آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيڪي ياد پيوم

فتاح ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخص آھي. فتاح ملڪ پنھنجي يادگيرين ۾ اھڙا ورق پڻ کوليا آھن جيڪي نہ اعتبار ۾ ايندڙ آھن، خاص ڪري شيخ اياز ۽ ٻين بابت جيڪي اڳ ڍڪيل ھيا. فتاح ملڪ ھن ڪتاب ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين، عوام جي مثالي نمائندن، اسڪولن ۽ مدرسن جي ماحول، گهر ڀاتين، خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن، ون يونٽ جي تحريڪ، نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ، سکر جي اڻمٽ يادن ۽ شخصيتن، غربت ۽ وڪالت جي ڏينھڙن، شاگرد جدوجھد، پرڏيھہ ياترا، ھندستان ۽ چين جي يادن، ڀلي پار جي سفر، سميت ڪيئي يادون شامل ڪيون آھن.

  • 4.5/5.0
  • 153
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فتاح ملڪ
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Jeki Yaad Payom

ڀلي پار جو سفر

سمورا وهم گمان وساري، سڀ شيءِ ﷲ جي حوالي ڪري حج بيت ﷲ لاءِ روانا ٿي وياسين، اسان کي اڳ ۾ ڏاڍو ڊيڄاريو ويو هو تہ سعودي ايئر پورٽ تي ڏاڍو تنگ ڪندا آهن. اسان کي حاجي ڪيمپ تي گهرايو ويو، جتي اسان دوائون وغيرہ کڻي وياسين. جيڪي سيل مھر ڪري ڏنيون ويون. اهو بہ ٻڌايو ويو تہ سعودي ۾ دوائون ڊاڪٽر جي نسخي کان سواءِ نہ ڏيندا آهن. ان ڪري دوائون هتان وٺي وڃون، جيڪي دوائون سيل مھر ٿيل نہ هونديون، اهي ايئرپورٽ تي ئي سعودي عملدار ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيندا آهن. جتي ايئرپورٽ تي حاجين سان بدسلوڪي ۽ بدتميزي بہ ٿيندي آهي وغيرہ وغيرہ.
اسان جي ٽريولنگ ايجنٽ طرفان بيچ لگزري هوٽل تي هڪ ڪلاس بہ ٿيو. جنھن ۾ حج بابت وڏي ڄاڻ ڏني وئي. هڪ احرام، هڪ ٿيلھو ۽ ٻيو ڪجهہ سامان ڏنو ويو، انجيڪشن وغيرہ جو بہ انتظام هو، ان کان اڳ گهرن ۾ سمجهاڻيون ڏنيون ويون. هڪ مولوي صاحب بہ ساڻ ڪري ڏنو ويو. اسان جدي ايئرپورٽ تي ٻين يا ٽين وڳي شام ڌاري پھتاسون. ٻہ ڪلاڪ کن ايئرپورٽ جي معاملن ۾ لڳي ويا، ڇا جي چيڪنگ، ڇا جي بدتميزي ڪجهہ بہ ڪونہ هو. سڀ ڪجهہ نارمل ۽ قانون مطابق هو. نھايت فضيلت ڀري نموني سان سڀ ڪجهہ ٿي رهيو هو. مون کي تہ ڪوبہ سرڪاري عملداري وارو رويو نظر نہ آيو. هزارن ۾ حاجي هئا. ڪئين جھاز پئي لٿا، جدہ ايئرپورٽ دنيا جي وڏن هوائي اڏن مان هڪ آهي. نھايت سٺي طريقي سان سڀ اڪلايو ٿي ويو.
ايئرپورٽ تي وڏيون ڇٽيون لڳل آهن. ويجهڻ لاءِ سيمينٽ جون بئنچون آهن، پر ناڪافي آهن. اسان پنھنجي بسين جي انتظار لاءِ پاڪستاني علائقي واري بورڊ لڳل بئنچن تي ويھاريو ويو، جتي اسان جي ٽريولنگ ايجنٽ جو اسٽاف اڳ ۾ اسان جي انتظار ۾ بيٺل هو. ٻہ همراھہ پاڪستان مان بہ اسان سان هليا، معلم جو ماڻھو بہ جدہ ايئرپورٽ تي موجود هو. اسان جا سمورا پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون اسان کان وٺي ڇڏيائون، اسان جي نالي واري لسٽ مطابق حاضري ورتي وئي.
