آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيڪي ياد پيوم

فتاح ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخص آھي. فتاح ملڪ پنھنجي يادگيرين ۾ اھڙا ورق پڻ کوليا آھن جيڪي نہ اعتبار ۾ ايندڙ آھن، خاص ڪري شيخ اياز ۽ ٻين بابت جيڪي اڳ ڍڪيل ھيا. فتاح ملڪ ھن ڪتاب ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين، عوام جي مثالي نمائندن، اسڪولن ۽ مدرسن جي ماحول، گهر ڀاتين، خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن، ون يونٽ جي تحريڪ، نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ، سکر جي اڻمٽ يادن ۽ شخصيتن، غربت ۽ وڪالت جي ڏينھڙن، شاگرد جدوجھد، پرڏيھہ ياترا، ھندستان ۽ چين جي يادن، ڀلي پار جي سفر، سميت ڪيئي يادون شامل ڪيون آھن.

  • 4.5/5.0
  • 153
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فتاح ملڪ
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Jeki Yaad Payom

دهليءَ جي سياحت

ٻئي ڏينھن صبح جو قطب مينار ڏسڻ وياسون، اتان موٽندي دهلي ميٽرو يعني زير زمين ريلوي سسٽم ڏٺوسون، مون پھريون ڀيرو انڊر گرائونڊ ريل لنڊن ۾ ڏٺي هئي. هي انتھائي خوبصورت، سستي ۽ جديد ٺاهي وئي آهي. پنج رپيا ٽڪيٽ اٿس، ڪافي رش پر ڇاڪاڻ جو هڪ ريل وڃڻ کان پوءِ هڪدم ٻي ٿي اچي بيھي، ان ڪري رش ڪو مسئلو ناهي. ان کان پوءِ انڊين پارليامينٽ ۽ صدر صاحب جي محلات جو ٻاهريون نظارو ڪيوسين. دهلي هڪ تمام وڏو شھر آهي، خود هڪ رياست بہ آهي، گورنر، وزير اعلى ۽ اسيمبلي دهلي کي پنھنجي آهي، پنھنجو چيف منسٽر اٿس. هڪ طرف کان هريانہ، ٻي طرف کان اتر پرديش بہ اٿس. اسان کي صبح جو نيوڊا جو علائقو جيڪو جمنا ندي جي هن پار آهي ۽ دهلي شھر کان اترپرديش ۾ آهي بہ گهايو ويو. اتي هڪ انٽرنيشنل فلم ۽ ٽيليويزن جو هڪ سؤ ايڪڙن تي مشتمل ادارو ٺاهيو ويو آهي ان ۾ اسان جو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ويو. هڪ هزار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون فلم، ٽيليويزن ۽ ان سان لاڳاپيل ڪورس ٿا پڙهن ۽ کين انتھائي جديد قسم جي سکيا ڏني ٿي وڃي. ڪئمرا کان وٺي لائيٽنگ، بجلي، اسٽيج، سيٽنگ، ڊائريڪشن، ناٽڪ، ائڪٽنگ، ڊانس، ميوزڪ، رڪاڊنگ وغيرہ ڪيئي سئنيما آهن، جتي نوجوان سکيا وٺي رهيا آهن. اتي اسان کي ٻڌايو ويو تہ ڀارت ۾ هر سال هڪ هزار فلمون ۽ ڊراما تيار ٿا ٿين. جن مان پنج سؤ اڪيڊمي جا تيار ٿيل هوندا آهن. ڀارت ۾ نوجوانن لاءِ ننڍا ڪورس جيڪي ٽن مھينن کان وٺي ٽن سالن تائين هوندا آهن، جن ۾ بئنڪنگ، بوڪ ڪيپنگ، اڪائونٽنسي، هوٽل مئنيجمنٽ، ٽوئرسٽ گائيڊ وغيرہ شامل آهن، ڪورس کان پوءِ نوجوانن کي جلدي ننڍي وڏي نوڪري مليو وڃي. پگهار شروعاتي ٽي يا ساڍا ٽي هزار آهي، جيڪا اسان جي ڪرنسي ريٽ مطابق ڏھہ هزار ٿي وڃي ٿي. گهر جا سمورا ڀاتي صبح جو پنھنجي نوڪرين تي ميٽرو ذريعي هليا