منھنجي وڪالت ۽ سکر جون سرگرميون
حيدرآباد ۾ مون کي ڊاڪٽر قاضي جيڪو گدو مينٽل هاسپيٽل جو ڊاڪٽر هيو ان کي بہ ڏيکاريو ويو نجم عباسي جيڪو پڻ اديب ۽ شاعر هيو ۽ ڊاڪٽر پروفيسر عالماڻي سنگت ۾ خانگي طرح صلاح ڏني تہ مان سوم رس بہ استعمال ڪريان ۽ سائيڊ ۾ ڪنھن اپسرا سان صحبت بہ ڪيان. اول تہ منھنجي ايتري آمدني ڪانہ هئي جو مان سوم رس جھڙي مھانگي شيءِ خريد ڪري سگهان، ٻيو تہ مان شادي شدہ هيس. بھرحال ڊپريشن کي ختم ڪرڻ جو واحد عمدو نسخو اهو ئي هيو سو اياز وٽ آمريڪا واري ٽامي شينئر جو اڳ بہ ونھوار هيو سو ان تي عمل ڪيم. باقي ٻي ڳالھہ لاءِ پاڙي ۾ هڪ ڪرسچن فيملي هئي. ائنسٽونيا اسڪول جي ماسترياڻي بہ هئي ۽ انگريزي ۾ زبردست هئي. ڪچھري جي بہ مور هئي. سو ان دوا طور چڱو ساٿ ڏنو بعد ۾ اياز کي جڏهن خبر پئي تہ مون کي ائنسٽرونيا سان ڪچھري لاءِ فرمائش ڪيائين. مان سڃو اياز آسودو، اياز جي انگريزي ۽ ڄاڻ مون کان وڌيڪ هئي سو مان لنوائي ويومانس. سال ڏيڍ سال اهو ڪم هليو. نيٺ هڪ ڳالھہ مان جان ڇڏايم پر ٻي شيءِ سڄي زندگي جي ساٿي ٿي وئي.
ڇا ڪيان ها سموري سنگت جي اها صلاح هئي. جنھن تي دوا طور عمل ڪرڻو پيو ۽ آهستي آهستي مان ڊپريشن مان نڪري ماڻھن جھڙو ماڻھو ٿي ويس.
شيخ اياز جي وائيس چانسلر ٿيڻ ۽ هتان ڄامشورو وڃڻ جي ڪري مان ۽ رشيد ڀٽي اڪيلا ٿي پياسين. اڳ رات جو روز ملڻ، تنوير بہ اچي، ڪڏهن رباني، ڪڏهن جويو صاحب، ڪڏهن گرامي صاحب ۽ ڪڏهن نياز همايوني، بردو سنڌي، مولوي عبدالواحد سنڌي، هتي ايندا هئا. جن سان ساري ساري رات اياز وٽ ڪچھريون ٿينديون هيون. ڪامريڊ سوڀو بہ ايندو هيو، ڪڏهن اياز جي گهر تي ڪڏهن سندس آفيس ۾ علم، ادب، سياست، ملڪي ۽ عالمي ماحول تي ڏاڍا بحث ٿيندا هئا.
هر آچر تي صبح جو عثماني صاحب جي جاءِ تي گڏ ٿيندا هياسي، تاج محمد ابڙو ايڊيشنل جج ٿي آيو، اهو ۽ سائين شمس الدين شاھہ آچر جو عثماني صاحب وٽ گڏ ٿي اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ٿينديون هيون. عثماني صاحب جي گهرواري جوانيءَ ۾گذاري وئي. عثماني صاحب جا ٻہ پٽ ڏاڍا ننڍا هئا. سندس نياڻين ۽ پوڙهي والدہ انھن کي سنڀاليو. عثماني صاحب ننڍڙي جنيد کي گوڏي تي ويھاري آفيس جو ڪم ڪندو هيو.
