رشيد ڀٽي، شيخ اياز : اڻمٽ يادون
مان فقيرن کان موڪلايو، فقيرن هڪ رات اڳ منھنجي دعوت ڪئي. صبح جو ٽانگي ۾ سامان رکي مون کي پاڻ ڇڏي آيا. ان کان پوءِ نہ وري مان انھن وٽ ويس نہ هو ڪڏهن آيا.
اسان واري جڳھہ هڪ گهٽيءَ ۾ هئي. هيٺ دائود پوٽا بوٽ هائوس وارا پنج ڀائر رهندا هئا ۽ مٿي اسان رهندا هئاسين، ان جڳھہ ۾ نہ بجلي نہ وري پاڻي هيو، سائين هوا لاءِ جهلي هڻائي جيڪا هو شڪارپور مان کڻي آيو ۽ پاڻي پخالي ڀري ويندو هيو. هڪ بورچي بہ رکيوسين. ڏاڪڻ جي ٻاهرين دروازي جي ڪڙي مان تالو ٽپائي ڇڏيندا هئاسين. انھن ڏينھن ۾ امن امان هيو، پر اسان وٽ سواءِ بسترن جي ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ هيو، بھرحال بورچي بہ هيو، جيڪو گهڻو ڪجهہ ڪري ٻاهر ڪونہ ويندو هيو.
رشيد ڀٽي مڪمل مارڪسٽ هيو، مولوي حافظ عبدالحميد جي اولاد هيو. مولوي صاحب جي المنار پرنٽنگ پريس هئي. جنھن مان هفتيوار اخبار نڪرندي هئي. مولوي صاحب جن وٽ جاگيراڻي محلي ۾ ڪافي جايون هيون. جيڪي ڪرائي تي ڏنل هيون. سيروءَ جي چوڪ تي هڪ اناج جي ڪوٺي هئي. اروڙ روڊ تي چانورن جو ڪارخانو بہ هيو، اروڙ ۾ سندن زمينداري بہ هئي. اروڙ ۾ ڪالڪان ديوي جي مندر جي ڀرسان عارب فقير جي درگاھہ آهي. عارب فقير بہ ڀٽي خاندان مان هيو.
انھن سڀني ڳالھين جي باوجود ڀٽي صاحب وارا رهڻي ڪھڻي کاڌي پيتي ۾ سادا هئا، نہ گهڻو ڏيکاءُ نہ گهڻي لٻاڙ، رشيد ڀٽي کرو سچو دوست هيو، نہ ڪوڙ ڳالھائبو ۽ ڪنھن کان متاثر ٿي ڪنھن جي رعب ۾ بہ نہ ايندو، سندس سوچ واضح ۽ صاف هوندي هئي. سندس مطالعو وسيع هيو. ماضي، حال ۽ مستقبل تي گھري نظر هوندي هيس. سنڌ لاءِ عملي جدوجھد ۾ يقين رکندو هيو. سنڌ جي معاملي تي کليل ڪميٽمنٽ هوندي هيس. بھترين نفاذ ۽ افسانا نگار هيو. ڀٽيءَ جي جوڙ جو سنڌ هڪ ٻيو شخص بہ پيدا ڪيو، اهو هيو شيخ حفيظ شيخ حفيظ بہ اٺ ڪتاب پڙهيل هيو ۽ عملي ماڻھو هيو.
تنوير عباسي جيترو شاعر هيو اوترو ئي حليم طبيعت جو مالڪ ۽ سلڇڻو دوست هيو، کيس فارسي تي وڏي پھچ هئي. هو هڪ اسڪالر بہ هيو ان سان گڏ غزل جو بادشاھہ بہ هيو. ابراهيم خليل جو شاعريءَ ۾ شاگرد هيو.
شام جو گهڻو ڪري تنوير، ڀٽي، مان ۽ اياز گڏ هوندا هئاسين. اياز ٻي ڪنھن جا نہ شعر ٻڌندو، پر جي ٻڌندو تہ داد اصل ڪونہ ڏيندو ۽ پنھنجا شعر ٻڌائڻ شروع ٿي ويندو، اڌ رات تائين اياز جا بياض ٻڌي ساڻا ٿي اچي ڪرندا هئاسين.
