گرمين جي موسم ۾ ڀٽيءَ سان جٺ
بھرحال هڪڙي ڏينھن بار ۾ آيس تہ ڀٽيءَ ٻڌايو تہ دوستن پڪنڪ جو پروگرام ٺاهيو آهي ۽ تون بہ هل. زبردست گرمي هئي هر ڪنھن چندا پئي ڪيا. مون بہ ڀٽيءَ کي پنھنجو حصو ڏنو. پلا ڀٽيءَ جي گهران آيا. انب علي بخش ميمڻ گهرايا، برياني ڊاڪٽر تنوير عباسي کي چيل هئي. مشروبات مون ورتا. سليم خواجہ بہ آيل هو، ان ڪجهہ ڪونہ آندو جو هو گيسٽ اسٽار هو، قادر صديقي ۽ شيخ اياز پنھنجي موٽرڪارن جي امداد ڪئي، اسان سڀئي روهڙي ڪئنال تي ٺيڙهي لڳ هڪ ريگيوليٽر تي وڃي ڪيمپ هنئي. اتان ٻہ ننڍا واھہ بہ نڪرن پيا، گهاٽا وڻ ۽ تڙ ڪرڻ لاءِ نلڪو بہ لڳل هو، آبپاشي کاتي جا سرڪاري ڪوارٽر بہ هئا. وڻن جي وڻندڙ ڇانءِ بہ هئي. موٽر ڪارن تي چڙهي اياز، مان، رشيد، قادر صديقي، علي عباسي ۽ سليم خواجہ خيرپور مان آيا. مون ۽ رشيد ڀٽيءَ کي واھہ ۾ ترڻ نہ ايندو هو، ان ڪري مان ۽ ڀٽي واھہ جي ڪناري تي ويھي رهياسون، باقي سمورا دوست وڏي واھہ يعني روهڙي ڪئنال ۾ ترڻ لاءِ لھي ويا. اياز وڏي مھارت سان واھہ ۾ تري رهيو هو، سمورا ڪرتب جيڪي وڏن تارن کي اچڻ گهرجن، اياز کي ايندا هئا. ڀٽي کي ذيابيطس جي بيماري لڳي چڪي هئي. ان ڪري هو بک برداشت نہ ڪندو هو، ڀٽي ماني کولي کائڻ شروع ڪئي. واھہ مان ڀٽي کي سڀني رڙيون ڪري اڪيلي سر ماني کولي کائڻ کان منع ڪئي پر هو نہ پيو مڙي، ان تي اياز، تنوير، خواجہ سليم ٻاهر نڪري اچي کيس ڪجهہ وقت انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ وري واھہ ۾ هليا ويا. تنوير، سليم خواجہ، غلام مصطفى شاھہ، قادر صديقي ۽ علي بخش ميمڻ ڏاڍا سٺا تارو هئا ۽ مقابلا ڪرڻ لڳا.
مون فقط اهو تماشو ويٺي ڏٺو. ڀٽي صاحب ٻيھر ماني کولي کائڻ شروع ٿي ويو. ان تي اياز پاڻي مان نڪري آيو ۽ سمورن دوستن کي بہ واھہ مان نڪري اچڻ لاءِ چيو. جڏهن سڀ نڪري آيا تہ اياز رڙ ڪري چيو تہ يار ڏسو ڇا ٿا، ڀٽي کي کڻي واھہ ۾ اڇلايو، هو پاڻھي ترڻ سکي ويندو، اياز جي انھيءَ چوڻ تي سڀني دوستن ڀٽيءَ کي ڪپڙن سميت ٽنگن ۽ ٻانھن کان وٺي کڻي واھہ ۾ اڇلايو، في الحال تہ ڀٽي گم ٿي ويو، پوءِ غوطا کائڻ لڳو، تڏهن سڀني جو دماغ درست ٿيو تہ ٻڏي پيو، اياز سميت سڀني کڻي واھہ ۾ ٽپا ڏنا، سليم خواجہ، تنوير عباسي ۽ علي بخش ميمڻ وڏي جدوجھد کان پوءِ ڀٽي کي بچائي ٻاهر ڪڍي آيا. ڪافي وقت تہ ڀٽي گم سم ويٺو هو ۽ پوءِ اوچتو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. سڀئي دوست پريشان ٿي ويا. پڪنڪ وغيرہ تہ وسري وئي. ڪپڙا پائي ڀٽي کي پرچائڻ لڳا. سڄو ماحول بدلجي ويو، ايتري ۾ٺيڙهيءَ جا ملان ۽ کٿابي لٺيون کڻي وڙهڻ آيا. هنن ڀٽيءَ کي سڃاتو هو ڇاڪاڻ جو ڀٽي مولوي گهراڻي جو هو ۽ ٺيڙهي جي مدرسي مان پڙهيل هو، سو هنن سمجهيو تہ ڀٽيءَ کي ڄاڻي واڻي ماريو ٿي ويو، سو کين مس مس سمجهايو سون ۽ ڪافي دير کان پوءِ واپس وريا.
