي چڪيون هيون. رپورٽ آئي تہ ڀٽيءَ کان دوائون بہ کسيون ويون آهن. گهر جي ماني بہ بند اٿس ۽ ملاقات بہ بند ڪئي وئي اٿس.
مرحوم الاهي بخش شيخ سکر بار جو سيڪريٽري هيو. وڪيلن ۾ مارشل لا جو ڏهڪاءُ هيو. ڪن کي وري اسان ڪونہ وڻندا هياسون. ڪجهہ مسلم ليگي ڪجهہ پيپلز پارٽي، ڪجهہ جماعت اسلامي، نيپ تہ اسان ڇڏي چڪا هئاسون. سو ڪير بہ مدد تہ ٺھيو همدردي بہ ڪونہ پيو ڪري. مٿان ڊائلاگ بازي چڱو ٿيو، سرخو آهي غدار آهي.
الاهي بخش شيخ اٿي بيھي سڀني کي ڏاڍو شرمايو. بابا وڪيل ڀاءُ آهي. سنڌ جي ڪاز لاءِ ٿو وڙهي کيس قانوني مدد تہ ملڻ گهرجي، نيٺ مان ۽ الاهي بخش شيخ پوليس اسٽيشن تي وياسون. وڙهي جهڙي ملاقات بہ ڪئي سون. دوائون بہ پھچايون سين ۽ ماني بہ کولرائي سين.
اڄ ڪلھہ جي هڪ مھان نقاد ۽ اديب لاءِ ڀٽيءَ شڪايت ڪئي تہ منھن لڪائي ۽ ويڙهي لاڪپ وٽان لنگهندو هيو تہ متان سندس نظر ڀٽيءَ تي نہ پوي ۽ هن تي ڪو سرڪاري الزام نہ اچي.
ان ڪيس جي جاچ ۾ نيپ جي لوڪل ڪامريڊن ۽ هڪ مذهبي پارٽيءَ وارن ڀٽيءَ مٿان هٿ ٺوڪا ڪوڙا بيان لکرايا.
ڪيس سمري ملٽري ڪورٽ خيرپور ۾ هليو، ساڳين دوستن ڀٽيءَ مٿان باهيو تہ پمفليٽ ڀٽي لکيو ۽ ورهايو. ان وقت ملٽري ڪورٽ جي سربراھہ ۽ ڀٽيءَ ۾ ڪجهہ تلخ ڪلامي بہ ٿي، جو هن ڀٽيءَ کي غدار لفظ سان نوازيو. ان جي جواب ۾ ڀٽيءَ بہ ان کي ”غدارِ وطن“ ۽ پاڻ کي محب وطن ڪوٺيو.
بھرحال رشيد ڀٽيءَ کي توقع مطابق هڪ سال سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي وئي.
ڀٽي جيل ۾ ئي هيو تہ چونڊون ٿيون. شيخ مجيب الرحمان کي 162 مان 160 سيٽون مليون ۽ ڀٽي صاحب کي 138 سيٽن مان 81 سيٽون مليون.
هاڻي اقتدار جي جنگ شروع ٿي وئي. انھن ڏينھن ۾ مان ڪراچي ويس ۽ سلاطين هوٽل ۾ ڪمرو ورتم. اتي رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو بہ ترسيل هئا. مون وٽ علي بابا ۽ نبي بخش کوسو بہ ويٺل هئا تہ مرحوم ناصر مورائي جيڪو اصل ۾ سيد ناصر علي شاھہ آهي. آيو ناصر ان وقت روسي سفارت خاني مان طلوع رسالو ايڊٽ ڪندو هيو. ناصر ٻڌايو تہ سفارخاني کي ڪنڊن واري تار ٿا هڻن شايد ڪجهہ ٿيڻ وارو آهي. ناصر يحى خان ۽ روسي صدر پوڊگورني جي وچ ۾ خط و ڪتابت جي باري ۾ ڪي اهم ڳالھيون ٻڌايون تہ جنرل ٽڪا خان کي فوجي آپريشن جو حڪم ٿيو آهي. هنن بنگال ۽ سنڌ جي دانشور، انجنيئرن ۽ سياسي ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ جي تياري ڪئي آهي. مون کي ان ڳالھہ ايترو ڏکايو جو مان امر جليل جي افساني جڏهن مان نہ هوندس، تي سڄي رات ويھي هڪ طويل نظم لکيو. جيڪو پوءِ نئين زندگي ۾ ڇپيو ۽ ٻي پرچي ۾ تاجل بيوس جو نظم جڏهن تون هوندين شايع ٿيو.