ٻيو هڪ هندو ڪامريڊ جنھن ساڌ ٻيلي جي گادي تي قبضو ڪيو هيو، هو بہ صبح سان ڳائي گوشت مان ٺھيل ٿلھي تان نھاري ۽ نان لڪي عثماني صاحب جي گهر جي هيٺان واري آفيس تي اچي کائيندو هيو ۽ پوءِ ڪميونزم تي ڪارل مارڪس، اينجلس، لينن، فرينچ انقلاب تي تمام سٺي تقرير ڪندو هيو. سکر جي وڏي سيٺ سلامت راءِ جو پوٽو هيو ۽ سکر بار جي ڪنھن فنڪشن لاءِ ٻہ رپيا چندو بہ ڪري وٺي ڏنو هيائين.
مون وڪالت تي مڪمل ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ سٺو ڪمائڻ لڳس. شام جو ڀٽي صاحب ايندو هيو ڪڏهن ڪڏهن تنوير ۽ علي بخش بہ ايندا هيا. منھنجو گهر ڪنڀار پاڙي ۾ ۽ آفيس والس روڊ تي هئي. جيڪا شريف خان پنھنجي مھاجر ساهرن کان ڪرائي تي وٺي ڏني هئي. پوءِ وري ڀرواري جڳھہ مون کي گل محمد اعواڻ شڪارپور جي شيخ وڪيل سڪندر علي کان ڪرائي تي وٺي ڏني. جڳھہ جي مٿان ٻيو وڪيل فرمان علي ٻارن ٻچن سان رهندو هيو. مان ڪنڀار پاڙي مان لڏي اچي والس روڊ تي رهيس، آفيس ۽ گهر جي وچ ۾ هڪ ڀت هئي. ڪوئنس روڊ تي منھنجو ساهرو گهر هيو، مان بہ خوش گهرواري بہ خوش هياسي.
مون وٽ گهڻي ڀاڱي روينيو جون اپيلون هونديون هيون جيڪي گڊو بئراج جي الاٽ ٿيل زمينن جا تڪارار هوندا هيا. جيڪي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ميمبر بورڊ آف روينيو وٽ هونديون هيون.
ون يونٽ کان بورڊ آف روينيو جو ميمبر لاهور کان ايندو هيو، رفعت پاشا سينيئر ميمبر هوندو هيو، گهڻو ڪري سرڪٽ هائوس ۾ ڪورٽ لڳندي هئي. رفعت پاشا گهڻو ڪري اپيلون رد ڪندو هيو، هڪڙي ڏينھن صبح ڌاري جڏهن سرڪٽ هائوس پھتاسين تہ وڪيل ٻڌايو تہ ريڊيو تي اعلان ٿيو آهي تہ قاضي فضل ﷲ وزير ٿي ويو آهي. اڃا ائين ڳالھايوسين پئي تہ پويان قاضي صاحب بہ لاڙڪاڻي کان ڪار ۾ اچي پھتو. اسان سڀني کانئس وزارت واري ڳالھہ پڇي جنھن چيو تہ واقعي کيس قانون واري وزارت ڏني وئي آهي، پر هن گورنر کان ڪجهہ مھلت گهري آهي، جيئن پنھنجا ڪجهہ ڪيس اڪلائي وٺي.
ايتري ۾ رفعت پاشا بہ آيو ۽ قاضي صاحب کي سر ڪري مخاطب ٿيو ۽ اڪيلو اندر ڊرائنگ هال ۾ وٺي ويس. اپيلون منھنجون، مرحوم محمد اسلم ڀٽو ۽ عبدالغني شيخ سان قاضي صاحب جون هيون، قاضي صاحب سڀني ڪيسن ۾ اپيلانٽ جو وڪيل هو، اسان کي پڪ ٿي وئي تہ هاڻي ڪيس قاضي صاحب جي حق ۾ ٿيندا ۽ وري ڪيسن ۾ اوليت بہ انھن ڪيسن کي ڏيندي پاشا صاحب اهي ڪيس پھريان گهرايا جن ۾ قاضي صاحب وڪيل هيو. اسان کي ويتر پڪ ٿي وئي تہ فيصلا اسان جي خلاف ۽ قاضي صاحب جي حق ۾ ٿيندا. اسان ٽيئي ڄڻا اندر جتي ڪورٽ روم هيو. وياسين قاضي صاحب اسان کان اڳ اتي ويٺل هيو. پاشا صاحب پھريائين قاضي صاحب کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو، قاضي صاحب هڪ ڪلاڪ زبردست تقرير ڪئي. پاشا صاحب اسان کي ڳالھائڻ جو وارو بہ ڪونہ ڏنو ۽ قاضي صاحب جون سموريون اپيلون رد ڪري سندس خلاف سڀني اپيلن ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو. قاضي صاحب ٻاهر ڳاڙهو ٿي نڪتو ۽ پاشا لاءِ الائي ڇا ڇا ڳالھائيندو هليو ويو. هن آفيسر انھيءَ ڳالھہ جي بلڪل پرواھہ نہ ڪئي تہ سندس سامھون مغربي پاڪستان جو وزير قانون آهي يا ڪو ٻيو.