اياز جو مطالعو ڏاڍو وسيع هو ۽ هو علم جي سمنڊ جي دنيا جو ماڻھو هو، جتان شايد ڪنھن کي سرڪي بہ نصيب ڪانہ ٿي هوندي. اياز پنھنجو ماضي هڪ دفعي اڪيلائپ ۾ مون کي ٻڌايو هو. هن چواڻي سندس والد صاحب ڏاڍو شوقين مزاج ۽ خوش پوش ماڻھو هو، هو جڏهن اياز ۽ سندس ڀيڻ ننڍا هئا تہ گذاري ويو ۽ کين والدہ پاليو، شڪارپور جا شيخ هئا. سندن عزيز شيخ صاحبان ڪابہ مدد نہ ڪئي ۽ هو پنھنجي ڏکن ڏولاون واريون ڪھاڻيون کڻي وڏو ٿيو. ان ڪري شيخ اياز شڪارپور جي شيخ صاحبن سان ڪوبہ تعلق نہ رکڻ چاهيندو هو، هو نہ چاهيندو هو تہ سندس مائٽن مان ڪوبہ سندس در تي اچي ان ڪري هو فقط چند دوستن تائين محدود هو. محترم محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي سندس بھترين ويجها دوست هيا. جن سان اڪيلائيءَ ۾ ڪچھريون ڪندو هيو ۽ اهي بہ کيس منھن تي سڀ ڪجهہ چئي ڏيندا هئا. ۽ ٻہ ٻيا دوست بہ هيس، هڪ مرحوم جمال ابڙو ۽ بعد ۾ رسول بخش پليجو، جمال ابڙو تہ ”هائو هائو“ ڪرڻ وارن مان هو، باقي پليجو اصل کل لاهي اڇليندو هيس.
باقي مان ڀٽي، تنوير ۽ ٻيا تہ اياز جي حاڪميت جا درٻاري هياسين. منھنجي لاءِ اهو ئي ڪافي هو تہ اياز جي صحبت ۾ آهيان.
روزانو اياز وٽ محفل لڳندي هئي. حبيب ﷲ شيخ سندس مائٽ بہ هيو ۽ شاگرد بہ هو، غلام مصطفى شاھہ بھترين دوست ۽ اياز جو وڪالت ۾ پارٽنر بہ هو، علي بخش ميمڻ ۽ شريف خان واحد سؤٽ ماروٽ بہ اتي ايندا هئا. عبدالقادر صديقي وڃايل اٺ وانگي لڏي لمي اچي نڪرندو هو.
علم، ادب، سياست ۽ آخر ۾ اياز جي تازي شاعري ٻڌبي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڄي رات بہ گذري ويندي هئي. اياز جا ٻيا بہ ڪتاب ”ڪلھي پاتم ڪينرو“ ۽ ڪاڪ ڪڪوريا ڪا پڙي“ اچي چڪا هيا. شاھہ صاحب گذر سفر لاءِ ڪجهہ ڪونہ ڏيندو هيو.
مان ميرپور ماٿيلي، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ خيرپور جي ڪورٽن ۾ بسن ۽ ويگنن تي شاھہ صاحب جي طرفان ويندو هيس، ڪڏهن اصيلن کان ڪرايو ملندو هيو، ڪڏهن پنھنجي کيسي مان خرچ ڪرڻو پوندو هيو. سڄو ڏينھن بک تي ڌڪا کائي شام جو موٽي اچي شاھہ صاحب کي رپورٽ ڏيندو هيس.
جيئن تيئن ڪري ڇھہ مھينا ڪڍيم، پوءِ مولا بخش ابڙي سان سندس آفيس ۾ پنھنجي آفيس ٺاهيم، ڪجهہ پئسا، نوراحمد شاھہ ڏنا جيڪو ان وقت قمبر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هيو. مڙئي ڪجهہ فرنيچر ورتم ڪجهہ ڪتاب ورتم.
مولا بخش ابڙو مرحوم نور الدين جتوئي جو ڀيڻيوو هيو، مون کان پنج اٺ سال سينيئر هيو، وڪالت ۾ دلچسپي گهٽ هوندي هيس. اڪثر تبليغي اجتماعن ۾ هوندو هيو. مون کان جيترو پھچندو هو سندس گهر موڪلي ڏيندو هيس. نيٺ سندس گهروارن مون کي چيو تہ مولا بخش ڪو ڪم ڪار نہ ڪندو، ان ڪري مون پنھنجي آفيس الڳ ڪئي. آفيس شريف خان وٺي ڏني. فرنيچر قسطن تي ڀٽيءَ وٺي ڏنو.
ان وقت رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري هيو، هفتيوار گڏجاڻيون ڀٽي جي جاگيراڻي پاڙي واري آفيس ۾ هر ڇنڇر تي ٿينديون هيون. بعد ۾ رشيد ڀٽي مرڪزي سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ مان سکر شاخ جو سيڪريٽري ٿيس. پوءِ گڏجاڻيون منھنجي آفيس تي ٿيڻ لڳيون. ادل سومرو ۽ اياز گل پھريان ڀٽي واري آفيس تي پوءِ مون وٽ ايندا هيا ۽ پنھنجا شعر پڙهندا هئا. شيخ اياز انھن ڳالھين کان مٿانھون هيو.
روح رهاڻ نئين زندگي، مھراڻ ۽ بعد ۾ سھڻي رسالا، باقاعدگيءَ سان ايندا هيا. مان بہ انھن سڀني رسالن ۾ هر مھيني ڇپيو هيس. اياز تہ روح رهاڻ تي ڇانيل هوندو هو.
هاڻي سنڌ جي شاعري سنڌ جي نوجوان نسل جي رڳ رڳ ۾ رچڻ لڳي ۽ ڌرتيءَ جي سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. سنڌي پڙهيل طبقو اهو محسوس ڪرڻ لڳو تہ سنڌين سان پراون سان گڏ پنھنجن بہ ويساھہ گهاتي ڪئي آهي. هي اهو پاڪستان ناهي جيڪو جناح صاحب ٺاهيو هو.