ٿا وڃن. سڀ ڪمائن ٿا، سرڪاري نوڪري جو ڪنھن کي ورلي ڪو شوق آهي. مھيني ۾ ٽيھہ هزار سمورا ڀاتي جن ۾ ننڍا وڏا سڀ شامل آهن. ڪمائيٿا وٺن. سادو ڪپڙو ۽ سادو کاڌو کائي خوش لڳا پيا آهن. اٺ ڪلو سبزي ٿي ملي. اجايو ڏيکاءُ ڪنھن ۾ بہ ڪونہ هو. آخري تاجدار هند مغل بادشاھہ ملڻ آيو. معمولي پائجامو ۽ ڪرتو پھريل هيس. سرڪار سڀ کسي ڇڏيو اٿس، معمولي ساليانو وظيفو ٿي مليس. هوٽل جي بئرن کي بہ چڱا ڪپڙا پھريل هئا، نواب صاحب اسان کي پنھنجي بچيل نوادرات ڏيکارڻ ٿي چاهيا ان کان پوءِ لنچ لاءِ هڪ مدراسي ريسٽورنٽ تي وياسون، جتي مدراسي دوسا کاڌوسين. ان کان پوءِ اسان کي گيٽ وي آف انڊيا گهمائڻ وٺي ويا. پارليامينٽ هائوس جي ويجهو هڪ وڏو گيٽ ٺھيل آهي، جتي هندوستان جي آزادي جي ويڙھہ ۾ مري ويل يا زندھہ سياسي، سماجي ڪارڪنن ۽ ليڊرن، سپاهين ۽ شاگردن جا نالا اڪريل آهن. هڪ چوويھہ ڪلاڪ ٻرندڙ شمع آهي. اتي گارڊ بہ آهن، جيڪي صبح شام انھن فريڊم فائٽرس جي سلامي ڪندا آهن ۽ هر فوج جي نمائندگي ڪندا آهن. ڀارت ۾ فريڊم فائٽرس جو تمام وڏو مان آهي، انھن آزادي جي زندھہ هيروز کي ماهوار وظيفو بہ ملندو آهي. هنن کي سڄي ڀارت ۾ ريل جو سفر مفت آهي. هنن جي اولاد کي اسڪالرشپ ۽ نوڪرين ۾ اوليت مليل آهي. ڪيترن کي گهر بہ سرڪاري وٺي ڏنا آهن.
اهڙي ريت اديبن ۽ جرنلسٽن لاءِ بہ ڪالانيون آهن. سياسي ڪارڪنن کي پارٽيون پگهار بہ ڏينديون آهن. سواري ۽ گهر بہ ڏينديون آهن ۽ انھن جي ٻارن جي تعليم وغيرہ جو ذمو بہ پارٽي حوالي آهي. ان ڪري سياسي ڪارڪن، ڏاڍا پڙهيل، دنيا جي تاريخ ۽ سمورين تحريڪن، جنگين، اٿل پٿل ۽ حالات حاضر جا ڄاڻو ۽ ايماندار قسم جا ڪميٽيڊ ڪارڪن ۽ نظرياتي ماڻھو هوندا آهن. ڪانگريس جو سياسي ورڪر تہ تمام گهڻي ڄاڻ رکندڙ آهي، سڄي دنيا جي تاريز، عالمي جنگيون ۽ انھن جا اثر، ملڪي حالتون، معاملا ۽ عالمي حالتن جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ ٿين ٿا. سرڪاري عھدو ماڻڻ هن جو نصب العين نہ آهي. 1989ع ۾ مان جڏهن دهلي آيو هيس تہ مون سان گڏ ڄام ساقي بہ ساڻ هو. اسان ٻنھين کي ڪانگريس جو چونڊيل ميمبر پارليامينٽ شري رامچندر جي، ملايو ويو هو. هن وري اسان کي اڳوڻي صدر گياني زيل سنگهہ سان ملايو. رام چندر جي ستر ٻاهتر سالن جو صحتمند ماڻھو هو. گياني زيل سنگهہ بہ ساڳي عمر جو هو پر نٻل ۽ ڪجهہ بيمار ٿي لڳو. رامچندر جي وٽ هڪ ڀڳل ڍانوپڪ اپ ٽائپ گاڏي هئي. جنھن کي پويان هڊ هو، جنھن ۾ بيلچا، تغاريون ۽ هڪ ڀاڻ جي ٻوري بہ رکيل هئي، گاڏي هڪ خاڪي ڊرائيورن واري يونيفارم سان نوجوان ٿي هلائي. جيڪو معلوم ٿيو تہ رام چندر جي جو ڀائيٽو بہ هو تہ سندس سيڪريٽري بہ هو. اسان کي پارليامينٽ هائوس مان رمچندر جي کڻي هليو هو، اتان جو ميمبر پارليامينٽ اسان جي ايم اين اي جي برابر آهي، هو ڏاڍا سادگي پسند آهن، سادو کائن، سادو پائن ۽ سادو رهن، نہ پيجارو نہ گارڊ اٿن.