قاضي فضل ﷲ بحيثيت وزير قانون هڪ دفعي سکر آيو، منھنجو هڪ عزيز صبح جو سوير مون وٽ آيو ۽ اچي ننڊ مان اٿاريائين. چيائين تہ ڪنھن نوڪري جي انٽرويو ۾ ويھڻو هيو، کيس نوڪري جو انٽرويو وٺڻ وارو صاحب قاضي فضل ﷲ جي حڪم کي اکين تي رکندو سو کيس قاضي صاحب جي سفارشي چٺي گهرجي. هن يار قاضي صاحب جو سمورو پروگرام نوٽ ڪري ڇڏيو هو تہ قاضي صاحب جي صبح جي چانھہ سکر بار ۾ وڪيلن ڪئي آهي پوءِ سندس منجهند جي ماني سائين شمس الدين شاھہ وٽ رکيل هئي. مون کيس ٻڌايو تہ مان تہ هڪ ننڍڙو وڪيل آهيان ۽ قاضي صاحب وڏي عمر هوندي وزير بہ آهي بھرحال مان صبح سان وڃي بار روم ۾ ويھي رهيس. صبح جو ڏهين وڳي کن قاضي صاحب جن آيا، چانھہ وغيرہ پي ۽ ڪجهہ اعلان ڪري جڏهن ٻاهر نڪري ڪار ۾ ويھڻ لڳو تہ مان بہ سندس ڪار جي اڳين سيٽ تي چڙهي ويھي رهيس. قاضي صاحب مون کان ڪجهہ نہ پڇيو، فقط هتان جا حالات پڇندو رهيو، جيڪي مان کيس ٻڌائيندو هليس، قاضي صاحب پھريان ڊي سي آفيس ويو وري بئراج ويو ۽ آخر شاھہ صاحب جي بنگلي تي اچي لٿو. لھڻ مھل مون کي چيائين، ”بابا اوهان جي مھرباني هينئر اوهان وڃو“ مون کيس چيو تہ ”سائين منھنجو توهان ۾ ڪم آهي“ ”ڪم آهي تون ڇا ڪندو آهين“ قاضي صاحب اچرج مان پڇيو. مون چيو: ”مان وڪيل آهيان“ پوءِ قاضي صاحب ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو. توهان نوجوانن کي ڪو لحاظ نہ آهي، بس ائين وزيرن جي ڪارن ۾ چڙهي ٿا پئو. مون سمجهيو ڪو آفيسر آهين ۽ منھنجي ڊيوٽي ۾ آهين.“ ائين قاضي صاحب گوڙ ڪندو شاھہ صاحب جي بنگلي تي هليو ويو، مان ٻاهر آفيس ۾ ويھي رهيس. سائين وارن ٻاهر ماڻھو موڪليو تہ ”اچي ماني کائو“ پر جيئن جو مون کي ان دعوت جي لاءِ سڏ ڪونہ هيو سو نہ ويس. ٿوري دير کان پوءِ قاضي صاحب پاڻ ٻاهر نڪري آيو ۽ مون کي پرچائي ماني بہ کارايائين ۽ چٺي بہ اهڙي سٺي لکي ڏنائين جو همراھہ هينئر ويھين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو آهي.
انھيءَ سرڪٽ هائوس ۾ جڏهن اسان ڪيسن لاءِ ويٺل هئاسون تہ رحمت منھنجو ماروٽ سھڪندو آيو ۽ سڀني وڪيلن جي روبرو خوشيءَ مان رڙ ڪري چيائين تہ ” ادا پٽ ڄائو اٿوَ“، ”چڱو، چڱو تون هل مان اچان ٿو“ هو ويچارو شڪي ٿي هليو ويو. حفيظ قريشي بہ ڪنھن ڪيس ۾ آيل هيو. ان رهڙ ڏئي چيو تہ ڇا پٽ ڄائو اٿئي، تون في الحال تہ سؤ روپيہ خرچي ڏينس ها، ڪن هن غريب جو منھن پٽي وئين، ها بابا جوان مڙس آهيو، توهان کي پٽن ڄمڻ جي ڪھڙي پرواھہ .