حميد سنڌي جشن روح رهاڻ جي نالي تي هر سال بسنت هال ۾ سنڌ جي سمورن اديبن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، جتي ٽي نشستون ٿينديون هيون. پھرين ۾ افسانا يا مقالا پڙهيا ويندا هيا. ٻي تي مشاعرو ۽ آخر ۾ راڳ رهاڻ.
جشن روح رهاڻ ۾ مقالا توڙي افسانا سنڌ ۽ سنڌين جي اقتصادي، طبقاتي، سياسي ۽ معاشي لٽ ڦر تي علامتي ڪھاڻيون ۽ مضمون پڙهيا ويندا هيا، مشاعرو تہ جنسي باھہ جي اُلن جھڙو هوندو هو.
ان فنڪشن ۾ پھريائين سون پوءِ هزارن جي تعداد ۾ ماڻھو اچڻ لڳا. حيدرآباد ون يونٽ جي خلاف جدوجھد جو مرڪز بڻجندو ويو. ڪابہ سياسي تقرير ڪانہ ٿيندي هئي، پر هئي سياست ٻيو ڪو چارو بہ ڪونہ هيو. سياسي ليڊر تہ سنڌ کان منھن موڙي وڃي لوڀ لالچن جي دنيا ۾ سنڌ جي سينڌ تہ ويٺي وڪيائون پر بازن حوالي ڪري سنڌ جو پر پئي پٽرايائون.
اسان ٻن محاذن تي هياسين. هڪ سياسي ٻيو ادبي سياسي نعپ جي پليٽ فارم تان جنھن ۾ بلوچ پٺاڻ ۽ سنڌي ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ قومپرست سڀ گڏ هئا. اردو دانن مان اسان سان فقط ڪميونسٽ گڏ هئا. پر هنن جو نعرو بہ مزدور يونين لاءِ هوندو هو. هو سنڌ جي هارين جي ڳالھہ ڪرڻ کان لنوائيندا هئا. ”دنيا کے مزدورو ايک هوجاؤ“ تہ چوندا هئا پر ”دنيا کے ہاری و ايک هوجاؤ“ڪرڻ کان لنوائيندا هئا. نہ چوندا هئا. هو ڪسان تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تيار ٿيل ان ۾ سي آر اسلم ۽ ميجر اسلم اسحاق وارا اڳڀرا هئا. پر سائين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ٺاھہ نہ ٿي سگهيو. ڪامريڊ جو چوڻ هو تہ پنجاب ۾ ”ڪسان“ ننڍي زميندار کي چئبو آهي. سنڌ ۾ ”هاري“ معنى جنھن کي ڪابہ زمين ڪانہ هجي ۽ اهو زميندار جو پيڙهيل طبقو آهي ان ڪري ”هاري“ ۽ ”ڪسان“ ٻہ مختلف ”طبقا“ آهن ۽ هڪ نہ ٿا ٿي سگهن.
ٻيو محاذ هو ادبي جيڪو روح رهاڻ ۽ ٻيا سنڌي اديب سنڀاليو ويٺا هئا ان ۾ آخري نشست ۾ قومي گيت جيڪي گهڻو ڪري اياز جا يا ڪڏهن ڪڏهن منھنجا بہ ڳايا ويندا هئا، جيڪي زرينا بلوچ ۽ علڻ فقير معرفت هزارين سنڌين جي اندر ۾ گهڙي سندس ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏيندا هئا.
هينئر جيڪي سرڪاري ۽ درٻاري شاعر ۽ ليکڪ زلف، لال لب ۽ رخسارن ۾ محبوب سان ملاقات لاءِ مشتاق هئا. انھن کان ڌرتي پيرن هيٺان نڪري چڪي سو هو پاڻ وڻائڻ لاءِ قومي ادب جا اردو ترجما ڪري حڪومت کي پھچائڻ لڳا. هڪ وڏو ليکڪ جيڪو ان وقت انفارميشن کاتي ۾ اعلى آفيسر هيو، سو ان ڪم ۾ پيش پيش هو باقي ڪجهہ ٻيا ماڻھو بہ سنڌي اديبن جي هن تحريڪ جي خلاف ظاهر ظھور اچي بيھي رهيا. هڪ اخبار سنڌي اديبن کي ”ڀارتي ايجنٽ، دهريا“ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ لکڻ لڳي. اياز جا شعر ترجمو ڪري پوسٽر ٺھرائي ڀتين تي هنيا ويا. انھن ڏينھن ۾ شمشير الحيدري جشن روح رهاڻ ۾ ”سنڌ وطن جو ڏاهو آهيان، شوق منجهان شمشير سڏايان.“ پڙهيو ۽ ٻي ڏينھن تي سيد سردار علي شاھہ روزاني مھراڻ اخبار جي پھرين صفحي تي ليڊ خبر هنئي ۽ ايڊيٽوريل ۾ حڪومت کي اديبن تي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي.