آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيڪي ياد پيوم

فتاح ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخص آھي. فتاح ملڪ پنھنجي يادگيرين ۾ اھڙا ورق پڻ کوليا آھن جيڪي نہ اعتبار ۾ ايندڙ آھن، خاص ڪري شيخ اياز ۽ ٻين بابت جيڪي اڳ ڍڪيل ھيا. فتاح ملڪ ھن ڪتاب ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين، عوام جي مثالي نمائندن، اسڪولن ۽ مدرسن جي ماحول، گهر ڀاتين، خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن، ون يونٽ جي تحريڪ، نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ، سکر جي اڻمٽ يادن ۽ شخصيتن، غربت ۽ وڪالت جي ڏينھڙن، شاگرد جدوجھد، پرڏيھہ ياترا، ھندستان ۽ چين جي يادن، ڀلي پار جي سفر، سميت ڪيئي يادون شامل ڪيون آھن.

  • 4.5/5.0
  • 148
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فتاح ملڪ
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Jeki Yaad Payom

اعلي تعليم ۽ نوڪري لاءِ جاکوڙ

مون 1961ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو ۽ وڌيڪ پڙهڻ جي آس ۾ حيدرآباد هليو آيس، ڀاءُ اڳ ئي گهر جو خرچ پيو ڏئي ۽ منھنجي ننڍي ڀاءَ عبدالجبار کي ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ داخل ڪرايائين. وري سندس سالو جيڪو پوءِ وائيس چانسلر ٿيو ان جو بار بہ کڻڻ جي سانباهن ۾ هو تہ اچي مان بہ ڪڙڪيس.
ادي پھريائين تہ پنھنجي مجبوري ظاهر ڪئي تہ مون کي پڙهائيءَ جو خرچ نہ ٿو ڏئي سگهي، پوءِ آخر ۾ چيائين ايل ايل بي ۾ داخلا وٺ، ان وقت قانون جي پڙهائي ڏاڍي سخت هئي، جنھن کان مان ڀڄان پيو، مون ايم اي ۾ داخلا جي گذارش ڪئي پر هن چيو تہ وڌ ۾ وڌ هو مون کي هڪ سؤ رپيا مھينو ڏئي سگهندو، جنھن مان ايم اي پڙهڻ مشڪل هو.
فتح محمد ڀٽو جيڪو منھنجو پراڻو يار هو، سو بہ حيدرآباد ۾ لينڊ رڪاڊس ۽ سروي ۾ تپيدار ٿيو هو، کيس پگهارون سال يا ٻن کان پوءِ ملنديون هيون، تيستائين قرض ۽ ٻاڙائن تي گذاريندو هو، ان پنھنجي رهائشگاھہ منھنجي حوالي ڪئي، اها جڳھہ نہ چئجي پر ٽنڊي ولي محمد واري محلي ۾ هڪڙي ڪاٺ جي مڏي جي مٿان ٻن ڪاٺ جي تختن سان جڙيل ڪچي ڇت وارا ڪمرا هئا. هڪ بغير ڇت جي غسل خانو جنھن ۾ هڪ پراڻو مٽيءَ جو مٽ جيڪو ڀري ويندو هو، رکيل هو ۽ هڪ عوامي پائخانو هو، هڪ کٽ جيترو اڱڻ، ڏاڪڻ هر ايندي ويندي لاءِ چوويھہ ڪلاڪ کليل هوندي هئي. ان ۾ اسان ٽي ڄڻا هئاسين. ڪوفتو کائڻ جي دير هوندي هئي، پيٽ جو سور ۽ پيچش جو مرض شروع ٿي ويندو هو. ڇا ڪجي! هڪ ڪوفتو چار آنا، ٻہ مانيون چار آنا هيون. اهو هوٽل بہ فتح محمد جي دريافت هئي.
ڄام ساقي بہ ان دوران اچي مون وٽ ان جڳھہ ۾ رهيو، رات جو گهگهہ اونداهي جي ڪري ڇت کليل ۽ بغير ڪنھن پناھہ جي هئي، چڙهي وڃي سمھندا هئاسين. فتح محمد ۽ سندس ٻيو ساٿي پيارو خان ڪمري ۾ رهيا. باقي اسان وي آءِ پي ڇت تي وڃي ستاسون. ﷲ ﷲ ڪري رات گذاري سون. ڄام مون وٽ ٿر جي سوکڙي ڇانھان کڻي آيو هو، ڄام جمال رند جي دريافت هو ۽ ان جا سلام کڻي آيو هو.
مون ايل ايل بي کان بچڻ خاطر نوڪري جي ڳولا شروع ڪري ڏني، آخر ۾ ڪنھن دوست جي معرفت لاهور ۾ هڪڙي کاتي ۾ يارهين گريڊ جي نوڪري ملي وئي. رفيق شاھہ موسوي جيڪو اصل ۾ پراڻي سکر جي موسوي خاندان جو سيد زادو هو، اهو بہ اتي دوست ٿي ويو. ان کي بہ ساڳي نوڪري ملي وئي ۽ اهو انٽرويو حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ آرڊر بہ اتي مليو.