دراصل ان زماني ۾ انھن ڳالھين تي اسان کي شرم ايندو هيو، مون کي ٽيون ٻار يعني ٻيو پٽ عبدالسميع ڄائو هو.
هڪڙي ڏينھن شريف خان جي ساهرن چيو تہ مان سندن جاءِ خالي ڪيان. جنھن ۾ منھنجي آفيس هوندي هئي، مون بنا دير اها خالي ڪري گهر جي ورانڊي ۾ آفيس ٺاهيم. ڏينھن جو گهر رات جو اڌ گهر آفيس ۽ اڌ گهر رهائش طور استعمال ڪندو هيس. ڪڏهن ڪڏهن ٻار رات جو ڪجهہ ڪلاڪن لاءِ ساهرن ڏانھن هليا ويندا هئا.
خبر ناهي تہ ليڊر صاحبان اسان تي ڇو ناراض هيا، ڇاڪاڻ جو هنن جي خيالن ۾ جيڪڏهن ڪوبہ نوجوان سکر ۾ وڪالت لاءِ اچي تہ پھريائين هنن جو سلام ڪري کانئس وڪالت ڪرڻ جي اجازت وٺي پوءِ بار ڪائونسل کان اجازت وٺي. مون وٽ بار ڪائونسل جي اجازت هئي، ان ڪري دوستن هڪڙي وڪيل صاحب کان مون تي ڪورٽ هلندي حملو ڪرايو. مان خوش ٿي گهر آيس. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ان وڪيل صاحب تي ڪن شاهينگن حملو ڪيو، مون تي فرياد داخل ڪرايو ويو. اسان سيشن ڪورٽ مان ضمانتون ڪرايون، بعد ۾ اهو ڪيس ڪوڙو قرار ڏئي ڪينسل ڪري ڇڏيو.
گهڻي وقت کان پوءِ بار جي اليڪشن جي مسئلي تي منھنجي ڪار چوري ڪرائي وئي. اها بہ مون واپس ڪرائي، انھن سمورن معاملن بہ ڀٽي، علي بخش ميمڻ ۽ شريف خان ڏاڍو ساٿ ڏنو، عطا محمد سومرو بہ ڪار جي ڳولا ۾ گڏ هيو.
ڀٽي ۽ مان ڪجهہ سماجي ڪم ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي، پر اياز جي وائيس چانسلر ٿيڻ کان اڳ سکر ۾ سنڌي مھاجر فساد ڪرايو ويو. اسان هڪ امن جلوس ڪڍيو، جنھن ۾ شيخ اياز ۽ عثماني صاحب پيش پيش هيا. پر ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر جيڪو هينئر وزير پڻ آهي، اياز کي ڪار مان لھرائي سندس بيعزتي ڪرائي، سنڌين کي ٽانگن تان لھرائي پٽڪا ۽ اجرڪ لھرايائين.
بھرحال اسان شھر جي بهبود لاءِ سکر جون برباد ٿيل لائبريريون ۽ تاريخي ماڳ مڪانن کي وري آباد ڪرڻ جو سوچيو، ان وقت مسٽر ﷲ بخش سومرو ڪمشنر هيو ۽ قاضي اعجاز جيڪو ميمبر بورڊ آف روينيو هيو. ميونسپالٽي جو ايڊمنسٽريٽر هيو، ميٽنگ گهڻو ڪري منھنجي گهر ۾ ٿيندي هئي. مون وارو مسواڙي گهر ڪافي وڏو هيو سو ﷲ بخش صاحب جي پڇڻ تي مون کيس ٻڌايو تہ مسواڙي گهر آهي، هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ قاضي اعجاز کي چيائين تہ ”ملڪ صاحب کي ميونسپالٽي جو پلاٽ ڏيو“ قاضي اعجاز هڪ پلاٽ جتي هينئر منھنجو گهر آهي سفارش ڪري، ڪمشنر صاحب جي معرفت حڪومت ڏانھن ڪاغذ موڪليا، پلاٽ جي چوٿين پتي جي قيمت مون کي لازمي ڀرڻي هئي سا ويچاري عثماني صاحب ڏني. اهو 1976-77ع جو دور هيو. ڄام صادق واسطيدار وزير هيو ۽ سميع قريشي چيف سيڪريٽري هيو. سکر مان سندس شادي ٿيل هئي ۽ مون کي سڃاڻيندو هيو.
