زندگيءَ جا رنگ
”ڀلي بک ڀرم جي، شل نہ وڃي شان“ جو قائل پنھنجي صلاحيتن کي وڪرو نہ ڪيائين. مفت ۾ اسڪولن کي تصويرون ڏئي ڇڏيائين. ڪاظمي صاحب جي ميوزم لاءِ ڪجهہ تصويرون کانئس وٺي ويو هو، پوءِ هنيائين يا نہ سڄو شھر عزت ڪندو اٿس. سندس هڪڙو پٽ ثناءُ ﷲ منھنجو نياڻو آهي، ٻہ آمريڪا ۾ اٿس.
ٻيو عبدالغفار جيڪو انجنيئر ٿي رٽائرڊ ٿيو آهي، هي اسان جو ان داتا آهي. اڄ بہ انجنيئر کانئس صلاح مشورا وٺندا آهن. انگريزي ۽ ادب جي سٺي ڄاڻ اٿس. سندس اولاد بہ ٺيڪ ٺاڪ ۽ تعليم يافتہ آهي. هڪڙو هالينڊ مان سئٽلائيٽ سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آيو، هتان جي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن پگهارون بند ڪري ڪري نيٺ ڀڄائي ڪڍيس ۽ هن وقت ڪئناڊا ۾ آهي، انھن کي مفت ۾ هڪ تعليمي ماهر ۽ سائنسدان ملي ويو.
ٽيون ڊاڪٽر عبالجبار جيڪو مون کان عمر ۾ ننڍو آهي ۽ ٽنڊي ڄام جي يونيورسٽي مان ڊائريڪٽر آف ايڊوانس اسٽڊيز جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو آهي. سٺو سائنسدان آهي پنھنجي شعبي ۾ ماهر آهي، سندس بہ ڪافي شاگرد آهن، جن کي هن ڊاڪٽريٽ ڪرائي آهي، هينئر ڪراچيءَ ۾ هڪ ننڍڙي فليٽ ۾ واندو ويٺو آهي. سندس اولاد بہ ٺيڪ ٺاڪ آهي.
ٻہ ننڍا ڀائر، بہ سٺي پوزيشن ۾ رٽائر ٿي گهرن ۾ ٿا موجون ڪن، باقي مان وڪالت ۾ پيو ٿو وڃان نالو ڪڍان، جتي وقت ڪٽجي نہ ٿو عمر گهٽجي نہ ٿي. فتح محمد ڀٽي واري وي آءِ پي هائوس ۾ بجلي ڪانہ هئي. جيئن تہ مون کي قانون پڙهڻو هو، ان ان ڪري ڀروارو ڪمرو فتح محمد منھنجي حوالي ڪيو، مان بازار مان هڪ ٽوئن جي تونئري وٺي آيس ۽ هڪ گاسليٽ تي ٻرڻ واري ٽيبل ليمپ، ڪمرو سجائي تونئري تي هنڌ وڇائي ويٺس. پڙهائي جي تياري ڪرڻ فتح محمد ان ڳالھہ جو ذمو کنيو تہ مون کي ڊسٽرب نہ ڪيو ويندو.
طوفان سان اوچتو اچي برسات ڪڙڪو ڪيو، سمورو سامان ان اڪيلي کٽ تي رکي ويھي رهياسين. ڪمري جي ڪاٺي وارن تختن جي وٿين مان سڄو برسات جو پاڻي اندر پيو اچي. قدرت کي مون واري تياري قبول ڪانہ پئي ۽ هر شيءِ پاڻي ۾ پسي وئي.
هاڻي اهو فيصلو ٿيو تہ مان ڪنھن هاسٽل وغيرہ ۾ شفٽ ٿيان ۽ پڙهائي ڪيان، پر جيئن تہ لا ڪاليجن کي هاسٽل هوندي ئي نہ آهي، ان ڪري ڪا پرائيويٽ هاسٽل ڳولڻ لڳاسين.
ان وچ ۾ اسان جي ڀاءُ منھنجي حوالي هڪ ٻيو ڪم ڪيو، اهو هو زمينداري جيڪا مان ڄاڻندو ئي ڪونہ هيس.
ٿرپارڪر جي ڊگهڙي تعلقي ۾ مير بندہ علي جي ڇڏيل زمين ايوب خان وارو لينڊ رفارمز وقت هارين ۾ ورهايل ڪجهہ زمين جيڪا اٽڪل ڏيڍ يا ٻہ سؤ کن ايڪڙ هئي. ادي مقاطعي تي ورتي هئي ۽ مون کي ان جي سنڀال لاءِ ڪجهہ وقت لاءِ جيستائين ڪو حيدرآباد ۾ مناسب رهڻ جو انتظام ٿئي، مقرر ڪيو ويو، ڊگهڙي شھر ۾ هڪ ٺاهوڪي جڳھہ ڪرائي تي ورتي سون، ميرن جا مشھور شيدي بورچي رکياسون. زمين تي ڪچا ڪمرا ۽ لانڍيون ٺاهيوسين ۽ مان وڃي اتي زمين تي رهيس.
هاري گهڻي ڀاڱي ڪولھي ۽ مسلمان خاصخيلي ذات جا هئا. هي علائقو نھايت امن پسند ماڻھن جو آهي، نہ ڪا شيءِ کائبي، نہ هنن کي ڪنھن شيءِ کي هٿ لائڻ ڏبو، بلڪل فضيلت وارا ماڻھو ڪولھي سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو آهن.