ڀاءُ لاهور وڃڻ لاءِ ٻہ سؤ رپيا ڏنا ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. مان ۽ رفيق شاھہ لاهور ۾ سائين جواد حسين شاھہ موسوي وٽ جيڪو اتي فنانس ۾ آفيسر هو، اچي رهياسون. سائين چوبرجي، پونچ هائوس جي اسٽاف ڪالوني ۾ رهندو هو.
سائين صبح جو نماز کان پوءِ ڪلام پاڪ ۽ لطيف جي رسالي جو باقاعدگيءَ سان دور ڪندو هو، اصولن جو پابند هو، مانيءَ جي وقت تي نہ پھتاسين تہ بورچيخانو بند.
سائين اسان کي اچرج مان ڏٺو ۽ معنى خيز مرڪ سان چيائين ”بابا هي توهان کي نوڪري ڪرڻ ڪونہ ڏيندا، سٺو اٿو تہ لاهور گهمي گهر هليا وڃو“ ٿيو بہ اهو ٻن ڏينھن کان پوءِ اسان کي اهو چئي ڪڍيو ويو تہ ”آرڊر صحيح ڪونہ ٿيا آهن، اوهان کي ٻيھر گهرائينداسون.“
اسان بي آبرو ٿي انارڪلي، بانو بازار ۽ ٻيون بازارون گهمي ورتيون، سنڌي فلم ايڪٽر ساقيءَ سان ملياسين مسرت نذير جي گهر ۾ لوڻ واري چانھہ پيتي سين، ايس گل سان ملي مفت جون فلمون ڏٺيون سين. Ben Hur فلم اسان اتي ڏٺي، گهمي ڦري حيدرآباد واپس آياسين.
مون مجبورن ڀاءُ جو چيو مڃيندي حيدرآباد لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ اتي رهڻ لڳس، سکر ۾ بہ لا ڪاليج هو ۽ ان وقت پرنسيپال مظھر علي شاھہ ايڊميشن ڪانہ ڏني. جو مون کي ان وقت پينٽ شرٽ پھريل ڪونہ هئي، هئي ڪانہ تہ پھريان وري ڪٿان ها؟
منير علوي، منھنجي دوست اقبال علوي جو مائٽ مون وٽ آيو ۽ مون کي عبداللطيف چنو جيڪو فردوس هوٽل مٿان خانگي هاسٽل ۾ رهندو هو ان سان گڏ رهڻ لاءِ چيائين، عبداللطيف چنو شڪارپور جي هڪڙي پوسٽ ماسٽر جو فرزند هو، ان کي بہ وڌيڪ علم پرائڻ جو شوق هت آندو هو. ايم اي ايڪانامڪس جي داخلا لاءِ ابڙو صاحب سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر جي مدد سان بغير في ڀرڻ جي داخلا ورتي هئائين. هاڪي جو رانديگر هو، ان ڪري في بہ معاف ٿي ويس، ڪتاب لائبريري جا پڙهندو هو، ڪمري جو ڪرايو ويھہ رپيا هو، ٻئي اڌو اڌ ڪندا هئاسين، مان اتي شفٽ ٿي آيس.
ماني مولى تي هئي، يعني گرومندر واري سنڌي پرائمري استادن واري هاسٽل ۾ عبداللطيف ڪڏهن پنھنجو ڪڏهن منھنجو نالو لکرائي ايندو هو، اتي ماني گهڻي ملندي هئي. هڪ سبزي يا دال چانور جن ۾ چانور گهٽ پٿر گهڻا ۽ واريءَ سان ڀريل اٽي واريون جام مانيون. ٿورن پئسن ۾ ملنديون هيون. جيل جي ماني مان سمجهان ٿو هن ماني کان بھتر هوندي، ويچارا غريب استاد اها ماني کائيندا هئا. اسان ٻئي ڄڻا بہ کائيندا هئاسين. اها فردوس هاسٽل قلعي جي ڀرسان هئي ۽ هڪڙي ميمڻ صاحب جي هئي، جنھن کي جوا کيڏڻ جو ڏاڍو شوق هو، اهو پوءِ وڪيل ۽ هينئر سيشن جج جي پوزيشن ۾ رٽائر ٿيو آهي.