ڪافي دير کان پوءِ اسان جون بسون آيون. جن ۾ اسان جو سامان رکي اسان کي ويھاريو ويو، اسان جي نالي واري لسٽ جي هڪ ڪاپي بس جي ڊرائيور کي ڏني وئي. جنھن پنھنجي بس ۾ سمورن ويٺلن جي لسٽ مطابق ڳڻپ ڪئي. ان بعد ڪو سرڪاري ڪامورو بہ بس ۾ چڙهي آيو، جنھن بہ ڊرائيور واري لسٽ جي هڪ ڪاپي بسون هيون. هر هڪ بس سان ڪئي وئي. اتان نڪرندي نڪرندي رات ٿي وئي. رستي ۾ هڪ چيڪنگ واري ٻيھر ٿي. آخر ٻن تلوارن جن جي مٿان ڪلاڪ پاڪ رهيل ۾ رکيل پورٽريٽ وارو گيٽ آيو، اها جاءِ آهي، جيڪا ٻڌائي ٿي تہ هتان فقط مسلمانن کي اڳتي وڃڻو آهي. اڌ رات جي هڪ يا ڏيڍ وڳي اسان مڪي پاڪ کي ويجهو ٿياسون. اسان جي رفيقن ۾ ڪيترا آفيسر، رٽائرڊ ڪرنل، جنرل ۽ انھن بيگمارون هيون. ڏاڍا وڏا واپاري ۽ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جن جي لاءِ يورپ ۽ آمريڪا ڄڻ سندن گهر هو، ساڻ هئا.
اوچتو هڪڙي نوجوان ڊرائيور سيٽ جي ڀرسان واري سيٽ وڃي والاري ۽ مائيڪ هٿ ۾ کنيو ۽ ”لبيڪ ﷲم لبيڪ“ وڏي آواز سان پڙهڻ شروع ڪيو، اسان سڀ هن سان گڏ چوندا هلياسون. عجيب ماحول ٿي ويو، سڀ احرام ۾ هئاسون. پوئتي جا سمورا معاملا وسري ويا، فقط بندو ڪفن پھري پنھنجي خدا جي حضور ۾ حاضري ڀرڻ ٿي ويو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪو نافرمان فرمانبرداري ڪندي حاضر ٿي ويو. ڪيترن حاجين جي ڳلن تي ڳوڙها ٿي ڳڙيا.
آخر هڪڙي هنڌ سموريون بسون اچي بيھي رهيون، سمورا ڊرائيور هيٺ لھي آيا. هڪڙو همراھہ آب زم زم کڻي آيو. چاندي جي ٿانون ۾ پيئاريائين. اتي اسان جي معلم جي آفيس هئي. ڪافي وقت کان پوءِ اسان جي وري ڳڻپ ٿي. اها معلم جي طرفان هئي، هن جي آفيس اتي ڪٿي هئي.
مان هڪڙي ڳالھہ ٻڌائيندو هلان تہ پاڪستان ۾ مون کي شديد چيلھہ جو سور پئجي ويو هو پر هن عشق ۾ سڀ سور وسري ويا هئا. آخر ٽين يا ساڍي ٽين وڳي رات جو اسان پنھنجي هوٽل مڪہ ٽاور تي پھتاسون، هوٽل ڏاڍو عمدہ هو، مسجد الحرام ۽ خانہ ڪعبہ سان گڏ هو، بلڪہ ڄڻ ان جو حصو هو.
