مولوي عبدالواحد سنڌي
مولانا عبيدﷲ سنڌي جڏهن جامعہ مليہ دهلي ويو تہ کيس هڪ نوجوان سنڌي استاد مليو. مٿي تي دهلي واري دوپلي ٽوپي، شيرواني، وڏن پانچن وارو پاجامو ۽ ڪلين شيو. مولوي جو خطاب يافتہ عبدالواحد جيلاني اصل ۾ پنو عاقل تعلقي جي ڀرسان ڳوٺ هاليجي جو انڍڙ هو، کيس يتيمي سبب سندس عزيز مولانا هاليجويءَ ننڍپڻ ۾ دهلي جي جامع مليہ داخل ڪرايو، جتي تعليم حاصل ڪئي. مولويءَ جو خطاب ماڻيو. جيلاني گهراڻي مان شادي ڪئي. ان ڪري مولوي عبدالواحد جيلاني مشھور ٿيو. سندس اولاد مان هڪ فرزند آصف جيلاني بي بي سي لنڊن تان خبرون پڙهندو هو.
مولانا عبيدﷲ سنڌي جڏهن جامع مليہ دهلي ويو تہ ساڻس اهو نوجوان مليو. مولوي صاحب سنڌي رواني سان ٿي ڳالھائي، سنڌي لکي پڙهي ڄاڻندو هو، هن جا سنڌي ۾ ڪيئي ادبي مضمون ڇپجي چڪا هئا. مولانا کيس جيلاني مان ڦيرائي سنڌي ڪري ڇڏيو، پوءِ مولوي عبدالواحد سنڌي ٿي ويو،
پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ عبدالواحد سنڌي، مھاجر ٿي هت آيو. ساڻس سندس خاندان بہ ساڻ هو. هن ڪو ڪليم ڪونہ ورتو، سڄو گهراڻو اعلى درجي جو تعليم يافتہ هو. قائداعظم محمد علي جناح کيس ذاتي طرح ڄاڻندو هو. هن جي گهرواري ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي ويجهن مائٽن مان هئي. اهو هنن کي زبردستي هت وٺي آيو هو. هو دراصل پاڪستان ڪونہ آيو هو، هو سنڌ آيو هو. هن پنھنجو اباڻو ڳوٺ گهميو ۽ ڏٺو. جناح صاحب کان فقط هڪ طلب ڪيائين تہ کيس هڪ سنڌي رسالي ڪڍڻ ۾ مدد ڪري. سرڪاري رسالو نئين زندگي نڪتو. سنڌي ٻوليءَ جي هن رسالي وسيلي عبدالواحد سنڌي جيڪا خدمت ڪئي. ان جو مثال ڪونہ ٿو ملي. پاڪستان ڪوارٽرس ۾ ننڍي مسواڙي سرڪاري ڪوارٽر ۾ بسترن رکڻ واري پيٽي سندس سمھڻ جي جاءِ هئي. سدائين سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن پويان پيو ڦرندو. مواد گڏ ڪري وقت سر معياري رسالو ڪڍيائين. بي لوث ملڻھار، وضع دار، ايماندار، سادو اياز جي آفيس ۾ معمولي کٽ تي سمھي رهندو هو. رات گذاري هليو ويندو. سليم شمشير الحيدري، غلام رباني کي صحافت ۽ ادب جي تربيت ڏنائين. پنھنجي نياڻين کي سنڌي نوجوانن سان شادي ڪرائڻ جي آس کڻي آيو هو. مون ڏانھن هڪ ڊگهو خط لکيائين. لائبريري تمام وڏي هيس، جيڪا هو پنھنجي اباڻي ڳوٺ منتقل ڪرڻ چاهيندو هو. سندس ڪابہ آس پوري ڪانہ ٿي. وڏي ڄمار ماڻي گذاري ويو ۽ ڪراچي ۾ ڪٿي دفن آهي.
مولانا عبيدﷲ سنڌي جو هڪ ٻيو شاگرد مولانا عزيز ﷲ جروار هو، سڄي زندگي مولانا جي خدمت ۾ گذاريائين. اڪيڊمي بہ ٺاهيائين. مولانا جا ڪتاب مون کي ڏئي ويندو هو. هاري ڪاميٽيءَ تي ڪافي وقت دولت لٽايائين. سنڌ هاري ڪاميٽي جو سربراھہ بہ ٿي رهيو. نوي ورهين جي وڏي ڄمار ماڻي وفات ڪيائين. پني عاقل ويجهو سندس ڳوٺ لڳ قبرستان ۾ دفن آهي. مرڻ کان ٻہ ڏينھن اڳ بخار جي حالت ۾ مون سان آخري ملاقات ڪرڻ آيو، ڇڪي ڀاڪر پاتائين ۽ پوءِ هليو ويو، بلڪل هليو ويو ۽ وري ڪونہ آيو.
ڪامريڊ برڪت علي آزاد، گانڌي آشرم ۾ سندس تربيت ٿي. هندستان جي آزادي واري جنگ ۾ انگريز جا جيل ڪاٽيائين. ڪوئيٽا مان جيڪب آباد ۽ اتان سکر آيو. ڪتابن جو دڪان کوليائين. ڪرايو نہ ڏئي سگهڻ جي صورت ۾ بي دخل ٿيو. مھراڻ مرڪز ۾ مسواڙي فليٽ جيڪو سڄو ناياب ڪتابن سان ڀريل هوندو هيس. ڪيترن کي ناياب ڪتاب معمولي رقم عيوض وڪڻندو هو. سندس پٽ کي ايئرفورس جي پائليٽ ڪورس مان اهو چئي ڪڍي ڇڏيائون تہ تنھنجو پيءُ غدار آهي. انڌرا گانڌي، خان غفار خان سان گڏ هن کي بہ گهرائي Freedom foghter جي شيلڊ ڏني، جنھن سبب کيس ڪافي تڪليفون ڏسڻيون پيون. هي بہ سڄي پاڪستان جي پيڙهيل عوام جا درد ڏسندي جيڪب آباد ۾ مري ويو. سکر واري فليٽ مسواڙ نہ ڀري سگهڻ ڪري خالي ڪري ويو.