ڀٽيءَ انھيءَ ڪاوڙ ۾ سموري ماني کڻي واھہ ۾ اڇلائي ۽ خوب اياز کي گهٽ وڌ ڳالھايو، جيڪي اياز خاموشي سان برداشت ڪندو رهيو، آخر تنوير جي ڪار ۾ چڙهي سکر آياسين ۽ ڀٽيءَ کي گهر پھچايوسين. ٻئي ڏينھن سمورن وڪيلن ۽ شھر ۾ اها ڳالھہ عام ٿي وئي تہ ڀٽيءَ کي شيخ اياز واھہ ۾ ٿي ٻوڙايو، بھرحال ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ هر شيءِ نارمل ٿي وئي. جڏهن مون محترمہ بينظير کي بار ۾ خطاب لاءِ گهرايو تہ ان کان اڳ مون وڪيل صاحبن سان انجام ڪيو هو تہ سڀني سياسي پارٽين جي سربراهن کي خطاب لاءِ گهرائبو، تنھن هوندي بہ مخدوم خليق الزمان ۽ محترمہ نصرت ڀٽو صاحبہ کي بہ خطاب ڪرايم، جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي سان وابستہ هئا. آخر ۾ محترم غوث علي شاھہ جيڪو ان وقت سنڌ جو سينيئر وزير (چيف منسٽر) هو تنھن کي بہ دعوت ڏنم، جنھن تي محترمہ سميت پيپلز پارٽي جا سمورا دوست اڄ تائين سخت ناراض آهن.
سيد غوث علي شاھہ صاحب کي مون ڀٽيءَ جي دل جي بيماري جي سرڪاري طور علاج ڪرائڻ لاءِ چيو جنھن چيو تہ کيس اهڙي درخواست ڏيون. انھيءَ ساڳي دور ۾ غلام رباني آگرو، جيڪو اسان سڀني جو دوست هو، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جو ڊائريڪٽر مقرر ٿي اسلام آباد هليو ويو. ان جڏهن ڀٽيءَ جي بيماري جي ڳالھہ ٻڌي تہ هن بہ پنھنجي اداري جي معرفت ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي. انھن ڏينھن ۾ دل جي بيماري جو علاج ٻاهرين ملڪن ۾ ٿيندو هو ۽ ڏاڍو مھانگو علاج هو. جيڪو سڀ ڪنھن جي وس جي ڳالھہ نہ هئي. آخر اڪيڊمي ادبيات هڪ وڏو سيمينار گهرايو، جنھن جي هڪڙي نشست جي صدارت مرحوم محمد خان جوڻيجو جيڪو ان وقت وزيراعظم پاڪستان هو، ڪري رهيو هو، اسان کي رباني فون تي ٻڌايو تہ اسان جيڪڏهن اسلام آباد ان سرڪاري تقريب ۾ شريڪ ٿينداسون تہ ڀٽيءَ جي سرڪاري علاج واري معاملي ۾ سھولت ٿيندي. وڏي صلاح مشوري کان