فقط هڪ معاملو هو تہ مسلمان هاري ويھي کٽ تي ۽ ڪولھي ويھي پٽ تي. ڪولھيءَ جي هٿ جي ڪابہ شيءِ ڪانہ کائبي. نہ هنن کي ڪنھن شيءِ کي هٿ لائڻ ڏبو، بلڪل اڇوت ڪري هلائبو. ڪولھين اسان جي آجياڻي جي لاءِ مسلمانن کان نئين ڇپري ٺھرائي. مسلمانن کان کٽ ۽ رلي وٺي وڃي ويھاريائون. مسلمانن کان چانھہ ٺھرائي ڪيٽلي چانھہ جي لٺ ۾ لڙڪائي کڻي آيا ۽ مسلمانڪو ڪوپ مسلمان رکيو. مون کي هيءَ سڄي ڳالھہ نہ پئي وڻي. مون ڏٺو ڪولھي مسلمانن کان وڌيڪ غريب، مظلوم ۽ هن سماج جا پيڙهيل هئا.
باقي ڪولھين جي عورتن تي سڀني جي بکي نظر پئي هئي. اتي ڇوت ڇات، نفرت وغيرہ ڪانہ هئي. هر ڏاڍائي مسلمان ڪولھين سان ٿا ڪن. ڪولھين جون لڄون لٽڻ، نہ فقط عياشي پر پُروقار شوق هو. هنن جي ٻارن جو اسڪول ۾ وڃڻ بند. هن پياري پاڪستان ۾ هيڏي ساري زيادتي هڪ بدنما داغ آهي. نہ روڊ نہ رستا، نہ بجلي نہ پاڻي، انتھائي ڊنل ڊنل هيسيل هيسيل، اکيون اندر پنھنجو پاڻ اچي زمين تي ويھي رهندا جيڪي چوندو اهو ڪندا.
اسان اتي هڪ دڪان سيڌي وغيرہ لاءِ ٺھرائي راوت ڪولھي جي حوالي ڪيو، هڪ لانڍي ٺھرائي ان ۾ ڪولھين جو مندر آباد ڪيو، ديوتائن لاءِ کير هجڻ بہ ضروري هو، سو ٻڪري وٺي ڏني سون، مون پنھنجي ماني پچائڻ لاءِ هڪ ڪولھيءَ کي بورچي ڪري رکيو، رات جو ڪولھين جي گهرن ۾ وڃي هنن جا يڪاتارن تي ڪيرتڻ ٻڌندو هيس. جن تي ڪولھڻيون ڏاڍو سٺو ڊانس ڪنديون هيون. مون فقط مذهب ڪونہ مٽايو، باقي گهڻي ڀاڱي ڪولھي ٿي ويو هيس. سڀني جي محنتن سان سموري زمين آباد ٿي وئي، جنھن ۾ ڪمند ۽ ڪپھہ مکيہ فصل پوکيا ويا ۽ وونئڻن جو هڪ فصل کنيوسين. باقي سڄي جھان ۾ ترجي زميندار ۾ هُوهوا ٿي وئي تہ ننڍو ملڪ صاحب يعني ”مان“ ڪنھن اڻ وڻندڙ ڳالھہ ۾ ڦاسي پيو آهيان. مسلمانن اوطاق تي اچڻ وڃڻ ڍرو ڪري ڇڏيو تہ هتي پليد پاڻي پيئڻو پوندو. بھرحال ڀاءَ منھنجي دليلن کي ٻڌو ۽ ڪجهہ تنبيھہ ڪجهہ حالات ۽ ماحول مطابق هلڻ لاءِ چئي هليو ويو. اسان سموري پونجي ان ئي زمين تي لڳائي ڪافي قرض بہ کنيوسين. ڪمند ٽنڊي محمد خان کنڊ جي ڪارخاني کي ڏيندا هئاسين ۽ ڦٽيون ڊگهڙي واري فيڪٽري کي.
انسان جي من ۾ هڪڙي خدا جي من ۾ ٻي هڪڙي ڏينھن اوچتو هوائون بند ٿي ويون ۽ گرمي ۽ گهٽ ٿيڻ لڳي. ڪلاڪ ٻن کان پوءِ اوڀر کان آسمان ڳاڙهو ٿيڻ لڳو ۽ هڪ خوفناڪ آواز آسمان مان اچڻ شروع ٿي ويو. ”ماڪڙ ڙي ماڪڙ“ سڀني هارين کان دانھون نڪري ويون. سڀ ويچارا پورهيت هندو توڙي مسلمان هن هيڏي وڏي قدر تي آفت کي بيوسي سان نھارڻ لڳا. ماڪڙ سج کي بہ ڍڪي ڇڏيو. بلڪل ڏينھن جي روشني ڪجهہ وقت لاءِ غائب ٿي وئي. نيٺ هي آفت اچي لٿي فصلن تي ٻہ ڏينھن ٻہ راتيون اتي ماڪڙ لٿل هئي. غريبن اوڇنگارون ڏئي پيا روئن، ڦٽيون تہ کائي وئي پر ڪمند کي بہ ڪافي نقصان رسيو.
اسان بہ لٽجي وياسين پر هنن غريبن کي قرض طور بہ ڪجهہ بہ نہ پيو ملي، ڇاڪاڻ جو فصل جو آسرو بہ ختم ٿي ويو. مون وٽ مڪئي جو مڻ ڏيڍ هو، جيڪو فقط هڪڙي ضرورتمند کي ڏئي ڇڏيم، غريبن پنھنجا ڇلا، منڊيون ۽ ڪجهہ ڳائو ماهيو ٿي وڪيو ۽ گذران پئي ڪيو اسان اتان ٽپڙ ويڙهي هليا آياسي.