گياني ٻڌايو تہ رامچندر جي اندرا گانڌي کان وٺي نرسمارائو تائين منٿون ڪندا رهيا تہ هو هڪ ڀارت جو سينٽرل وزير ٿئي پر هو نہ ٿو مڃي. اسان وائڙا ٿي وياسين، پڇڻ تي ٻڌايائين تہ کيس ڀڳوان سڀ ڪجهہ ڏئي ڇڏيو آهي. سورهن ايڪڙ زمين اٿس. هڪ موٽر سائيڪلن جي ايجنسي بہ اٿس، اهي ٻئي ڪم سندس پٽ ۽ ڀائيٽيا ٿا سنڀالين، نياڻين جون شاديون بہ ڪرائي ڇڏيون اٿائين. هو ان مان خوش هو. اتان جو سياسي ڪلچر اسان کان مختلف آهي. جوتي باسو بنگال جو ست سال وزير اعظم رهيو. آخر ۾ يونائيٽيڊ پارٽين کيس هندوستان جو وزير اعظم ڪرڻ لاءِ مٿس زور ڀريو تہ هو باٿ روم جي دروازي مان ڀڄي ويو، پوءِ سائوٿ جي ديوگوڙا کي وزير اعظم ڪيو ويو، هاڻوڪي وزير اعظم پروفيسر ڊاڪٽر من موهن سنگهہ وٽ آمريڪا، يورپ ۽ جاپان جي ٽوئر لاءِ گرم ڪپڙا ڪونہ هئا. جيڪي کيس پارٽي فنڊ مان ٺھرائي ڏنا ويا، تڏهن هو اوڏانھن ويو. ڪيترا وزير اعظم اهڙا بہ هئا، جن وٽ پنھنجو گهر ڪونہ هو، انھن کي پارٽي فليٽ وٺي ڏنا آهن.
اسان جي ڳوٺ جو هڪ هوٽل جو بيرو ميمبر ڪرايوسين. اان وٽ هڪ وڏي سردار کي شڪست ڏني. ان همراھہ پنھنجي پارٽي ليڊر کي چيو تہ کيس ڪا ننڍي گاڏي وٺي ڏني وڃي. پارٽي ليڊر کيس چيو تہ اسان توکي ميمبر چونڊرايو آهي. باقي گاڏيون وغيرہ تون پيدا ڪر ۽ پارٽي کي بہ ڪمائي ڏي، هن اشارو ملندي ئي اهڙا ڪم ڪيا، جو هن وقت ان وٽ هڪ وڏو محل آهي، جنھن ۾ دبئي مان فرنيچر آڻي رکيو ويو آهي. سندس سڄو خاندان ٺھي پيو آهي ۽ پيداگيري جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيائين ۽ ڊولپمينٽ فنڊن سان اهڙو حشر ڪيائين جو ٻڌائڻ جھڙو ناهي، سڄو عوام ناراض ٿي ويو، باقي پارٽي ۽ ان جي ليڊر کانئنس ڏاڍا خوش آهن. دهلي هڪ پراڻي ۽ ٻي نئين آهي. پراڻي دهلي، جتي لال قلعو، جامع مسجد ۽ چاندني چوڪ وغيرہ آهن. انتھائي سوڙهو، ڳتيل آبادي وارو، غليظ ۽ ڀڳل رستن وارو علائقو آهي. دريا گنج جتي نھر والي حويلي بہ آهي. اتي هڪ سوڙهي گهٽي ۾ اسان جي صاحب صدر جنرل مشرف جو گهر بہ هو، جتي هينئر ڪو هندو رهي ٿو. اسان کي پري کان ڏيکاريو ويو، چاندني چوڪ ۽ لال قلعو آمھون سامھون آهن. چيو وڃي ٿو تہ هڪ مغل بادشاھہ چاندني چوڪ جي هڪ سدا سھاڳڻ تي ايترو تہ فدا هو جو پاڻ قلعي مان هلي ان جي سوڙهي ڏاڪڻ وٽ اچي بيھي رهيو. نازنين کانئس مطالبا ڪيا تہ ”مون تائين پھچڻ کان اڳ ان سوڙهي ڏاڪڻ تي بيٺل منھنجي ڀاءَ جي لانگ وٽان لنگهو“ ”قبول“ بادشاھہ وراڻيو. ”مون سان نڪاح ڪر“ ”قبول“ منھنجي نوڪرياڻي کي قلعي ۾ پيش باندي ڪري رکيو وڃي. ”قبول“ بادشاھہ اهي ٽئي مطالبا مڃيا ۽ نازنين کي قلعي ۾ وٺي آيو. اسان جي ٿر جو بہ هڪ سردار ڪراچي جي نيپئر روڊ واري سدا سھاڳڻين مان هڪڙي جي ڏاڪڻ ۾ ڪري گذاري ويو، خدا شال کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي. (آمين)
باقي نئين دهلي جا رستا نھايت ڪشادا ۽ صاف آهن. وڻ ڪپڻ تي ٽي سال سزا آهي. ان ڪري نئين دهلي سرسبز، ساوڪ، ۽ وڻڪاري سان ٽمٽار آهي. انتھائي خوبصورت علائقو آهي، پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ، صدر جو گهر، وزيرن جا گهر، وزارتون وغيرہ نئين دهلي ۾ آهن. وڏا وڏا ادارا، ڪاليج، اسپتالون نئين دهلي ۾ آهن. گيٽ وي بہ اتي آهي، جتي هزارن ماڻھو چوويھہ ڪلاڪ موجود آهن.