پوءِ ڀٽيءَ مونکي بہ پاڻ سان شريڪ ڪيو ۽ اسان ٻئي سرڪاري ٽڪيٽن تي جھاز ذريعي اسلام آباد وياسون، جتي اسان لاءِ رباني پاڻ ايئرپورٽ تي آيو ۽ مرسڊيز ڪار ۾ چاڙهي راولپنڊي جي پرل ڪانٽينيٽل هوٽل ۾ رهايائين. جيئن تہ اسان جي سيمينار وغيرہ ۾ ڪابہ دلچسپي ڪانہ هئي، سو فقط ڪچھريون پئي ڪيون سون. حسين شاھہ راشدي، فيض بخشاپوري، علي احمد بروهي جا ڪمرا اسان سان ڪٺا هئا. هڪڙي ڏينھن رباني کان ڪار وٺي پشاور گهمڻ وياسون. اسان سان هڪ مس دراني جيڪا اتي آفيسر هئي، پشاور ڏسڻ هلي. پشاور مون اڳ ڪونہ ڏٺو هو، سو نڪري پياسون. پشاور لاءِ مون کي اتان جو صحيح سلامت ۽ سنڀاريل تاريخي قلعو ڏسي حيرت ٿي. اتان جو ميوزم بہ سنڀاريل هو، مون کي پنھنجو حيدرآباد جو قلعو ياد آيو، حيدرآباد جو تاريخي قلعو، ڪالڪان ديوي جو مندر، وڄڻوٺ، نئنگ ۽ ان تي هزارن سالن جون تاريخي غارون، مصنوعي اوائلي ڊيم ۽ چشما ياد آيا، نئين گاج ياد آئي ۽ هر حاڪم جا ڪوڙا واعدا جيڪي هنن انھن ماڳن مڪانن کي سنڀارڻ لاءِ ڪيا، ياد آيا، مدد خان جا گهوڙا، شاھہ شجاع، شاھہ بيگ ارغونن ۽ سڀ لٽيرا ياد آيا. جن سنڌ جي سينڌ ۾ فقط رت ڀريو آهي، اهي سڀ ياد آيا، پنھنجن ۽ پراون ۾ ڪو فرق نظر نہ آيو.
اسان کي مس دراني پشاور جي پبلڪ اسڪول جي پرنسيپال ”جيڪا پشتو زبان جي بھترين ليکڪا هئي“ سان ملايو، محترمہ نھايت وضعدار، پڙهيل ڳڙهيل عورت هئي. خيبر جو دروازو گهميوسين ۽ شام ڌاري اسلام آباد واپس هليا آياسون. رباني کان ڪار وٺي ڪوھہ مري کان نٿيا گلي طرف هليا وياسون، ڀٽي جي فرمائش تي نٿيا گلي جي هڪ پھاڙ تي هوٽل جي چانھہ پيئڻ وياسون. اتي آڪسيجن گهٽ هجڻ جي ڪري ڀٽيءَ جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي، اسان هڪدم واپس ڪار ۾ اچي ويٺاسون ڪار ايبٽ آباد طرف هلي ۽ آهستي آهستي ڀٽي جي طبيعت وري سڌرڻ لڳي ۽ ٺيڪ ٿي ويو. ايبٽ آباد ۾ اچي چائنيز ماني کاڌي سون، شام جو وري اسلام آباد اچي ٽڪياسون.