سٺي ماني ڪڏهن رفيق شاھہ موسوي وٽ ملندي هئي، جيڪو گاڏي کاتي ۾ رهندو هو، سندس محلي ۾ مسٽر حامد علي مرزا جيڪو ان وقت وڪيل بہ هو، رهندو هو، اهو بہ ماني گهران کڻي ايندو هو ۽ گڏجي کائيندا هئاسين تہ منھنجي حامد مرزا ڏانھن هڪ زبردست ميار رهيل آهي ٿيو هينئن تہ حامد مرزا پنھنجي شاديءَ جو سڏ مون کي بہ ڏنو، مان ڏاڍو خوش ٿيس تہ هڪ دوست جي شادي ٻيو شادي جي سٺي ماني ملندي ۽ هڪ ڏينھن ميس مان جان ڇٽندي پر حامد هڪ شربت جو گلاس ۽ ٻہ لڏون کارايا، مانيءَ جو نانءُ نشان ڪونہ هجي. چي بابا! ايوب خان خان شادي ۾ ماني کارائڻ تي بندش وجهي ڇڏي آهي اهو سارو ڏهاڙو بکيو رهڻو پيو، فردوس هاسٽل ۾ مون سان ڪجهہ وقت لاءِ لالا عبدالرحيم، جيڪو هينئر ڊاڪٽر عبدالرحيم آهي ۽ وائيس چانسلر رهيو آهي.“ رهيو هن بي ايس سي ۾ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هئي. عبدالرحيم جي عبداللطيف سان نہ لڳندي هئي ۽ هو هن کي تنگ ڪندو رهندو هو، عبداللطيف ڪٿان اڌاري بالٽي آڻي ان ۾ گرم ڪرڻ واري راڊ ڪنھن کان وٺي وجهندو تہ عبدالرحيم مين سوئچ بجلي جو بند ڪري ايندو هو ۽ لطيف کي ٿڌي پاڻي سان تڙ ڪرڻو پوندو، آخر هڪ ڏينھن اهو مالڪ مڪان ميمڻ ۽ ڪجهہ ٻيا همراھہ جوئا ۾ شرط رکي ويٺا تہ جيڪو هارائيندو اهو سڀني کي فلم ڏيکاريندو ان وقت واحد تفريح سئنيما هئي، سو لطيف جو عبدالرحيم چشمو گم ڪري ڇڏيو، سڀ فلم ڏسڻ ويا، لطيف چشمي کان سواءِ فلم ڏسڻ کان رهجي ويو، وڏو گند ٿيو ۽ فيصلو بہ عبداللطيف جي خلاف ٿيو ۽ کيس ڏنڊ ۾ موڪل واري ڏينھن اسان کي ٿاڌل (ڀنگ) پيارڻي پئي، سا بہ لطيف وٺي آيو ۽ ڏنڊو ڪونڊو ۽ گهوٽڻ لاءِ موالي بہ وٺي آيو ۽ پاڻ گم ٿي ويو ٿاڌل پيئندا وياسين اچي الٽيون ۽ پوءِ دست شروع ٿي ويا لطيف ٿاڌل ۾ جمال گهوٽو وجهي آيو هو، عبدالرحيم ۽ مان ٽي چار ڏينھن خراب حالت ۾ هئاسين ۽ مري مري بچياسين، مواليءَ جي حال جي خبر ڪانہ آهي.
عبدالرحيم هيءُ هاسٽل ڇڏي ڄامشورو واري نئين هاسٽل هليو ويو ۽ مان ڀرسان گڊس ناڪي وٽ ٻي هاسٽل ۾ اچي رهيس ان ۾ هئا ئي ڪل اٺ ڪمرا. هڪ ۾ مان ۽ لطيف، هڪ ۾ انور کوکر، جيڪو هينئر رٽائرڊ آفيسر آهي. هڪ ۾ الھہ بچايو لغاري، جيڪو بعد ۾ چيف منسٽر جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيو ۽ هڪڙي ڪمري ۾ غلام اڪبر مھر رهندو هو، باقي هڪ ڪمري ۾ ڪو ٻيو همراھہ هو، جنھن جو نالو ياد نہ ٿو اچي.
مان لا ڪاليج ۾ گهٽ، يونيورسٽي جيڪا ان وقت شھر ۾ هئي، ان ۾ وڌيڪ گذاريندو هيس، اتي جمال رند، ابراهيم شاھہ حميد سنڌي، غياث جوڻيجو ۽ ٻيا ڪافي دوست گڏ ٿي علم، ادب ۽ ون يونٽ جي باري ۾ آهستي آهستي ڳالھائيندا هئاسين.
جمال رند مون کي مرحوم محمد عمر ميمڻ جيڪو ان وقت پروفيسر هو، سان ملايو اتي محمد حسن ڀٽو بہ ايندو هو، هن هڪ پمفليٽ لکيو، جنھن جو نالو ”سجاڳي سلسلو“ رکيو ويو، ان جي ڇپائڻ جي خرچ جو ذمو جمال رند کنيو، جيڪو ان وقت پبلڪ اسڪول ۾ استاد هو، اهو فيصلو ٿيو تہ جمال پنھنجي پگهار ڏيندو پوءِ آهستي آهستي اها پمفليٽ وڪڻي جمال کي پيسا ڏبا مسئلو هي هو تہ هيڏين بندشن ۾ اهو پمفليٽ ڇپيندي ڪھڙي پريس ۽ ورهائيندو ڪير؟ آخر ڇپرائڻ جو ذمو سليم خواجہ ڪراچي مان کنيو، باقي ورهائڻ لاءِ ڪافي دوستن هام ڀري.