مان سميع قريشي سان مليس ۽ ٻڌايو مانس تہ جيڪڏهن ڄام صادق کي خبر پئي تہ هي پلاٽ مون کي ملي رهيو آهي تہ هو ڪڏهن بہ منظوري نہ ڏيندو. سميع قريشي خبر ناهي تہ ڪھڙي اٽڪل ويڙهائي، جو منظوري وٺي آيو.
ﷲ بخش سومري صاحب قبضو بہ وٺي ڏنو، اڃان مان ويٺس مس تہ شھر جا ڪجهہ بدنام بدمعاش اچي پھتا ۽ مون کي چيائون تہ ”جڳھہ خالي ڪريو“ مون وٽ بہ ڪي ڪاٽڪو ڪنھن ڪم سانگي ويٺا هئا. مون انھن ڏانھن نھاريو. هنن ٻاهر وڃي هڪ ٻي سان ڳالھايو ۽ همراھہ رفو چڪر ٿي ويا. منھنجو پلاٽ بچي ويو ۽ مان بہ بچي ويس.
ان وقت اليڪشن جو زمانو بہ هيو، زبردست تاريخي ڌانڌلي ڪرائي وئي. اسان گهر ويٺا رهياسين تہ اسان جا ووٽ بہ داخل ٿي ويا. دٻا پولنگن تان کڄي ويا. جتي ڏيڍ لک ووٽ هيو، اتي اڍائي لک ووٽ پيا. منگي صاحب، مھر لنڊ ۽ ٻيا سردار وڏيرا وڏي وٿي سان جتي ڪٿي کٽي ويا، پي اين اي جي تحريڪ هلي، جناب مرحوم حسن حميدي پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلاف پير صاحب ۽ مولوين جي هلايل تحريڪ ۾ جلسن کي خطاب ڪرڻ لڳو، حالانڪہ منھنجي خيال ۾ ڀٽي صاحب جي خلاف سازشن طور ايڏي وڏي پيماني تي ڌانڌليون ڪرايون ويون هيون.
ضياءُ الحق جي مارشل لا لڳي، ان ڏينھن سڀ وڪيل منجهيل ماحول ۾ بارو روم ۾ ويٺا هئا. پاڪستان پيپلز پارٽي سکر جا ليڊر بہ هيسيل هيسيل ويٺا هئا تہ اوچتو شرف الدين ادا وڪيل ان مارشل لا جي خوشيءَ ۾ هڪ حلوي جي ديڳ پچرائي کڻي آيو ۽ بار جي پٽيوالي کي بار ۾ ڀٽي صاحب جو لڳل فوٽو هٽائڻ جو حڪم ڏنائين.
ستايل مان بہ هيس پر هڪ تہ ڀٽي صاحب کان نہ پر سندس پارٽي جي شھري اڳواڻن جو ٻيو مارشل لا ڪا اهڙي خوش خبري ڪانہ هئي، جنھن جي اچڻ تي مٺايون ورهائجن. ڪھڙو بہ هيو پر ڀٽو صاحب عوام جو چونڊيل نمائندو هيو. ان جي مٿان هڪ ملٽري ڊڪٽيٽر کي ترجيح ڏيڻ مناسب نہ هيو، سو مون شرف الدين کي ٻنھي ڳالھين کان سختيءَ سان منع ڪيو، هو خبر نہ آهي تہ منھنجي ڏاڍي عزت ڪندو هيو سو ديڳ بہ واپس ڪيائين تہ ڦوٽو بہ نہ لاٿائين، باقي جيالا سڄو وقت خاموش رهيا شايد پنھنجي آئيندي لاءِ پريشان هئا.