ٽئين ڏينھن تي قراردادن جو ڏينھن هو، سو اسان بہ سرڪاري ڀاڙا ۽ ماني حلال ڪرڻ لاءِ وياسون. هڪڙي قرارداد اسان بہ پيش ڪئي تہ سنڌي، بلوچ، پشتو، پنجابي، سرائيڪي ۽ پوٺوهاري زبانون پاڪستان جون قومي زبانون تسليم ڪيون وڃن، باقي اردو کي رابطي جي زبان تسليم ڪيو وڃي.ان قرارداد ۾ اردو دانن جن جي مادري زبان اردو هئي گهٽ پر پنجابين وڏو هنگامو ڪيو ۽ اسان کي غدار پاڪستان جا لقب ڏنا. بھرحال اها قرارداد هل هنگامي جي نظر ٿي وئي ۽ پاس نہ ٿي سگهي. اسان ٻي قرارداد پيش ڪئي تہ پاڪستان جيئن تہ هڪ اسلامي ملڪ آهي، سو پاڪستان جي قومي زبان عربي ٿيڻ گهرجي. ان کي سازش قرار ڏئي رد ڪيو ويو. شام جو اڪيڊمي طرفان ڪجهہ ڪتابن کي انعام مليا، جن ۾ اردو ڪتاب لاءِ چاليھہ هزار ۽ سنڌي زبان ڪتاب لاءِ ويھہ هزار رپيا انعام هئا مرحوم علي احمد بروهي کي سندس سنڌي ڪتاب لاءِ ويھہ هزار رپيا انعام ملڻا هئا ۽ امجد اسلام امجد کي چاليھہ هزار رپيا انعام ملڻو هو، جو هن جو ڪتاب اردو ۾ هو، اهو ئي فارمولو اڪيڊمي وارن ترجمن وارن ڪتابن لاءِ بہ رکيو هو، سنڌي ڪتاب جي مترجم کي ڏيڍ رپيو هڪ اکر جو ۽ اردو واري کي ٽي رپيا هڪ اکر جا ملندا هئا. هن وقت بہ ساڳي صورتحال آهي. ساڳي ڏينھن انھن انعامن کان پوءِ مشاعرو شروع ٿيڻو هو، مون کي بہ رباني چيو تہ ڪجهہ اردو ۾ شعر لکي وٺان جو هتي سنڌي شعر پڙهڻ نہ ڏنو ويندو، سو مون روزي حلال ڪرڻ جي خيال کان ۽ ٻيو اهو چئلينج ڪري ورتو تہ اسان اردوءَ ۾ بہ شاعري ڪري سگهون ٿا. سو ٻہ يا ٽي اردو ۾ شعر لکي ورتا. جڏهن ڀٽيءَ کي اهي شعر هوٽل جي ڪمري ۾ پڙهي ٻڌايم تہ هن زبردست داد ڏيندي حڪم ڪيو تہ مان وري اردو شاعري نہ ڪندس جو هن جي خيال ۾ کانئن هڪ سنڌي شاعر کسجي ويندو. هتي دين بہ آهي تہ دنيا بہ آهي. پروين شاڪر کي جڏهن اها خبر پئي تہ اها اسان جي ڪمري ۾ هلي آئي. شعرن ٻڌڻ کان پوءِ زبردست فرمائش ڪيائين تہ مان جيڪر اهي شعر مشاعري ۾ پڙهان. بروهي صاحب تي تہ ايترو اثر ٿيو جو هن انعام وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. فيض بخشاپوري جيڪو غالب سنڌ بہ سڏائيندو هو، تنھن بہ ستايو تہ جيڪر مان اهي اردو وارا شعر نہ پڙهان.
هاڻي معاملو وڌي وڻ ٿي ويو، هڪ طرف پروين شاڪر، ٻي طرف ڀٽي صاحب، بھرحال مون پروين شاڪر جي قربت جي قرباني ڏيندي شعر نہ پڙهيا. نيٺ سکر هليا آياسين، جنھن ڳالھہ ڪري ايتريون قربانيون ڏيڻيون پيون. سا ڳالھہ بہ نہ ٿي يعني ڀٽيءَ جو سرڪاري خرچ تي علاج نہ ٿيو، هتي هڪ خوش خبري ملي تہ عبدالصمد ڄائو جيڪو ننڍڙي عبدالسلام جي هم شڪل هو، گلاب جي گل جيان منھنجي ننڍڙي باغيچي ۾ اضافو بہ ٿي ويو ۽ قدرت طرفان ازالو بہ ٿي ويو.