اسان هوٽل جي ڪمري ۾ ٿوري دير آرام ڪيوسين تہ ايتري ۾ فجر نماز جي بانگ آئي. جلدي جلدي وضو ڪري نماز جي تياري ڪئي سون، مون کي باقاعدہ پڙهڻ جي عادت ڪانہ هئي. هڪ نماز جو شوق ٻيو خانہ ڪعبہ جي زيارت جو اشتياق، منھنجي گهرواري تہ اڳ ئي نيڪ نمازي آهي. سا مون کي سڀ ڪجهہ سمجهائڻ لڳي. هيترا نفل هيتريون سنتون ۽ فرض ۾ ڪيتريون رڪعتون آهن. چاليھہ سال تقريبن بي نمازي گناهن ۾ چور، بي حساب ڏوھہ هڪڙا اهي جن جي سڄي دنيا کي خبر آهي هڪڙا گناھہ اهي جن جي فقط مون کي ۽ منھنجي مولا کي ڄاڻ آهي. ڪعبو حضرت ابراهيم عليہ السلام جو جوڙيل خدا جو گهر، جتي مقامِ ابراهيم بہ آهي، سنگ اسود، حضور جن طواف بہ ڪيو ۽ سنگ اسود کي چمي بہ ڏني. جڏهن ڪعبة ﷲ تي پھرين نظر پئي تہ اکين مان آبشار وهڻ لڳا، انسان بي خود ٿي وڃي ٿو، جذبات ۽ جنبش جي ور چڙهي ٿو وڃي. طواف پورو ڪيوسين تہ نماز شروع ٿي وئي. اتي عورتون الڳ ڪري ٿا ڇڏين. وڇڙي وڃڻ جي صورت ۾ وري ڪٿي گڏ ٿجي. نشاني ٺاهي سون، اسان کي عمرو بہ ڪرڻو هو، ان لاءِ طواف ۽ سعي يعني صفا ۽ مروہ جي وچ ۾ ست ڊوڙون وجهڻيون هيون. جتي بيبي حاجرہ ائين ڪيو هو، اسان کي معلوم نہ هو تہ اهو ڪم ڪٿي آهي.
نماز ختم ٿيڻ کان پوءِ اسان ٻئي وڇڙي وياسون. مسجد الحرام ۾ پنجاھہ ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضيءَ ۾ آهي، اهو اسان جو پھريون ڏينھن هو، مان ڏاڍو پريشان ٿيس. هڪ دفعو هوٽل تي بہ پڇي آيس. آخر اندر وڃي دعا گهري بس ڪيم تہ ڏٺم تہ مون واري حاجاڻي اندران ٿي آئي. ٻڌايائين تہ هن صفا ۽ مروو واري سعي پوري ڪري ڇڏي آهي، ان جي ٻڌائڻ تي مان بہ اتي ويس، صفا ۽ مروا ٻہ پھاڙ آهن، جن جي وچ ۾ ست دفعا تکو گهمڻو آهي ۽ اها جاءِ بہ مسجد جو حصو آهي. سعي ڪرڻ کان پوءِ اتي هڪڙا ايراني حاجي مليا، جن جي هٿ ۾ ڪئنچي هئي. مون فقط وارن جي چڳ ڪترائي. عورتن لاءِ هڪ اهم ڪم ڪري رهي هئي. هونءَ دروازي جي ٻاهران حجامن جا ڪيترا دڪان آهن. جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ڏھہ ريال هر هڪ حاجي کان ٿا وٺن.
اسان عمرو پورو ڪيوسين ۽ پنھنجي هوٽل تي اچي احرام لاهي تڙ ڪري سمھي رهياسون. ڏاڍي ننڊ آئي. يارهين وڳي اٿياسون. مون کي ائين ٿي لڳو تہ مان ڏاڍو هلڪو ٿي پيو آهيان. اسان جو ناشتو هوٽل جي ڊائنگ هال ۾ لڳل هو، ڏاڍي سٺي ماني هئي.
مون کان منھنجي حاجاڻي پڇيو ”ڇا محسوس ڪيو؟“ ”مون کي پنھنجو سارو اعمال نامو نظر ٿي آيو. مون کي نہ خبر ٿي سنت ۽ نہ فرض جي فقط سجدا ڪيا آهن ۽ انھن ۾ فقط معافي گهري آهي.“